هر دور ۾ زنده

'سنڌي ادب' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏14 سيپٽمبر 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    تاجل بيوس



    نورالدين سرڪي هر حقدار کي سماجي، سياسي ۽ فلاحي خدمتن جي حوالي سان، گهاٽي وڻ واري ڇانوَ ڏيندڙ هو. هُو ان سنڌ قوم جي اڳواڻي ڪري ويو آهي، جنهن جي تهذيب عالمي سطح تي ڏاها ۽ ماهر دنيا جي ٽن قديم ۽ عظيم تهذيبن ۾ شامل ڪري ويا آهن. سرڪي صاحب ڪيل خدمتن جي حوالي سان، ثابت ڪري ويو آهي ته انسان جي تخليق ٿيڻ جو خاص مقصد پاڻ لاءِ جيئڻ سان گڏ، ٻين لاءِ جيئڻ به آهي .جنهن کي حقوق العباد (ماڻهوءَ جا ماڻهوءَ تي حق ۽ واسطا) چيو وڃي ٿو. غريب جي سار سنڀال لهڻ، بيمار ۽ اپاهج کي بيماريءَ کان ڇوٽڪارو وٺائڻ، بيواهه عورتن جي ٻچڙن جو انگ ڍڪائڻ ۽ کين علم جي دولت سان مالا مال ڪرڻ، مظلوم کي ظالم جي چنبي مان آزاد ڪرائڻ، قوم کي استحصال ڪندڙن وٽان آجو ڪرائڻ، علم، ادب، ٻولي ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ، پاڻ پتوڙڻ ۽ فلاحي ادارن جي رهبري ڪري، کين فعال بڻائڻ جهڙا ڪم ۽ ڪارناما نورالدين سرڪيءَ کي هر دور ۾ جئرو ۽ جاڳندڙ رکندا. اُهو نورالدين سرڪي، جو هڪ ناميارو قانوندان، ڏاهو، سماجي اڳواڻ ۽ سنڌ جو عاشق ٿي گذريو آهي، فڪري، سياسي ۽ فلاحي شعور لاءِ جاکوڙيندو رهيو ۽ ايئن تاريخ جو ماهر، سياسي ۽ قومي ڪارڪنن جو آدرش ثابت ٿيو.

    نورالدين سرڪي5 مارچ 1927ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو ۽ 26 سيپٽمبر 2007ع تي دل جو دورو پوڻ ڪري ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس عمر 80 سال 6 مهينا ۽ 22 ڏينهن تي پهتل هئي ،کيس ڪراچيءَ جي ميواشاهه قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.جتي مون به سندس آخري درشن ڪيو.

    سرڪي صاحب 1945ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان مئٽرڪ 1953ع ۾ سي ايند ايس آرٽس ڪاليج شڪارپور مان، بي اي آنرس ۽ 1955ع ۾ ايس ايم آرٽس ڪاليج ڪراچي مان ايم اي پاس ڪرڻ کانپوءِ، لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ايل ايل بي پاس ڪري، نوڪري ڪرڻ جي ابتدا ماستر مقرر ٿيڻ سان ڪئي .اڳتي هلي 1957ع کان وڪالت شروع ڪيائين ۽ ايئن آخري وقت تائين وڪالت جي ڌنڌي سان ئي واڳيل رهيو. هن سياست جي شروعات 21 سالن جي عمر ۾ 1948ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ شموليت ڪرڻ سان ڪئي ۽ سندس نالو سنڌي ادبي سنگت جي پيڙهه جي پٿر رکندڙن ۾ به شامل ٿيل آهي . جنهن کي 1953ع ۾ قائم ڪيو ويو هو. 1972ع ۾ سرڪي صاحب نيشنل عوامي پارٽيءَ ۾ به شامل ٿيو هو .هن پنهنجي پوئنيرن ۾ بيوهه زال، ٻه نياڻيون ۽ هڪ پٽ ڇڏيو آهي.

    سرڪي صاحب ڪيترن شاعرن ۽ نثر نگارن کي رستو ڏيکاري، اڳتي آندو. انهن ۾ مان تاجل بيوس به شامل آهيان . منهنجو پهريون شعري مجموعو: “جڏهن ڀونءِ بڻي” ڪرم الاهي چنا جي سهڪار سان، سنگم پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران 1982ع ۾ ڇپايو ويو هو، جنهن جون مونکان ٽيهارو کن ڪاپيون وٺي، نورالدين سرڪيءَ هندستان ۾ آباد ٿيل سنڌي اديبن ۾ ورهائڻ سان گڏ، ڪجهه ڪاپيون، اتي قائم ڪيل لائبررين ۾ به رکايون هيون . جنهن ڪتاب مان اتان جي سنڌين کي ايڏي ته ادبي ۽ تخليقي خوشبوءِ محسوس ٿي هئي، جو رام پنجواڻي لٽرري اينڊ ڪلچرل سينٽر، ممبئيءَ پاران مونکي وقت جي وڏي شاعر شيخ اياز سان گڏ، ڀارت گهرايو ويو هو ۽ ايئن مان شاهه، سچل، سامي، سيمينار ۽ هنڌ- سنڌ مشاعري ۾ وڃي شريڪ ٿيو هيس . ٻيو ادبي فائدو هن ريت مليو، جو سنڌ جي ٽن شاعرن: شاهه لطيف، شيخ اياز ۽ تاجل بيوس تي هن ۾ سالن جا سال تحقيق ڪري، سندن ڪردار ۽ عمل، دخل بابت معلومات گڏ ڪري، وڊيو فلم اسڪرپٽ تيار ڪري 2002ع ۾ “ڏور به اوڏا سپرين” نالي هيٺ ويڻا پبليڪيشن الهاس نگر (ڀارت) پاران ڪتاب ڇپايو ويو آهي ڪتاب جو نالو به هند بابت منهنجي ڇپايل سفرنامي تان کنيو ويو آهي، جو سفر نامو 1992ع ۾ ڇپايو ويو هو .هن ڪتاب جون جگديش لڇاڻيءَ پاران مونکي به ڪاپيون موڪليون ويون آهن، جنهن جي ٽائيٽل ڪور تي اسان ٽنهي شاعرن جون تصويرون به ڏنيون ويون آهن هاڻي ڏسئون ته ڀارت ۾ فلم جي ڪڏهن ٿي رٿا بندي ڪري رڪارڊنگ ڪئي وڃي.

    آخر ۾، پڙهندڙن کي ٻڌائيندو هلان ته اِها به سرڳواسي نورالدين سرڪيءَ جي ئي مهرباني آهي، جو 7 ڊسمبر 2007 تي ڀارت ويندڙ وفد ۾ منهنجو نالو به شامل ڪيو ويو آهي . جو ڀارت جو منهنجو پنجون ادبي دورو هوندو، آخر ۾ عرب سياح ۽ محقق عمر بن حشام جا هندستان بابت ڏنل ويچارءَ ڏئي، ڪالم ختم ٿو ڪجي. جو چئي ويو آهي: “هندستان ۾ جيڪڏهن هڪ ڏينهن به رهڻ يا وڃڻ جو موقعو ملي، ته ٻئي هنڌ جي سڄي زندگيءَ کان بهتر آهي، ڇاڪاڻ ته چيو ويو آهي ته اتان جي زيارت سان سُٺا اخلاق حاصل ٿين ٿا. هندستان ستارن وانگر چمڪندڙ ۽ مبارڪ ملڪ آهي.”

    سنڌي ڪتاب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو