ادا نثار ناز جزاڪ الله خئير؛ انتهائي سٺا نسخا آهن، ڪجه استعمال ٿيل ۽ آزمايل آهن ۽ ڪجه آزمائبا ... ٻي ڳالهه ته دوست رشيد صاحب جا لک ٿورا جو هن اهو پنو شامل ڪري، اسان لاءِ صحت جا دروازا کولي ڇڏيا آهن ... جنهنجو ثبوت هي مٿي ڏنل ادي نثار جا موڪليل نسخا ئي ڪافي آهن ... دوستو پاڻ به الله جي ڏني مان ونڊ ضرور ڪبو ...
تمام پيار نسخا آهن ۔۔۔۔۔ ادا رشيد جي مهرباني جو سائين صحت واري سيڪشن کي ٺاهي ورتو۔۔۔ انشاءَالله پاڻ به ڪوشش ڪندا سين ته هڪ اڌ نسخو هن سيڪشن ۾ اسان به شيئر ڪيون۔۔۔۔۔۔
تمام بهترين نسخا آهن سائين نثار ناز صاحب توهان جي شيئرنگ هون به لاجواب هوندي آهي توهان جي هي نسخا ته تمام بهترين آهن ان سان ڪافي دوستن کي فائدو ٿيندو .
ادا اوهان جا ٽوٽڪا انتهائي بهتر آهي ان ڪري به ته هن وقت موسم به آهي ۔ منهنجي خيال ۾ ليمي مان فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي ليمي جو رس 250 ملي لٽر پاڻي ۾ ملائي هڪ چمچو کنڊ ملائي پيئڻ سان لا تعداد فائدا حاصل ڪري سگھجن ٿا ۔اوهان کي پڙهي اها حيرت ٿيندي ته موبائل جي ٽاورن مان نڪتل ميگنيٽڪ لهرن جي ڪري پيدا ٿيندڙ ڪينسر ۾ مٿئين طريقي سان ليمون پيئڻ ڪري اهي نقصان نه ٿيندا حڪيم محمد يوسف
دوستو سائين حڪيم صاحب تمام ڪم جي ڳالهه اسان شيئر ڪئي آهي ٿورو ڌيان طلب آهي۔۔۔۔۔ انهي کي نمايان ڪيو اٿم۔۔۔۔۔۔
پيارا وڏا ايڊمن صحت سرير جي موضع کي سنڌ سلامت تي اڄ آندو اٿئي ان جي ڪاميابي جو اندازو ان مان لڳائي سگهين ٿوته ان موضع کي هٿي ڏيارڻ لاءِ اسان جي سنڌ سلامت جي دوستن جي لکڻيڻ جو ڪاٿو ذري گهٽ پنجاهه کن آهي، ادا حڪيم محمد يوسف کتري جهڙو مستند ۽ فاضل حڪيم اسان جي هن شعبي جي سرواڻي ڪري رهيو آهي۔ تمام گهڻي خوشيءَ جي ڳالهه آهي۔ ان کان علاوه ادو نثار ابڙو به پنهنجا لاجواب نُسخا اسان سان شيئر ڪري رهيو آهي، ۽ ڏُکندن جا دُک درد ”صاحب ڏي شفا ميان مريضن کي“ جهڙا نعرا هڻي دور ڪري رهيو۔ سائين رشيد صحت سرير جي موضع جي ڪاميابي جي مان توهان کي کوڙ ساريون مُبارڪون ٿو ڏيان۔
جواب: گهريلو ٽوٽڪا (ادرڪ ۽ ليمي جي باري ۾) سائين تمام سٺا نسخا شيئر ڪيا اٿو لڳي ٿو ته فورم جي دوستن جو صحت جو ڀرپور خيال رکو ٿا مهرباني سدائين گڏ