سنڌ جو عاشق

'سنڌي ادب' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏14 سيپٽمبر 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ذوالفقار سيال

    نورالدين سرڪيءَ جو وڇوڙو، علم، ادب ۽ دانش جو وڏو نقصان آهي. اها ڳالهه بنا ڪنهن شڪ جي چئي سگهجي ٿي ته هو وڏو ڄاڻو ۽ ماهر هيو. منهنجي ساڻس ڪيتري عرصي کان نيازمندي هئي ۽ مون سرڪي صاحب کي سدائين کلندي کلندي، چرچا ڪندي ۽ اصولن تي مخالفت ڪندي به ڏٺو ته وري کيس ڪوتاهين کي درگذر ڪندي به ڏٺو.

    نورالدين سرڪي صاحب پنهنجي دؤر جون جيڪي ڳالهيون ڪندو هيو، انهن ۾ هن ڪڏهن به وڌاءُ کان ڪم نه ورتو ۽ نه وري ڪڏهن ڪنهن جي اوگهڙ ڪيائين. هميشه ”ڍڪيو ڀلو“ چوندو هو. سرڪي صاحب جنهن نموني سان علم ادب جي خاموش خدمت ڪندو رهيو، اهڙي نموني سان هو قومپرست سياست ۾ به نشانبر رهيو ۽ زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين اهو اهم ڪم ڪندو رهيو. وقت جو تمام گهڻو پابند هو، چوندو هو ته: ”سنڌين خبر ناهي ته ان نڪتي کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي.“ ان ڪري اسان جهڙن ڪيترن ئي ماڻهن کي جڏهن نورالدين سرڪي صاحب کي دعوت ڏيڻي هوندي هئي تڏهن کيس گذارش ڪبي هئي ته “سائين! وقت ته پنجين وڳي جو مقرر ڪيل آهي پر اوهان ڀلي ڇهين وڳي اچو.” ۽ پوءِ سرڪي صاحب جڏهن ڇهين وڳي ايندو هو ۽ ماڻهو اڃا به ايندا رهندا هيا تڏهن بار بار اها ڳالهه ورجائيندو هيو ته: “ اسان کي وقت جو قدر ڪرڻ گهرجي.”

    نورالدين سرڪي صاحب سان ڪيتريون ئي يادون وابسته آهن. سنڌي ادبي سنگت جڏهن سال 2005ع ۾ ڇپيل ڪتابن تي ايوارڊ ڏنا، ان کان اڳ مان سندس آفيس ۾ ويس ۽ کيس ترجمي واري صنف جي جج ٿيڻ جي گذارش ڪيم. پاڻ فوري طور ها ڪندي چيائين: “ ڏس، مرحوم احسان بدويءَ جي نالي تي به ڪنهن صنف ۾ انعام جو اعلان ڪر.” پوءِ مسلسل چوندور هيو ته: “اسان احسان بدويءَ کي وساري ڇڏيو آهي، هن جون وڏيون خدمتون آهن جنهن کي ياد ڪرڻ گهرجي.”

    21 فيبروريءَ تي “ٻولين جي عالمي ڏينهن” جي حوالي سان جڏهن پروفيسر اياز قادريءَ جي ياد ۾ “ٻولي ڪانفرنس” ٿي ته ڏاڍو خوش ٿيو. چيائينِ“ اياز حسين قادري جو وڏو ڪم آهي. ڏاڍو نفيس ماڻهو هو، ان کي ياد ڪري اوهان سٺو ڪيو آهي.” نورالدين سرڪي صاحب اسان سان هر پروگرام ۾ گڏ هوندو هو ۽ اسان جي هر پروگرام ۾ سندس صلاحون شامل هونديون هيون. سرڪي صاحب اڪثر سٺي موڊ ۾ هوندو هو. ساڻس مذاق به ڪبي هئي. هڪ ڏينهن کيس چيم ته: “سائين، اوهان شاعري ڇو ڇڏي ڏني! شڪارپور جي مٽي ته ڏاڍي زرخيز آهي.”

    چيائين: “مان نثر طرف آيس ۽ وڪالت جي مصروفيتن ڪري ان پاسي کان ڌيان هٽي ويو.”

    چيم: “پڪ سان عشق نه ڪيو هوندو؟”

    چيائين: “سچ پچ مان ان چڪر ۾ نه آيس.” پوءِ جڏهن مون ڪجهه چوڻ پئي چاهيو ته يڪدم کلي چيائيين: “بدمعاشي نه ڪر.”

    سرڪي صاحب بدنظمي ۽ اِن ڊسيپلين کان ڏاڍو خائف هوندو هو. پنهنجي زندگيءَ متعلق چوندو هو ته “مان نوڪري ڪريان ها ته بک مران ها. مان حيران ٿيندو آهيان ته هر نوڪري ڪندڙ پنهنجو ذاتي گهر به ٺاهي نه سگهندو آهي ۽ مان خوش آهيان.” تازو مهينو کن اڳ مون کيس عرض ڪيو ته سنڌي ادبي سنگت اوهان جي ٻڌايل واٽ ۽ سن موجب پنهنجو گولڊن جوبلي پروگرام ملهائڻ ٿي چاهي، ته فوراََ چيائين؛ “ ان ۾ تنهنجي سستي آهي، اهو ڪم سال کن اڳ ۾ ٿيڻ گهربو هو.”

    چيم: “سائين! پاڻ وٽ وسيلا ڪونهن.”

    چيائين: “ڪڏهن آفيس اچ ته صلاح ڪري ٿا وٺون. دلجاءِ ڪر، وسيلا پيدا ٿي پوندا.” ۽ پوءِ مان سندس آفيس ۾ ويس. پاڻ صلاح ڏنائين ته “علمي ۽ ادبي ادارن کي وچ ۾ آڻ، انهن جي مدد سان تمام سٺو پروگرام ٿي سگهي ٿو.” پوءِ جڏهن دوستن کي گڏ ڪيوسين ۽ اهو فيصلو ٿيو ته آرگنائيزنگ ڪاميٽيءَ جو چيئرمين نورالدين سرڪي صاحب کي ڪيو وڃي ته پاڻ چيائين: “ پر سوڀو گيانچنداڻي ۽ محمد ابراهيم جويو ته مون کان سينيئر آهن.”

    ان موقعي تي مون ۽ شمشيرالحيدري کيس گذارش ڪئي ته؛ “اهي ٻئي وڏا ماڻهو آهن ۽ اوهان ڪراچيءَ ۾ موجود آهيو. ان ڪري اوهان جي هر وقت ضرورت محسوس ٿيندي.” اسان جي زور ڀرڻ تي چيائين: “جيڪا اوهان جي مرضي.” ٻه اجلاس سرڪي صاحب جي آفيس ۾ ڪياسين، جنهن لاءِ سرڪي صاحب نه صرف انتظار ڪندو هو پر ميزبانيءَ وارو مڪمل ڪردار پڻ ادا ڪندو هو.

    اسان جي پهرئين اجلاس ۾ مختلف ڪاميٽيون ٺاهيون ويون، انهن جا ميمبر ۽ چيئرمين چونڊيا ويا ۽ اجلاس جو وقت، هنڌ ۽ تاريخ پڻ مقرر ڪئي وئي، جنهن لاءِ سرڪي صاحب مون کي حڪم ڪيو ته:“ اڄ ئي پريس رليز جاري ڪر.” ۽ مون سندس حڪم جي پوئواري ڪئي. 25 سيپٽمبر تي شام جو 4 وڳي پروگرام ڪاميٽيءَ جو اجلاس سندس آفيس ۾ ٿيو. جنهن ۾ سرڪي صاحب سان گڏ شمشيرالحيدري، مظهر جميل، ڊاڪٽر بدر اُڄڻ، راحت سعيد، تاج بلوچ ۽ مان هئاسين. ان موقعي تي سرڪي صاحب پڇيو ته: “صبا اڪرام ڇو نه آيو آهي؟” گذارش ڪيم ته اهو ٻي ڪاميٽي ۾ آهي، ان ڪري هن کي نه ٻڌايو ويو آهي. حڪم ٿيو ته: “هن کي به پروگرام ڪاميٽيءَ ۾ شامل ڪيو وڃي .” ۽ پوءِ پاڻ پروگرام ترتيب ڏنائين. ان وقت سرڪي صاحب ۽ شمشيرالحيدري سينيئر دوستن جي نالن جون الڳ الڳ لسٽون پڌريون ڪيون، جن کي گولڊن جوبلي واري پروگرام ۾ “نشان سنڌ سنگت” ڏيڻو هو.

