ادب دوست

'سنڌي ادب' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏14 سيپٽمبر 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    حميد سنڌي



    سنڌ جي سرزمين عجيب آهي!.. هتي سر نسريا ئي نه آهن ته ماڻهن جي پوک مالڪ لڻڻ شروع ڪئي. هيل چيٽ ڪتي هڪ ڪري ڇڏيائين. منهنجو ڀاڻيجو عامر عزيز، عمر ڪا 38 -39 سال، ڪمپيوٽر جو استاد ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق، شاعريءَ سان به شغف – نه ٻڌايائين، نه وري سندس امڙ چواڻي ته ساڻس به ڪي ويهي احوال ڪيائين (هاڻ ايڊمنسٽريٽر هاسٽلز) ڏينهن رات رڌل رهيو ۽ هڪ ڏينهن الله توهار کڻي ڪيائين. پويان معصومڙا ٽي ٻار، ماءُ ۽ گهر واري ڇڏي روانو ٿي ويو! مان ته عامر جو ڄم به سنڀران، منهنجن هٿن ۾ وڏو ٿيو. علم جو شوق ايترو جو ڊزن کن ته ڊگريون هيس. مون کي صدمو اهڙو آيو جو جيڪا شيءِ کڻان سا هٿ مان ڇڏائجي وڃي! هٿ اڃا پيا ڏڪن. ڳالهائڻ چچرجي وڃي! هوڏانهن ماڻهن جي پوک وڃي لڻبي. سرڪي سنڌ جو هڪ بهادر، پڪو پختو ماڻهو، لُڻجڻ جهڙو ته هو ئي ڪونه. رشيد ڀٽي وارن جي فڪري قبيلي جو ماڻهو، جيئن رشيد هر ڀيري ملڪ الموت کي آڱوٺو ڏئي ڀڄي ايندو هو. نورالدين سڄو ڏينهن کلڻ وارو ماڻهو، ٿي سگهي ٿو ملائڪ ايندا هجنس ۽ هيءُ کين کلندي ٽاري ڇڏيندو هجي، يا اسان يارن جي ڪچهريءَ ۾ ويهي گهومتي ڏئي ايندو هجي. “يارحميد! ڪاٿي آن، ويهه ڀلا، لنچ ۾ ڇا هلندو ، برياني يا چڪن بروسٽ، ڀلا کڻي چڪن روسٽ ٿا کائون.” نورالدين جي آدرڀاءُ اها ٿي ۽ پوءِ آرڊر موڪلي ڏيندو. هاڻ هلندي ڪچهري. ڪيترائي سندس چاهيندڙ ۽ ڪتابن جا عاشق سندس علم جي بحر مان نڪتا چڳڻ لاءِ حيران پريشان ويٺا هوندا هئا. کيس ۽ مون کي پريشان ڪرڻ لاءِ هوندو هو اسان جو يار “سليم ٻوڙو” اسان جون رڙيون، پر نورالدين سڪون سان ڳالهائيندو ۽ چوندو، “هيءُ سمجهڻ واري ڳالهه پاڻهي ٻڌندؤ ۽ سمجهندؤ ٻي ڳالهه کي ڊرت به نه ڪندو.” پوءِ وڏا ٽهڪ ڏئي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندو ويندو، “ ڀلا حيدرآباد جي ڏي خبر....” مون سان مخاطب ٿيندو. ائين ڪيئن ڳالهيون چرنديون وينديون. هيءُ آهي ڪامريڊ نورالدين سرڪي اصل ويٺل علم ۽ ادب جي ديس شڪارپور جو. سندس گهر واري شمس صديقي به شڪارپور جي صديقي خاندان جو هڪ وڏو حصو هئي. ٻئي گڏيا ته ٻوليءَ ۽ علم ادب جو جبل بڻجي پيا. منهنجي آڏو اهو نظارو ٿو اچي، جڏهن ٻئي پهرين “جشن روح رهاڻ” ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڪراچيءَ کان اچي سهڙيا. هاڻ شمس اسٽيج تي افساني جي نشست جي صدر طور ويٺي ۽ صدارتي ٻول ٻوليائين ته محفل گل و گلزار ٿي پيئي. هوڏانهن نورالدين ويچارو پنهنجي ننڍڙي کي کنيو پيو هال ۾ ڦري. سندس ڪن ۽ من محفل ۾ هجي. وري جو محفل ۾ اياز آيو ته ننڍڙي سندس هنج ۾ سمهي پيئي. پر ٻنهي اياز کي ويٺي ٻڌو. “هيءَ سئن نه ڏيندي چين....” سرڪي قديم جڳ کان سنڌي ٻولي ۽ ادب سان پاڻ کي سلهاڙيل رکيو. سنڌي ادبي سنگت جي انهن بنياد وجهندڙن مان هڪ هيو جن ادب لاءِ پاڻ موکيو. تاوز جڏهن سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ وارن کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ چئن پنجن ڄڻن جي ميڙ ۾ عقيدت جا گل آڇيا ته سنگت جا نسل در نسل ڪيترا پراڻا اسان پارا ميمبر ۽ ڪجهه ٻيا ويجهو ٿي ويٺا هياسين. هاڻ اُنهن کي سڏڻ کان لاچار ٿي وياسون.هاڻ ته سرڪي ۽ ڪجهه اهڙن دوستن کي سڏ ي ميڙاڪو ڪوٺائڻ ڪيڏو نه ڏور ٿو ڀانيان. اُنهن سڏن کان هنن پري ڪري ڇڏيو. سنگت جو اهو تعزيتي ميڙ ڪيڏو نه اوپرو هو! اسان “بزم روح رهاڻ” جو تعزيتي ميڙ ڪري ڇڏيو. ادا نورالدين! تون اسان کان ڏور ناهين. مان تنهنجي تعزيت تي نه اچي سگهيس. جو منهنجي گهر ۾ پنهنجي سڳي ڀاڻيجي جي ميت کي ڪاڏي ڪيون ها. شهاب! ....... ادي شمس!...... اسين ڪيئن ٿا پنهنجي نورالدين کي وساري سگهون. نورالدين علم و ادب ۽ ڪتابن جو مينار! کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ هڪ ڪتاب لکڻ جو هڪ اعلان ڪافي نه آهي، پر کوڙ ڪتاب به ٿورا هوندا. نورالدين جي ياد ۾ ڪيترائي ميڙ ڪوٺائجن ته به ٿورا آهن. رڳو اُهي خلوص دل سان هجن.(ٽه ماهي مهراڻ جي ٿورن سان)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو