شائسته سرڪي منهنجي محترم بابا جي حياتي مون لاءِ جرڪندڙ جوت جيان هئي ؛ جنهن اندر منهنجي لاءِ ٻل، دوستاڻا ۽ راهنمائي جا سدا روشن ڪرڻا ٻهه ٻهه ڪندا هئا. آءٌ پنهنجي بابا لائه هميشه واجهائيندي رهندي هئس، سندس موجودگي مون لاءِ ڪنهن ڄڍڇانءَ دار سدا ڦهلجندڙ وڻ جيان هئي جنهن جو واس منهنجي لونءَ لونءَ ۾ سمائجي مون اندر ساڃاهه ، نيڪي ۽ سچاين جو بي پناهه املهه خزانو اوتيندو رهندو هو. سندس اوچتي جدائي مونکي ڄڻ اداسائي ، ڀوڳڻا ، ۽ ڏک جو نستو پتلو بڻائي ڇڏيو آهي- غم جي ڀوڳڻا ۾ رڱيل هي “ لفظ ” دلي پيڙا ۽ ذهني درد جي گهراين مان نروار ٿي رهيا آهن؛ ڇو جو ايئن پيو لڳيم ته مون لئه ڄڻ جيون جوت ٻجهي وئي هجي . جيتوڻيڪ انسان جسماني طور پنهنجي پيڙهه ۽ پاڙن کان ڇڄي ڌار ٿي وڃي ٿو، پر روحاني، حساسي ۽ احساسي طور ، هو انهن سان ايئن جڙيل رهي ٿو جيئن روح ۽ عالم الارواح. ڪڙو منجهه ڪڙي ، مون سين لال لپيٽيو . تيئن بابا جون جڙون به “سنڌ سونهاري” اندر ايئن جڳن کان کُتَلَ هنيون . هُن کي هِن ’ڌرتي ماءُ‘ سان هُڳاءَ جيان ، بي حد ، جذباتي ساڃاهي اڻ – ٽٽ لڳاءُ هيو. اِهو مهان انسانن اندر فطرتي طور پيدا ٿئي ٿو ، ۽ بابا سائين ان ڏس ۾ پنهنجو مٽ پاڻ پاڻ هو. بابا، هر موضوع، جنهن ۾ خاص طور ادب، قوم پرستي ۽ سياست شامل آهن ، تي اڪثر پنهنجي فڪري ڄاڻ ذريعي سڀني کي لاڀ ڏيندو رهندو هو . جيڪي سندس ويجهو آيا انهن سڀني کي سُڌِ هئي ته هو علم جو ڀنڊار هو ۽ پنهنجي تجزئي ۾ اڪثر درست قرار ڏنو ويندو هو ! بابا سائين ، اسدان جي سموري ڪٽنب ، خاص ڪري ننڍرن ٻارڙن تي نهايت خوشگوار تاثر ڇڏيو هو جيڪو سندس سڀاءُ جي سونهن هئي. هن کي ڪٽنب جي هي ڀاتي سان بي پناهه پيار هو - ۽ سڀني تي پنهنجي ورونهن ۽ چاهه جي بارش ، فراخدليءَ سان ورسائيندو رهيو. سندس سدا حيات مرڪ زندگيءَ سان لبريز ٽهڪ، ۽ بي غرضانه چاهت پنهنجي ۽ پرائي تي هوا ، روشني ۽ جهرڻي جيان سدا جاري رهيا! منهنجي محترم پياري امان ۽ بابا جي وچ ۾ پيار، سڪ، ۽ اُڪير جو اڻ – ٽٽ ناتو وقت جي لهرن تي وڌيڪ مضبوط ٿيندو رهيو ؛ جنهن اندر اسان سڀني لئه هڪ لازوال پيغام لڪل هو : هڪ ٻئي سان ’اٽوٽ عهد‘ جي پالنا! جيڪڏهن مون کي اجازت ڏني وڃي ته آءُ کيس هڪ امر لفظ ۾ چٽي سگهان ٿي : ’اٽوٽ عهد‘ پنهنجي آدرشن ۽ اصولن سان وفا ۽ عهد جي پالنا بابا جي سموري زندگي جو تت ۽ سبق آموز پيغام آهي . جيئن منهنجي زندگي جو سفر اڳتي جاري رهي ٿو تيئن آءٌ محسوس ڪندي رهان ٿي ته بابا جي مثبت حيات جو روشن اثر ۽ ڇاپ منهجي سموري وجود تي ڇانئبي رهي ٿي. سندس سيکاريل جرئت ۽ اڻ کٽ پيار، ساهتا ۽ پاٻوهه جنهن مونکي پاڻ تي ڀاڙڻ جي سُتي پياري. اهي سندس وڙ مون کان ڪڏهن وسري نه وسرندا. مان پنهنجي محترم والد جي پيار ، بخشيل ساڃاهه ، ۽ اسان لاءِ اُلڪن جي بوڇار جيڪا نت نون روپن ۾ ظاهر ٿيندي رهندي هئي، تن کي ساراهي سگهڻ ۾ پاڻ کي نٻل محسوس پئي ڪريان! بابا سائين ، شال مان چنڊ جي هن پار پهچان، ۽ اُتي جنم جنم بيٺي رهان، توهان جي موٽ جي اوسيڙي ۾ . سنڌي ڪتاب