سراج مرحوم نورالدين سرڪيءَ سان ايترو ويجهو رهيو آهيان جو اهو ياد ئي نٿو اچي ته هن سان ڪڏهن ڏيٺ ويٺ ٿي. البت ايترو ياد پوي ٿو ته اسان جي ملاقات، ڪافي آڳاٽي آهي ۽ وڪالت شروع ڪرڻ کان گهڻو اڳ سنڌي ادب جي حوالي سان ٿي هئي. هي اهو زمانو آهي جڏهن آءُ سنڌي ادبي بورڊ سان واڳيل هئس ۽ اسان ٻنهي جو پيارو دوست، محمد ابراهيم جويو، ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هو ۽ آءٌ سندس ماتحت اسسٽنٽ سيڪريٽري هوس. ابراهيم جويو سنڌي ادب جو هڪڙو وڏو نالو ته آهي ئي، پر هن جي هڪ ٻي سڃاڻپ کاٻي ڌر جي حوالي سان به آهي. هو نه رڳو هڪ بنيادي مارڪسسٽ لڏي سان لاڳاپيل ڪارڪن هو، پر ايم اين راءُ جي پوئلڳ پانڌيئڙن مان به هڪ اهم عقيدتمند هو. منهنجو هن سان ڳانڍاپو سنڌي ادب، مارڪسزم ۽ رائسٽ طرف لاڙو ۽ رجحان هئڻ جي ڪري هو. ان وقت (1955 کان شروع ٿيندڙ ڏهن سالن جي عرصي ۾) جن ليننسٽ ۽ خاص ڪري مارڪسسٽ لڏي ۾ سوڀو گيانچنداڻي، پوهومل، موتيرام، جمال صديقي، شيخ اياز، رشيد ڀٽي، نورالدين سرڪي وغيره شامل هئا. (بدقسمتيءَ سان هن وقت ان لڏي جا فقط ٻه ماڻهو ابراهيم جويو ۽ سوڀو گيانچنداڻي زنده آهن، شل اڃا ڪجهه سال اسان جو ساٿ نه ڇڏين!) ابراهيم جوئي سان منهنجي ۽ سرڪي صاحب جي گهري دوستي هئي. ادبي گڏجاڻين ۾ سرڪي مرحوم سان ملاقاتون ٿينديون هيون ۽ هن مون کي سندس علم ۽ ڪمٽمينٽ (commitment)متاثر ڪيو. هن جو ادبي تحريرن، شعر، ڪهاڻي يا مضمونن تي تبصرو ۽ تنقيد ايتري تيز ۽ گهري نظر واري هوندي هئي جو مون جهڙو سيکڙاٽ، اعتبار کان وڌيڪ متاثر ٿئي ته عجب نه ٿيڻ گهرجي. اهڙي هڪڙي گڏجاڻيءَ ۾ سنڌ جي ڪلاسي ڪي ادب ۽ شاعري تي محفل ۾ سرڪي صاحب ڀٽائيءَ جو هيٺيون بيت پڙهيو: مون کي مون پِريَن، ٻَڌي وڌو ٻَارِ ۾، اُڀا ايئن چون، مَڇُڻ پاند پُسائين! ان تي وڏو بحث ٿيو. جڏهن سرڪي صاحب جو وارو آيو تڏهن هن چيو ته سنڌ تي تصوف جو جمالياتي اثر ايترو گهرو ۽ گهڻ پاسائون آهي جو ان کي عالمي انسان دوستيءَ کان الڳ رکي نٿو سگهجي. هن اڳتي وڌندي چيو ته اهو ساڳيو شعر فارسي شاعرن مختلف رنگن ۾ چيو آهي مثلاََََََ: در قحر دريا، تخته بندم ڪردئي! بازمي گوئي، دامن تر مَ ڪُن، هشار باش! (تو دريا جي سير ۾، تختي سان ٻڌي، مونکي وجهي ڇڏيو آهي. مٿان وري اهو حڪم به ڏنو اٿئي ته پلاند يا دامن آلو نه ٿئي، هشار ٿي!) ان هڪڙي مثال منجهان ڏسو ته هن جو مطالعو ڪيڏو نه وسيع هو. ادبي بورڊ جي “مهراڻ” رسالي لاءِ جويي صاحب ۽ مون ڪوششون ڪيون ته سنڌي عورتون به اديب هجڻ جي حوالي سان مهراڻ لاءِ لکن. ان سلسلي ۾ هن جمال صديقي جي همشيره ادي شمس کي لکڻ تي آماده ڪيو ۽ هن ڪيتريون خوبصورت ڪهاڻيون لکي ڏيکاريون.ا براهيم جويي هڪڙي ٻي ڪاوش اها ڪئي ته هن ادي شمس جو سرڪي صاحب سان رشتو طئي ڪرايو. جڏهن هنن جي شادي ٿي، تڏهن ڄاڃين ۾ مان به شامل هوس! اڄ سرڪي صاحب کي مرحوم لکندي قلم ڪنبي رهيو آهي. هاءِ ڪورٽ بار ۾ تقريباََ روزانو ملڻ ٿيندو هو، ۽ پوءِ ٽهڪن مٿان ٽهڪ هوندا هئا. فوجداري قانون (Criminal Law) جو هو وڏو ڄاڻو هو پر ڪوشش ڪندو هو ته بار روم ۾ قانون بدران ادبي گفتگو ٿيندي رهي. سنڌ جي نئين ٽهيءَ جا اديب هن سان ملڻ لاءِ ايندا هئا ۽ هو کين سٺيون صلاحون ڏيندو هو. هن پنهنجي پُٽ، شهاب سرڪيءَ کي سٺي قانوني تربيت ڏني ۽ شهاب پاڻ به هڪ سٺي محنتي وڪيل طور نالو ڪمايو آهي. پر سرڪي صاحب سڀني کي اُداس ڪري هليو ويو! اڄ نه اوطاقن ۾ ، طالب تنوارين آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين جي جيءَ کي جيارين، لاهوتي لڏي ويا. جوڳيءَ تي جڙاءٌ، نسوروئي نينهن جو، پتنگن جيان پيدا ٿيو، سامي سج وڙاءُ، آيو ڪاڪ تڙاءُ، ڪنوارين ڪڪوريو شاهه لطيف