ڪراچيءَ جي ادبي اوطاق ممتاز مهر پير حسام الدين راشدي ۽ پير علي محمد راشديءَ جي لکيل ساروڻين مان معلوم ٿيندو ته پارٽيشن کان اڳ ڪراچيءَ ۾ ادبي ڪچهريون حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي گاڏي کاتي واري دواخاني ۽ ان جي ئي ويجهو مولانا دين محمد وفائيءَ جي پريس واري آفيس ۾ ٿينديون هيون. سنڌي ادبي سنگت سان لاڳاپيل پراڻا ساٿي ٻڌائيندا هئا ته هفتيوار ادبي گڏجاڻيون ميٺارام هاسٽل ۾ به ٿينديون هيون . جناح هاسٽل ۾ علامه آءِ آءِ قاضي ليڪچر ڏيندو هو . پارٽيشن کانپوءِ ڪراچيءَ جو علمي ادبي ۽ڪلچرل ماحول گهڻو بدلجي ويو هو پوءِ به سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون ميٺارام هاسٽل ۾ ٿينديون رهنديون هيون . بعد ۾ اياز قادريءَ جي فلئٽ واقع ڌڻي رام بلڊنگ ۾ ٿينديون هيون . مان جڏهن 1963 ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ فلاسافيءَ ۾ ايم اي ڪرڻ لاءِ داخلا ورتي هئي تڏهن سنڌي ادبي سنگت جون هفتيوار گڏجاڻيون نورالدين سرڪيءَ جي آفيس واقع اورنگزيب مارڪيٽ بندر روڊ تي ٿيندو هيون . انهن گڏجاڻين ۾ مان به شريڪ ٿيندو هوس. انهن گڏجاڻين ۾ تاج بلوچ، گل محمد کتري، (آرٽسٽ) عبدالحڪيم ارشد ۽ اقبال جتوئي باقائدي شريڪ ٿيندا هئا . امر جليل، خواجا سليم، نسيم کرل ڪڏهن ڪڏهن انهن گڏجاڻين ۾ ايندا هئا . ڪن جا نالا ذهن تي نه ٿا اچن . سرڪي صاحب جي مذڪوره وڪالت واري آفيس ننڍڙي هئي، جنهن ۾ ڏهه ٻارنهن ڪرسيون هونديون هيون. سرڪي صاحب 1956ع کان وڪالت ڪندو پيو اچي، ان حساب سان سن 2003 ع ۾ کيس وڪالت ڪندي 47 سال ٿي ويا آهن. سٺ جي ڏهاڪي ۾ سرڪي صاحب اڃان پنهنجي وڪالت واري پيشي ۾ پير پختا پئي ڪيا، پر ان دور ۾ جڏهن سندس آفيس سادڙي هوندي هئي ۽ هاڻوڪي دور ۾ جڏهن سندس موجوده آفيس واقع پئراڊائيز چيمبر (صدر) هڪ ٽاپ جي وڪيل جي آفيس جو ڏيک پئي ڏئي، تڏهن به سندس کل مک طبيعت ۽ نرم مزاج ۾ ڪو فرق محسوس نه ٿيندو. هاڻي سندس ڪم به وڌيو آهي ته ماتحت ڪم ڪندڙ وڪيلن جو تعداد به وڌيو آهي، پر اڳ جيان هاڻ به روزانه ڪچهري لاءِ اديبن ۽ سياسي ساڃاهه رکندڙ فردن جي اچ وڃ جاري آهي. ڪراچي ۾ رهندڙ اديب دوست هجن يا اندروني سنڌ جا اديب ۽ سياسي ساڃاهه رکندڙ فرد هجن، وقت ڪڍي ضرور سرڪي صاحب وٽ ڀيرو ڀريندا آهن . انهن ۾ ڪئين نوجوان به هوندا آهن ته سنڌ جون مشهور شخصيتون جهڙوڪ محمد ابراهيم جويو صاحب ۽ ٻيا، سرڪي صاحب سڀني سان محبت سان پيش ايندو آهي ۽ ڳالهه ٻولهه ۾ دلچسپي سان حصو وٺندو آهي .اڄڪلهه سرڪي صاحب جيان ادبي اوطاق ۾ تقريبن روزانو شام جو حاضري ڀريندڙ عمر الدين بيدار به آهي، جيڪو ڪٿان ڪٿان عمده ۽ اڻ لڀ ڪتاب هٿ ڪري سرڪي صاحب لاءِ آڻيندو آهي . سرڪي صاحب اهي ڪتاب ڏسي جيڪا خوشي ظاهر ڪندو آهي ان مان سندس ڪتابن پڙهڻ جي شوق جو پتو پوي ٿو . انگلش، سنڌي ۽ اردو جي علاوه کيس فارسي ادب جا ڪتاب پڙهڻ ۾ پورو عبور آهي. نورالدين سرڪي ۽ شيخ اياز ٻن ٽن سالن جي فرق سان هم عمر شڪاپور شهر ۾ ڄايا ۽ نپنا .اتي ئي پرائمري کان مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائون، پوءِ ٻنهي ڪراچيءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي .اول سرڪي صاحب انجنيئرنگ ڪرڻ پئي چاهي، پر بعد ۾ بي اي ۽ ايم اي (سنڌي) ڪيائين .ڪيترا ئي سال اسلاميه ڪاليج ڪراچيءِ ۾ ليڪچرار طور ڪم ڪيائين . ائين بعد ۾ لا جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ وڪالت جي پيشي سان لاڳاپيل رهيو. هن وقت ڪراچيءَ جي سينيئر وڪيلن ۾ شامارجي ٿو. سرڪي صاحب شاگرديءَ جي زماني ۾ شڪارپور توڙي ڪراچي ۾ آزاديءَ جي هلچل ۾ حصو ورتو . ورهاڱي کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ سال 1948۾ جيڪي فساد ٿيا سي سرڪي صاحب پنهنجي اکين سان ڏٺا . ساڳي سال ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪيو ويو ۽ ڪراچي جي اسڪولن ۽ ڪاليجن مان سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي . جن قدمن خلاف سنڌي شاگردن جيڪي احتجاج ڪيا ۽ جلوس ڪڍيا تن ۾ سرڪي صاحب اڳيان اڳيان هو. اهو ئي دؤر هو جڏهن سرڪي صاحب ڪميونزم جو اثر ورتو ۽ ليفٽ جي سياست ۽ ترقي پسند ادب واري تحريڪ ۾ سرگرمي سان حصو ورتو . جڏهن سنڌي ادبي سنگت ڪراچي ۾ قائم ٿي تڏهن ان جي اوسر ۾ سرڪي صاحب ڀرپور حصو ورتو . هاڻي به سنڌي ادبي سنگت يا سنڌي ادب ۽ ڪلچر سان واسطو رکندڙ ٻي ڪا تنظيم ڪراچيءَ ۾ جيڪڏهن ڪو فنڪشن ڪندي آهي ته ان ۾ سرڪي صاحب دعوت ملڻ تي وقت ڪڍي ضرور شامل ٿيندو آهي . جيتوڻيڪ ٻين گهڻن ئي نماءُ پسند اديبن ۽ دانشورن وانگر نه ڪو سرڪي صاحب صدارت جو خواهشمند هوندو آهي، نه وري ڪنهن قسم جي شهرت جو طالب . سنڌ ۾ ڪي اهڙا به اديب ۽ دانشور آهن جن کي جيڪڏهن اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڪنهن سرڪاري ڪانفرنس ۾ دعوت نه ٿي ملي يا ٻاهر سرڪار جي خرچ تي وڃڻ جو موقعو نه ٿو ملي ته رڙ تي رڙ مچايو ڇڏين ۽ اخباري ڪالمن ۾ هاءِ گهوڙا ڪريو ڇڏين! پر مون کي ياد ناهي ته سرڪي صاحب سرڪاري سڏ تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ ڪانفرنس کي ته ڇڏيو پر حيدر آباد، ڀٽ شاهه يا خيرپور ۾ ٿيندڙ ڪنهن اهڙي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو هجي، يا موقعي پرستن وانگر ذاتي سياسي فائدا وٺڻ لاءِ ڪنهن وڏي سياسي پارٽي ڪڍ لڳو هجي! ون يونٽ خلاف تحريڪ دوران سرڪي صاحب ٻين سنڌ دوست دانشورن وانگر سنڌ جي وجود لاءِ تحريڪ ۾ به حصو ورتو پر وڏيرا شاهيءَ خلاف سندن ترقي پسند موقف، هميشه جيان چٽو رهيو! سرڪي صاحب شاهه لطيف کي عظيم قومي شاعر سمجھي ٿو. سندس شاعريءَ کي هيئين سان هنڊائڻ جي تلقين ڪندو آهي . نور الدين سرڪي يونان جي انهن ڪن ڏاهن وانگر آهي جيڪي پنهنجا املهه خيال ۽ ويچار لکت ۾ گهٽ آڻيندا آهن پر ڳالهه ٻولهه ذريعي دوستن ۽ ساٿين سان شيئر ڪندا آهن . سرڪي صاحب سال 1956-1957 ۾ ٽالسٽا ءِ جو مشهور ڪتاب ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ جي عنوان سان ترجمون ڪيو هو،جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ ڇپرائي پڌرو ڪيو هو .ان ڪتاب پرنس ڪروپاٽڪن جي ڪتاب “نوجوانن ڏانهن” وانگر واقعي سنڌي نوجوانن تي اثر ڇڏيو ۽ کين سماج ۽ ڌرتيءَ سان ڪمٽمينٽ لاءِ محترڪ ڪيو . سرڪي صاحب کي پارٽيشن کان اڳ واري سنڌ جون ساروڻيون آهن ۽ مشاهدا آهن ته بعد وارين حالتن ۽ معاملن جو مشاهدو ۽ ڄاڻ به آهي . جيڪر سرڪي صاحب جون اهي ساروڻيون ۽ مشاهدا قلم بند ٿي ڪتابي صورت ۾ اچي وڃن ته سنڌ جي ماضي قريب جي سياست، ثقافت ۽ سماجي حالتن جو داستان محفوظ ٿيڻ سان تاريخي دستاويز بڻجي وڃي . في الحال سرڪي صاحب سنڌي پهاڪن، چوڻين ۽ اصطلاحن کي سيهڙڻ جو ڪم پيو ڪري . ان کان اڳ ۾ هن شاهه لطيف جا چونڊ بيت ترتيب ڏيئي ڇپرايا هئا .جيڪي ماڻهن کي گهڻو پسند پيا . ڪراچيءَ جهڙي مصروف ۽ وڏي شهر ۾ سرڪي صاحب جي وڪالت واري آفيس ادبي اوطاق به بڻيل آهي . جتي علمي ادبي نڪتا شيئر ڪندي خوشي به حاصل ٿيندي آهي .پر ڪنهن کي به برتري يا ڪمتريءَ جو احساس ڪڏهن نه ٿيو آهي . سنڌي ڪتاب