    مون کيس عرض ڪيو ته ان لسٽ کي به فائينلائيز ڪريو ته چيائين ته: “ان تي ويچار ڪبو، توکي تڪڙ ڪهڙي آهي؟” برابر مون کي تڪڙ نه سهي، پر نورالدين سرڪي صاحب کي پاڻ تمام گهڻي جلدي هئي. هو ان جلدي ۾ اسان کي اها لسٽ به فائينلائيز ڪري نه ڏئي ويو ۽ جڏهن ان اجلاس ۾ لک پڙهه وارو وقت آيو هو ته مون کيس چيو هو ته هڪ خط انگريزيءَ ۾ ڊرافٽ ڪري ڏيو، جيڪو مان ٻين ٻولين جي اسڪالرن، اديبن ۽ دانشورن کي لکان ته پاڻ ان وقت به ساڳيو جملو ورجايو چيائين ته: “توکي تڪڙ ڪهڙي آهي؟ ايندڙ اجلاس ۾ اهو ڪم ڪنداسين.” اڃا به ان وقت سرڪي صاحب تڪڙ جو اظهار ڪيو، جڏهن سندس پٽ شهاب کيس وٺڻ آيو هو ۽ ويندي ويندي چوڪيدار کي چيو هئائين، “جڏهن هي دوست اُٿن تڏهن آفيس بند ڪجانءِ” ۽ اها سرڪي صاحب جي اسان سان آخري ميٽنگ ۽ سندس آفيس ۾ آخري حاضري هئي. دراصل نورالدين سرڪي صاحب کي وڃڻ جي تڪڙ هئي. اڱاري ڏينهن 25 سيپٽمبر تي نورالدين سرڪي صاحب جو موڊ ۽ مزاج ڏاڍو سٺو هو. هو روزانو کان وڌيڪ کلي رهيو هو ۽ وڌيڪ هشاش بشاش هيو. اسان کان اڳ هو ڪنهن ميٽنگ ۾ مصروف هو. جنهن ۾ سيد غلام شاهه، عبدالخالق جوڻيجو ۽ عبدالحڪيم ارشد پڻ موجود هيا. بعد ۾ سيد مهر حسين شاهه به آيو، سيد مهر حسين شاهه سرڪي صاحب سان گهڻو گڏ هوندو هو ۽ ٻيا مٿيان دوست به سندس حصو هئا.

    صبح جو جڏهن مان آفيس آيس ته ميڊم رخسانه لغاريءَ فون تي سرڪي صاحب جي وفات جي خبر ٻڌائي. مون کي يقين نه آيو. مون فوراََ عبدالخالق جوڻيجي سان فون تي ڳالهايو، جنهن ٻڌايو ته؛ “ اسر وقت هو وفات ڪري ويو آهي.”

    جنازي نمازکانپوءِ جڏهن سائين غلام شاهه کان تفصيل ورتم ته خبر پيئي ته سرڪي صاحب کي رات جو دير سان سيني ۾ تڪليف ٿي. هن گهر ڀاتين کي ننڊ مان اُٿارڻ نه چاهيو ۽ اسر وقت جڏهن سندس پٽ اسپتال کڻائي ويس ته ڊاڪٽرن چيو: “ ڏاڍي دير ٿي وئي آهي! هن کي رات جو ئي دل جو دورو پيو هو، هينئر آپريشن ٿا ڪريون .” پر آپريشن جي تياري ٿيڻ کان اڳ سرڪي صاحب جو ساهه پرواز ڪري ويو ، هونءَ کيس تڪڙ ڪا نه هئي . هڪ ڳالهه جيڪا رهجي وئي، اها هيءَ ته سندس اصول پرستي، ايمانداري، قومپرستي ۽ ڌرتي سان عشق کانئس ڇا ڇا نه ڪم ڪرايا.

    اڄ سنڌ جو هڪ مثالي عاشق هليو ويو ۽ سنڌ جي ڏاهپ، دانش، علم ۽ ادب سوڳوار آهن.

    سنڌي ڪتاب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو