پاڻ ارپڻ ۽ پيار سان سڃاپجندڙ شخصيت

'سنڌي ادب' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏14 سيپٽمبر 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    پاڻ ارپڻ ۽ پيار سان سڃاپجندڙ شخصيت

    ثريا مخدوم



    سائين نورالدين سرڪيءَ جي وفات سان سنڌ ڌرتي پنهنجي هڪ عظيم فرزند کان محروم ٿي وئي . مرحوم سرڪي صاحب سمورن محاذن؛ سياسي، قانوني، تعليمي وغيره تي سنڌ جي حقن لاءِ هميشه وڙهيو.

    سائين سرڪي ڌنڌي جي لحاظ کان وڪيل هو پر سندس دلچسپي فنونِ لطيفه ۽ ادب ۾ به گهڻي هئي. سنڌي ادبي سنگت جي بانين منجهان هڪ هوندي ان سنگت سان سندس وڏي عرصي جو لاڳاپو رهيو . سنڌي ادب جي ترقيءَ جي مقصد لاءِ ٺهيل هن تنظيم کي هن جيڪو ڪجهه ڏنو تنهن کي سدائين محبت ۽ ٿورو مڃڻ واري جذبي سان ياد ڪيو ويندو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ادبي سنگت سائين سرڪيءَ لاءِ ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي .هو پارٽي- سياست کان بلند هو ۽ سمورين سنڌ جي حامي پارٽين ۽ گروپن جي حمايت ۽ انهن سان سهڪار ڪندو هو . سندس هڪ تصوير اهڙي آهي جنهن ۾ هو جسقم جي بک هڙتالي ڪئمپ ۾ نظر آيو ۽ ان پارٽي جي اڳواڻن سان ڳالهائي رهيو آهي. هن ورلڊ سنڌي ڪانگريسwsc ۽ سانا sana ڪانفرنس ۾ بهرو ورتو . سمورين مختلف قسمن جي پارٽين ۽ گروپن جي ساڻس الفت هئي ۽ کيس اهي ساراهيندا رهندا هئا. اهي سڀ سندس صلاح، رهنمائي ۽ حمايت گهرندا هئا . اها سندس سچائي ۽ ڪمٽمينٽ هئي، جنهن ڪري ڪا به ڌر کيس ٻي ڌر سان يا هر پارٽي يا تنظيم جي حمايت جو الزام نه هڻي سگهندي هئي . سائين سرڪيءَ جي ايجنڊا هئي سنڌ، سنڌي عوام ۽ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت ، سوجنهن به ان ايجنڊا هيٺ ڪم ڪيو سو سائين سرڪيءَ جي حمايت جو مستحق ٿيو ۽ ان سندس ڳڻ ڳايا. پاڻ پنهنجي دؤر جو هڪ قدارو شخص هئڻ سان گڏ سياست ۽ آرٽس ۾ وڏين شخصيتن سان سندس گهرا وسطا هئا جهڙوڪ سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ شيخ اياز.

    سائين سرڪي سنڌ جي پٺتي ڌڪيل عوام جي آدرش سان سچو ڪمٽيڊ هو، هن فردن توڙي گروپن جي هر طرح حمايت ۽ مدد ڪئي. هو نه رڳو انهن سان سندن اجتماعن ۽ مظاهرن ۾ هوندو هو پر سياسي ڪارڪنن ۽ غريب ماڻهن جهڙوڪ هارين پورهيتن وغيره جا ڪيس به مفت وڙهيو . هن سنڌي قومپرست اڳواڻ سفدر سرڪيءَ جو ڪيس به کنيو جنهن کي فيبروري 2006ع ۾ پاڪستاني ڳجهين ايجينسين اغوا ڪيو هو، هو آخري دم تائين ان ڪيس ۾ جستجو ڪندو رهيو.

    سائين سرڪيءَ جي لاڏاڻي مون کي ذاتي طور ڏکويو ۽ صدمو ڏنو. منهنجي اندر ۾ سائين سرڪيءَ جون ڏاڍيون شفقت ڀريون يادگيريون آهن. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن مان سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليم پرائي رهي هئس تڏهن مون جيئي سنڌ اندر هڪ سب ڪميٽي ٺاهي يعني اسٽوڊنٽس رليز ڪميٽي. ان ڪميٽيءَ پاران اسان قيدي شاگردن جا قانوني طور ڪيس وڙهندا هئاسين. ان لاءِ ڪجھه پيسي جي ضرورت هئي، اسان ڪجهه فنڊ گڏ ڪندا هئاسين پر قانوني خرچن جي ڀيٽ ۾ اهي تمام گهٽ هئا. ڪميٽيءَ جي سربراهه هوندي مون اها جرئت ڪئي جو اها تمام ٿوري رقم سائين سرڪيءَ وٽ سندس آفيس ۾ کڻي ويس جيڪا تڏهن ڪراچي ۾ بندر روڊ تي هئي. مون کي ياد آهي ته سائين سرڪي ڌيان سان منهنجي ڳالهه ٻڌي، مرڪيو ۽ پوءِ اسان جا ڪيس لڙڻ لاءِ تيار ٿي ويو. جيئن ته اهي پيسا تمام ٿورا هئا، مون پنهنجون خدمتون آڇيون مان ٽائيپ ۽ ڊرافٽنگ وغيره ڪري پئي سگهيس سو مون سائين سرڪي کي چيو ته مان هر هفتي سندس آفيس ۾ اينديس . ڪيسن کي اپڊيٽ ڪنديس، ٽائيپنگ جو ڪجهه ڪم ڪنديس ۽ ڪيس تيار ڪرڻ ۾ هٿ ونڊائينديس. وري به سائين سرڪي مرڪيو، ان ڳالهه تي اتفاق ڪيائين ۽ پوءِ پنهنجي اسٽاف سان تعارف ڪرايائين. تن ڏينهن ۾ اسان بندر روڊ کان گهڻو پري نه رهندا هئاسين. مان هر هفتي جي آخر ۾ ڪراچي ايندي هئم ان ڪري سائين سرڪيءَ جي آفيس وڃڻ سولو هو. ايئن مان سائين نورالدين سرڪي جي بندر روڊ واري آفيس ۾ لڳ ڀڳ هر هفتي ويندي هئس ۽ ساڻس به گهڻائي ڀيرا ملي هيم جڏهن پاڻ اتي هوندو هو. ڪجهه عرصي تائين اهو معمول هلندو رهيو.

    پوءِ مان سرڪي صاحب سان مختلف ميڙاڪن ۾ ملندي هئس، هو سدائين مهربان هو ۽ حامي رهندو هو، منهنجي بدقسمتي جو آگسٽ ۾ جڏهن مان ڪراچي ۾ هئم تڏهن ساڻس نه ملي سگهيس . مون سندس آفيس ٻاهران ڏٺي، سيد غلام شاهه اسان کي سندس نئين آفيس ۾ چانهه تي دعوت ڏني، جڏهن اسان روانا ٿيڻ وارا هئاسين ته هن اسان کي پري کان سائين سرڪي جي آفيس ڏيکاري ان وقت شام جي وقت گهڻي دير ٿي چڪي هئي سو سمجهيو سون ته پاڻ آفيس ۾ نه هوندو.

    سائين سرڪيءَ جي وفات سنڌي ادب ، قانون ۽ سماج جي لڳ ڀڳ سمورن شعبن ۾ هڪ وڏو خال ڇڏيو آهي. سائين سرڪيءَ جي زندگي لاڳيتي ڪم، پاڻ ارپڻ ۽ جدوجهد جو ٻيو نالو هئي. هو ڪڏهن به رٽائر نه ٿيو، منهنجس توانائي ڀريل هئي ۽ پنهنجي آخري ڏينهن تائين محنت ڪيائين. شاهه عبداللطيف جي لفظن ۾



    جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي،

    وڃي ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين.



    هتي سائين سرڪيءَ پنهنجو فرض محبت ۽ ادا ڪندو رهيو، هاڻي اهو اسان سڀني تي آهي، خاص طور سندس دوستن، ساٿين ۽ ساراهيندڙن تي ته سائين سرڪي جي چڏيل روايتن کي جاري رکن . يعني بي لوس خدمت ، پان ارپڻ، محنت، جدوجهد، سچائي، ٻولي ۽ ادب سان پيار ضرورتمندن جي مفت مدد ڪرڻ ۽ پيڙيل غريب ماڻهن جي آدرش سان ڪمٽمينٽ واريون روايتون.

    الله سندس روح کي شانتي ڏئي ۽ سندس خاندان ۽ دوستن کي هي ناقابلِ تلافي هاڃو سهڻ جي توفيق ڏئي.

    سنڌي ڪتاب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو