اڻ پوري آتم ڪٿا

'سنڌي ادب' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏14 سيپٽمبر 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ستار پيرزادو



    ستار: سائين نورالدين سرڪي صاحب اوهان جي مهرباني، اسان اوهان سان جيڪو رڪارڊنگ جو سلسلو شروع ڪيو هو، هيءَ ان جي چوٿين ڪڙي آهي، اوهان ٻڌايو ته اوهان شڪارپور ۾ ڄاوا هئا، اتي جنهن ٻاراڻي اسڪول ۾ اوهان داخل ٿيا، ان جي باري ۾ ۽ ان وقت جي متعلق ڪجهه ٻڌائڻ چاهيندا؟

    نورالدين سرڪي: مان جڏهن اڃان چئن پنجن سالن جو هوس ته ان وقت جي دستور موجب حافظ قادر بخش جي مدرسي ۾ داخل ٿيس، جيڪو اسان جي پاڙي ۾ هو، جتي اسان ٻارن کي، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي عربي قائدو ۽ قرآن شريف پڙهايو ويندو هو، منهنجي وڏي ڀيڻ به ان مدرسي ۾ پڙهي ۽ مان به هڪ سال اتي پڙهيس، پنج سال پورا ڪرڻ کانپوءِ ڇهين سال نادر جي اسڪول شڪارپور ۾ جو سوي درجي پاڙي ۾ هو، جنهن کي قاضي محلا به چوندا آهن. ان اسڪول ۾ مون کي داخل ڪيو ويو، ان زماني ۾ سنڌي اسڪول ۾ ست درجا هوندا هئا، جيڪي ٻار ڪميٽي يا ورنيڪيولر جو امتحان پاس ڪندا هئا، ستن درجن کان پوءِ يا پهرين درجي اگريزيءَ ۾ وڃڻ کان پهرين، هڪڙو ٻاراڻو ڪلاس هوندو هو، پهريون ٻاراڻو ڪلاس ۽ پوءِ پهريون، ٻيو، ٽيون ۽ چوٿون. چوٿين درجي کان پوءِ جيڪڏهن ڪوئي انگريزي پڙهڻ چاهي ته ڀل ڪنهن ٻئي اسڪول ۾ داخل ٿئي ورنه ان ئي اسڪول ۾ سنڌي ست درجا هوندا هئا. مون کي به ان اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، ان زماني ۾ جڏهن مون کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو ته منهنجو والد اڃان حال حيات هو، پر مان جڏهن ستن ورهين جو ٿيس ته منهنجو والد هي جهان ڇڏي ويو، منهنجي عمر جا اهي پهريان ست سال اسان لاءِ سٺا سال هئا يعني خوشحاليءَ جو دور هو، ان وقت بابا شڪارپور جي خان صاحب گل حسن خان پٺاڻ جي هڪڙي ڪوٺي هوندي هئي جيڪا اصل ۾ گرين سيل ڪو آپريٽو سوسائٽي هئي، مان ڀانيان ٿو ته سنڌ ۾ مسلمان زميندارن جو ان اتي گهرائيندا هئا. حقيقت ۾ اناج منڊيءَ ۾ ڀلاوڻن جو ڪم ڪم ڪندا هئا. سنڌي مسلمان زميندار پنهنجو ان، ڪڻڪ، ساريون، چڻا، مٽر، وغيره اتي موڪليندا هئا. اها تمام وڏي ڪوٺي هئي، ٻه ماڙ پڪي جاءِ ٺهيل هئي، ان ۾ ست يا اٺ ڪلارڪ هوندا هئا. گل حسن خان پٺاڻ پاڻ نائب وزير جي حيثيت مان خيرپور رياست مان رٽائير ڪري آيو هو ۽ شڪارپور ۾ ڪوٺي اچي قائم ڪئي هئائين. تڏهن بابا سائين اتي ڪلارڪ هوندو هو . ان سهوليت هئڻ ڪري، مون ان اسڪول ۾ داخلا ورتي، ڏينهن جو منجهند کان پوءِ مان به اتي بابا وٽ ويندو هوس، مان جڏهن مٿي آيس ته منهنجو ننڍو ڀاءُ صلاح الدين وري ٻاراڻي درجي ۾ آيو، اسين ٻئي ڀائر ان طرح اتي پڙهياسون. پر اتفاق سان 1934ع ۾ بابا سائين گذاري ويو، مان اڃان پهرين انگريزي ۾ هوس ۽ ان کان پوءِ اسان کي ڪجهه تڪليفون ٿيون. اسان کي سنڀالڻ وارو ڪو به ڪونه هو. ٽي ماما هئا، پر ٽئي مزدوري ڪندا هئا، ٻه چاچا هئا، جيڪي بابا کان وڏا هئا، اهي به پڙهيل ڪونه هئا، تنهن ڪري اهي به شڪارپور ۾ مزدوري ڪندا هئا، ٻئي ڏاند گاڏيون هلائيندا هئا، تنهن ڪري اسان ٻئي ڀائر اتي تڪليف سان چار درجا پڙهي سگهياسون ، ان حد تائين به جو اسان کي ڪتاب ۽ اسٽيشنري به وٺڻ ۾ تڪليف ٿيندي هئي.

    جڏهن مون، چوٿون درجو پاس ڪيو ته اتي هڪڙو ڦيرو آيو، مون چوٿون درجو سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيو، حقيقت ۾ مان پڙهڻ ۾ هوشيار هوس، اتي هندو ۽ مسلمان ماسترهوندا هئا، اهي شاگردن تي هونءَ ئي ڌيان ڏيندا هئا پر جيڪي هوشيار شاگرد هوندا هئا، انهن تي وڌيڪ ڌيان ڏيندا هئا، جڏهن مون چار درجا پاس ڪيا ته منهنجي چاچن ۽ مامن چيو ته تون ست درجا پاس ڪري ڪٿي ماستري وٺ ، ان زماني ۾ مجبوريءَ سبب مان ڪجهه چئي نه ٿي سگهيس، مون ان ئي ساڳئي اسڪول ۾ پنجين درجي ۾ داخلا ورتي، منهنجي خيال ۾ ڏيڍ ٻه مهينا مون اتي پڙهيو، ان پنجين درجي ۾ منهنجو هڪڙو هندو شاگرد دوست هوندو هو، ان جي معرفت مان سنڌي انگريزي ڪتاب پڙهندو هوس ، جو مون کي شوق هوندو هو. اها روئداد منهنجي والد جي فوت ٿيڻ کان پوءِ جي آهي . هڪ ڀيري خانصاحب گل حسن خان گڏجي ويو ڇاڪاڻ ته هن وٽ بابا 13 يا 14 سال ڪم ڪيو هو، آخري وقت ۾ جڏهن بابا گذاري ويو ته هو ان وٽ نوڪري ڪندو هو. خانصاحب مون کي ڪافي ڀائيندو هو. آچر جي ڏينهن امان کي چوندو هو ته هن کي وٺي ايندي ڪر. پوءِ مون کان حال احوال پڇندو هو. هڪڙي ڏينهن پڇيائين ته: “ڪيئن ٿي پڙهائي هلي؟” اسان هن کي خان بابا ڪوٺيندا هئاسون، جو هن کي پوٽا ۽ ڏوهٽا به خان بابا ڪري سڏيندا هئا. مون چيو، “خان بابا سٺي نه ٿي هلي، مان پڙهڻ ٿو چاهيان.” جنهن تي وراڻيائين ته: “تون پڙهندين.” مون هائوڪار ڪئي. ٻئي ڏينهن عنايت الله اعواڻ کي چيائين ته هن کي وڃي داخلا وٺي ڏي . هو مون کي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ پهريون وٺي هليو، پر اتي داخلائون ختم ٿي ويون هيون. ٻيو نمبر اسڪول هوپ فل اڪيڊمي هو اتي وٺي هليو، ته اتي به داخلائون ختم ٿي ويون هيون ، ٽيون اسڪول لکي در تي هو نيو ارا هاءِ اسڪول، اهو حقيقت ۾ هاءِ اسڪول نه هو، اتي صرف پنج درجا هوندا هئا، ٽي درجا ان نيو ارا اسڪول ۾ پڙهائيندا هئا ۽ چوٿون ۽ پنجون ڪلاس وري هوپ فل اسڪول جي ڀرسان هڪڙي عمارت هئي، اتي پڙهائيندا هئا. هو مون کي اتي وٺي هليو ته اتفاق سان اتي داخلا ملي وئي. ان داخلا واري ڏينهن کان ئي گل حسن خان، پنهنجي سوسائٽي وارن کي چئي ڇڏيو هو ته هن ڇوڪري لاءِ مهينو مقرر ڪيو وڃي، هن ان وقت جي لحاظ کان يعني 1938ع ۾ شايد پنج رپيا مون لاءِ ماهوار مقرر ڪيا. ان کان سواءِ هن منشي عنايت الله اعواڻ کي چيو ته هن کي ٻه ڪپڙن جا جوڙا، هڪ سرد ڪوٽ، هڪڙو بوٽ، هڪڙي ٽوپي ۽ ڪتابن جو بندو بست ڪري ڏي، منهنجي خوش قسمتي اها هئي جو مون کي ان اسڪول ۾ ماحول تمام سٺو مليو، ماستر تمام سٺا هئا، ان زماني ۾ ٽئين درجي انگريزيءَ ۾ هڪڙو اسڪالر شپ جو امتحان ٿيندو هو. مون به ان جي تياري ڪئي ۽ ان ۾ پاس ٿيس، پوءِ ماهوار ڏهه رپيا يا ڪيترا ملندا هئا. پوريءَ ريت ياد نه اٿم ڪجهه رقم گل حسن خان به ڏيندو هو. مون کي ياد آهي تمام سختيءَ سان ڏکن سان مون پڙهي مئٽرڪ پاس ڪئي.

    نيو ارا اسڪول ۾ ته پنج درجا هوندا هئا ۽ هن اسڪول ۾ شيخ اياز به پڙهيو هو، رام ڄيٺملاڻي به پڙهيو هو، شڪارپور جا ڪيترائي سٺا شاگرد پڙهيا هئا، جنهن سال مون پنجون درجو پاس ڪيو ته ان سال نيو ارا اسڪول کي ڇهون درجو پاڙهڻ لاءِ به منظوري ملي، تنهن ڪري مان ڇهون درجو پڙهي پاس ڪيو ته ان اسڪول کي ستون درجو پاڙهڻ جي به منظوري ملي وئي، پر اسان جي اسڪول جي هيڊ ماستر مينگهراج ستون درجو پاڙهڻ کان انڪار ڪيو. هن چيو ته في الحال مان ستون درجو نه ٿو پاڙهيان جو مون کي سٺا هوشيار ڇوڪرا کپن جيڪي سٺا نتيجا حاصل ڪن. تنهن جي ڪري اسان مجبورن ستين درجي يعني مئٽرڪ لاءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ وڃي داخلا ورتي. 1945ع ۾ مون بمبئي يونيوروسٽيءَ مان، گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ پڙهائيءَ ڪري مئٽرڪ پاس ڪئي. مون کي ٽن سبجيڪٽس ۾ ڊسٽنڪشن مارڪون مليون، فزڪس، ڪيمسٽري، 80 سيڪڙو کان مٿي، ٻيو ميٿميٽڪس ۾ ۽ ٽيون ٻولين ۾ مون کي سٺيون مارڪون مليون. ان زماني ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ سنڌي ته ڪمپلسري سبجيڪٽ هو، انگريزي به، پر گورنمينٽ اسڪولن ۾ ٻي ٻولي عربي پڙهائيندا هئا. ان جو سبب علامه دائود پوٽو، جيئن ته ڊي پي آءِ هو، ان جو چوڻ هو ته سرڪاري اسڪولن ۾ عربي ٻي ٻولي پڙهائي وڃي. باقي خانگي اسڪولن ۾ فارسي پڙهائي ويندي هئي. تنهن ڪري مون چار سال يعني چوٿين درجي تائين فارسي ٻولي پڙهي، فارسي اسان کي نيو ارا اسڪول ۾ مسٽر هاسانند پڙهائيندو هو، ڏاڍي شوق سان پڙهائيندو هو.کيئلداس فانيءَ ننڍي هوندي کان وٺي علم ادب سان دلچسپي پيدا ڪرائي، ان حد تائين جو بليڪ بورڊ تي سنڌي شاعريءَ جا قافيه ۽ رديف سيکاريندو هو. طرح مصرع ٺاهيندو هو ۽ چوندو هو ته توهان ان تي شعر لکي اچو. هو پڙهائڻ وقت عجيب گفتا ٻڌائيندو هو. اهڙيون ڳالهيون فلسفي ۽ ادب جون ٻڌائيندو هو، جو اسين حيران ٿي ويندا هئاسين. مثال ڏيندو هو ته: “هي ڪٿان جو انصاف آهي، هڪڙي ماڻهوءَ کي ڏهه گهر آهن، هڪ هڪ گهر ۾ ڏهه ڏهه ڪمرا آهن، ٻئي پاسي هڪڙي ڪمري ۾ ڏهه ماڻهو رهن ٿا. هڪڙو ماڻهو آهي جنهن وٽ ڪپڙن جا ڪٻٽ ڀريا پيا آهن، پر هڪڙو ماڻهو آهي جنهن ويچاري کي پائڻ لاءِ هڪڙو وڳو مس آهي، اهو ڪهڙو انصاف آهي.”

    ان زماني ۾ انگريزي پهرئين، ٻئي ۽ ٽئين درجي ۾ سنڌي ڪتاب هوندا هئا پنجون درجو، ڇهون درجو ۽ ستون درجو ۽ اتي ستين درجي جا سنڌي ڪتاب ختم ٿيندا هئا. چوٿين درجي انگريزيءَ ۾ وري ٻيا خانگي لکيل ڪتاب پڙهائيندا هئا. ان زماني ۾ ٽالسٽاءِ جون اخلاقي آکاڻيون، ٽالسٽاءِ جون آدرشي آکاڻيون ۽ اهڙا ٻيا ڪتاب پڙهائيندا هئا. ان نموني سنڌي ۽ فارسي ادب پڙهائيندا هئا. ان وقت پڙهڻ لاءِ ٻولي انگريزي هوندي هئي، ان ڪري تاريخ ۽ جاگرافي به انگريزيءَ ۾ پڙهائيندا هئا. ان وقت اسان کي تقرير ڪرڻ سيکاريندا هئا، ان زماني ۾ اسان جي اسڪول ۾ بجلي ڪانه هئي، تنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن اسان جو هيڊ ماستر مينگهه راڄ، هيٽ نائيٽ ڊبيٽ ڪري ڪوٺيندو هو. جنهن ۾ سڄي اسڪول جي پنجن ئي درجن جي هوشيار شاگردن کي گهرائيندا هئا، پوءِ گئس جا ٻه ٽي گولا ٻاريندا هئا، هو پاڻ انگريزي ٽوپلو پائيندو هو، اهو ابتو رکندو هو ان ۾ پنن تي ڏهه پندرنهن عنوان انگريزيءَ جا لکي وجهندو هو. پوءِ ڇوڪرن کي چوندو هو ته هڪڙو هڪڙو کڻي انهن عنوانن تي ڳالهائيو. ان لاءِ اسان کي اسڪول ۾ ئي تياري ڪرائيندا هئا. پر ڳالهائڻو انگريزيءَ ۾ هوندو هو. ٽئين درجي انگريزيءَ کان پوءِ، انگريزيءَ ۾ جيڪي ڏکيا لفظ اچن ٿا، انهن جي معنيٰ سمجهائيندا هئا، پوءِ استاد چوندو هو ته اهي پنهنجي جملن ۾ استعمال ڪري اچو. عام شاگرد لفظ “Good” کي لکي ايندا هئا عام جملو جيئن “I am very good boy” پر جيڪي فرسٽ ڪلاس جا شاگرد هوندا هئا، اهي اهڙن لفظن کي ٻين جملن ۾ استعمال ڪري ايندا هئا، مثال طور لفظ “Friend” آهي. اهي لکي ايندا هئا “A friend in need is a friend indeed” اسان وٽ ٻن دستن جو هڪڙو نوٽ بڪ هوندو هو، ان تي لکرائيندا هئا. اسان کي ڪيترائي انگريزي پهاڪا ياد ڪرائي ڇڏيائون. اسان کي جملا ڏاڍا سٺا سيکاريندا هئا. ٻي ڳالهه ته اسان کي پڙهڻ تي گهڻو شوق هوندو هو . اسين نصابي ڪتابن کان سواءِ ٻيا ڪتاب به پڙهندا هئاسون . لائبرريءَ مان، اخبارون پاڻ پڙهندا هئاسون، ياد ٿو اچيم ته پنجين درجي ۾ هئاسون ته اسان جو هيڊ ماستر هاسانند ڪراچيءَ مان هڪڙي انگريزي اخبار گهرائيندو هو. شايد ان جو نالو ”ڪراچي گزيٽ“ هو، جيڪا پاڻ به پڙهندو هو ۽ اسان پنجين ۽ ڇهين درجي جي شاگردن کي ڏيندو هو ته اوهان به پڙهو. مان اوهان کي ان مان Dictation وٺندس. ٻئي ڏينهن آخري پيرڊ ۾ اسان کان Dictation وٺندو هو. اهڙيءَ طرح لائبرريءَ ۾ وڃڻ لاءِ چوندا هئا. شڪارپور ۾ پڙهڻ جي شوق ڪري پنج ڇهه وڏيون لائبرريون هوندوين هيون، جتي اسين پڙهڻ ويندا هئاسون. ياد ٿو اچيم ته اسان اسڪول کان پوءِ گهر ويندا هئاسون ته ”سڪ پل“ وٽ هڪ هندو حڪيم هو، انهيءَ وٽ ڪراچيءَ جون اخبارون اينديون هيون ان ۾ سنڌي اخبارون به هيون، پوءِ اسين اتي ويهي اخبارون پڙهندا هئاسون ۽ پوءِ گهر ويندا هئاسون، گهر ۾ آرام ڪري چئين پنجين بجي راندين تي ويندا هئاسون. راندين تي وڃڻ کان اڳ ڪلاڪ کن جماڻي هال ۾ پهرين ماڙ تي هڪ سٺي لائبريري هوندي هئي، ان لائبرريءَ ۾ رسالا، اخبارون ۽ ڪتاب هوندا هئا. اخبارون صرف سنڌ جون نه پر هند جي بمبئي جون به هيون، انگريزي، اردو، هندي ۽ سنڌي، ان حد تائين جو ڪلڪتي مان به نڪرندڙ مخزنون ان لائبرريءَ ۾ هونديون هيون. سنڌو رسالو ۽ هفتيوار اخبارون به اينديون هيون، اسان کي پڙهڻ جي عادت پئجي وئي. ان کان سواءِ ڄڻ اسان جو ڏينهن نه گذرندو هو. پوءِ راند تي ويندا هئاسون. راند تان موٽي، گهر ماني کائي، ڪپڙا بدلائي، اٺين وڳي ڌاري، ڪرشنا منڊل لائبريري هوندي هئي، اتي ڪتاب پڙهڻ ويندا هئاسون. انهن اخبارن پڙهڻ سان مون کي ٻه فائدا ٿيا. اتي ڪلڪتي مان هڪڙو انگريزي رسالو ايندو هو ان جي مٿان هڪ مقولو لکيل هوندو، اهو وڻندو هو، اهو هو، “Awake, arise, stop not, till the goal is not reached” (جاڳو، اٿو، تيسين نه بيهو، جيسين منزل نه ماڻيو.) اهو مقولو سوامي وويڪانند جو هوندو هو. هر هفتي پڙهڻ سان اهو ياد ٿي ويو هو .

    هڪ ڀيري ڇهين درجي انگريزيءَ ۾ اسان جي انسپيڪشن ٿي. انسپيڪٽر منهنجي خيال ۾ موسوي صاحب هو. هڪڙا ٻه موسوي ڀائر مشهور آهن، هڪڙو موسوي صاحب اسڪول جو هيڊ ماستر هو ۽ ٻيو اسڪولن جو انسپيڪٽر هو. هڪڙو عبدالحسين شاهه موسوي ۽ ٻئي جو نالو ياد نه ٿو اچي، هو جڏهن انسپيڪشن تي آيو ته اسان کان کيئل داس فاني ڪلاس وٺي رهيو هو ته ان کان پڇيائين: ”مان تنهنجي ڇوڪرن جو امتحان وٺان“ هن کيس اجازت ڏني هن چيو: ”مان اوهان کي هڪڙي مصرع ٿو ڏيان، اوهان ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ٻڌايو،”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي،“ اتفاق سان مون کي اهو مقولو ياد هو ۽ مون کيس ٻڌايو ته ڏاڍو خوش ٿيو، جو کيئل داس فانيءَ کي رجسٽر تي نوٽ لکي ڏئي ويو. کيئل داس فاني هندوستان دير سان ويو، 1947ع ۾ نه پر 1950 ع واري ڏهاڪي جي شروعاتي سالن ۾ ويو. گهڻو وقت پوءِ 1980ع ۾ مون سندس ايڊريس هٿ ڪري، هن کي نئين سال جي مبارڪباد جو ڪارڊ موڪليو، کيس مليو ته هن مون کي ڇهن صفحن جو خط لکيو، ان ۾ اهو واقعو به لکيو هئائين ته: ”توکي ياد آهي يا نه ته جڏهن هڪ ڀيري اسان جي انسپيڪشن ٿي هئي ته تو هڪڙو جواب ڏنو هو، اهو اڄ ڏينهن تائين پنهنجي پٽن کي ٻڌائيندو آهيان.“ مون کي اهو فائدو مليو. ٻيو فائدو جيڪو حاصل ٿيو لائبريرين ۾ وڃڻ ڪري، ڪرشنا منڊل لائبريري جيڪا هوندي هئي، اتي مون کي هڪڙو سياسي ڪارڪن مليو. اهو زمانو 1943ع جو هو. جڏهن مان اڃان پنجين درجي انگريزيءَ ۾ هوس، ان جو نالو هو غلام محمد. هو پنجابي هو، شڪارپور ۾ پنهنجي پيءُ سان ڊکاڻڪيءَ ۾ ڪم ڪندو هو، سڄو ڏينهن مزدوري ڪندو هو، شام جو هو ٽريڊ يونين لاءِ ڪم ڪندو هو، شاعري به ڪندو هو، سياسي ڪم به ڪندو هو، شام جو ڪرشنا منڊل ۾ شاگردن کي هندي به پڙهائيندو هو. اتي ادب ٻڌائيندو هو، بمبئي کان، لاهور کان، کاٻي ڌر جو پروگريسو ادب ايندو هو، اهو پڙهائيندو هو، مون کي به ڏيندو هو، انهيءَ زماني ۾ مونکي ياد آ ته ”قومي جنگ“ بمبئي مان نڪرندي هئي، اها مون پڙهي هئي، مون پهريون ڀيرو سبطِ حسن جو مضمون پڙهيو هو، مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي، انهيءَ اخبار جي وچ وارن صفحن ۾ لکيل هوندو هو ته آزاد هندوستان ۾ آزاد پاڪستان ۽ هندوستان جي مسلمانن کي حق خود اختياري ڏني وڃي. اسان انهيءَ تي خوش ٿيندا هئاسين. غلام محمد اسان کي اقبال ٻڌائيندو هو. “اٺو ميري دنيا ڪي غريبون ڪو جگادو” خاص طور تي اسين شاگرد جيڪي هيٺين طبقي مان آيا هئاسين يا اهڙا ٻيا، انهن کي اهڙيون ڳالهيون ڏاڍيون وڻنديون هيون. مسلمانن ۽ اسلام لاءِ چوندا هئا ته اسلام ۾ مساوات، اخوت آهي، ڀائپي آهي، ٻين قومن ۾ استحصال آهي، هيٺ مٿاهين آهي، ڇوت ڇات آهي، ذات پات آهي، پر اسلام ۾ ناهي. اهڙيون ڳالهيون ٻڌي اسان خوش ٿيندا هئاسون، اسان 1945ع ۾ جڏهن مئٽرڪ پاس ڪئي، ته ان سال مان مسلم اسٽوڊنٽ فيڊريشن ۾ داخل ٿيس، ان کان اڳ مسجد منزل گاهه وارو فساد به ٿيو هو. اهو به اثر هو، ان زماني ۾ سوشلزم اسلام ۽ مسلم ليگ گڏوگڏ هلندا هئا.

    مون مئٽرڪ پاس ڪئي ته مون ڪاليج ۾ داخلا ورتي ان زماني ۾ شڪارپور ۾ سي اينڊ ايس ڪاليج مشهور هو مون اتي داخلا ورتي، مون کي سڄو وقت پڙهائيءَ ۾ گل حسن خان مدد ڪندو هو، ٻئي ڪنهن به ماڻهوءَ مدد نه ڪئي، جڏهن مان پاس ٿيندو هوس ته هر سال منهنجا ٻه ٽي رپيا وڌائيندو هو ۽ لڳاتار مدد ڪندو رهيو.

    ان وقت منهنجا ٻه بهترين دوست ٿيا هئا، اهي اڳتي ڪراچيءَ ۾ به مون سان گڏ هئا. هڪڙو هو عباس علي شيخ جيڪو اڄ به جيڪب آباد ۾ ڊاڪٽر آهي،اهو شڪارپور جي مشهور وڪيل، واجد علي شيخ جي ڀاءُ جو پٽ هو، واجد علي شيخ شڪارپور ۾ مسلم ليگ جو صدر هو، مسجد منزل گاهه واري واقعي ۾ سرگرم ڪارڪن هو ۽ جٿا ٺاهي ويندو هو. ان سبب ڪري جيل ۾ به ويندو هو. اسان جي علائقي شڪاپور ۾، چون ٿا ته فوجداري مقدمي ۾ پهريون وڪيل ويو هو. مون هن کي ان طرح ڏٺو جو ، هن جي شخصيت ايڏي سٺي هوندي هئي، رعبدار شخص هو، ڪو به ماڻهو هن جي ڀرسان ويهي هن سان ڳالهائي نه سگهندو هو. سندس ڀائٽيو به ڳالهائي نه سگهندو هوس، ٻيو دوست انور شيخ هو، جيڪو مون کان هڪ سال گهٽ درجي ۾ هو. عباس شيخ ته مون سان گڏ پڙهندو هو، انور شيخ جي به مون سان پڇاڙيءَ تائين دوستي رهي.پوءِ جڏهن اسان انٽر پاس ڪري ڪراچيءَ آياسون ته گڏ آياسون. عباس شيخ ميڊيڪل ۾ ويو ۽ ڊاڪٽر ٿيو. هو مون سان تمام گهڻو هليو. هو غريب غربي جي تمام گهڻي مدد ڪندو هو، سنڌ ۾ جتي به ويندو هو، تعليم، اخلاق، فضيلت سان تمام عاليشان ماڻهو هو. ٻيا ڪيترائي هندو دوست هئا، اهي ورهاڱو ٿيڻ کان پوءِ هندوستان هليا ويا. پوءِ مان جڏهن هندوستان ويو هوس ته کين ڳولي لڌم ته هنن به ڏاڍا قرب ڏنا، دوستيءَ جو ڀرم رکيائون. اهي اڃان تائين اتي آهن. (هتي ابراهيم جويو صاحب سوال ڪيو ته شيخ اياز؟) شيخ اياز، جڏهن مان اسڪول ۾ پڙهندو هوس مان اڃان مئٽرڪ ۾ هوس ته شيخ اياز انٽر پاس ڪري ڪراچي هليو ويو هو، هو مون کان ٽي چار سال مٿي هو، پر شيخ اياز شڪارپور ايندو هو، جڏهن به ايندو هو ته اتي سرگرم رهندو هو. مون کي ياد آهي ته شڪارپور ۾ اسان مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن وارن هڪڙي لائبريري ٺاهي هئي. مولانا محمد علي لائبريري، ان ۾ هڪ دفعي شيخ اياز ليڪچر اچي ڏنو. ڇاڪاڻ جو هو ڪراچيءَ ۾ فلاسافي پڙهندو هو ۽ سياسي طور سرگرم هو. ياد اٿم ته علامه اقبال تي ليڪچر ڏنو هئائين. ان وقت به اسين کانئس متاثر هئاسون. هو هوشار هو انگريزي، سنڌي، اردو ۽ فارسي سٺي ڄاڻندو هو ۽ ڳالهيون تمام هوشياريءَ سان ڪندو هو. هو انگريزيءَ ۾ خط لکندو هو. انهن ۾ خاص ايم اين راءِ جو ذڪر هوندو هو ۽ هو ريڊيڪل هيومنسٽ هو، ان ۾ هڪ اخبار جو ذڪر هوندو هو، “ريڊيڪل ايپروچ” جو اتان ريڊيڪل هيومنسٽ اخبار ايندي هئي، اها پڙهندا هئاسين. 1945-1946ع ۾ مان اڃان ڪاليج ۾ هوس ته ان ۾ سرگرم هوس، ڪراچيءَ ۾ جيڪي سينيئر دوست هوندا هئا انهن مان هڪڙو غلام الله اعواڻ، جيڪو ڊاڪٽر آهي، نعيم صديقي، لعل محمد لعل، اهي شڪارپور جا هيا، انهيءَ زماني ۾ جڏهن موڪلن تي شڪارپور ۾ ايندا هئا ته اسان جو اصول هوندو هو ته شڪارپور ۾ شام جو اسين لکي در کان پنڌ (Walk) ڪندا هئاسين. لکي در کان اسٽيشن ڏي، پوءِ اچي بند وٺندا هئاسين. لعل محمد لعل مون کي وٺي پاسي تي هلي ويٺو ۽ پڇيائين ته: “تون مسلم فيڊريشن جو آهين، مان به مسلم فيڊريشن جو آهيان. تون سمجهين ٿو ته مسلمانن کي پاڪستان کپي ٿو”، مون هائوڪار ڪئي، هن چيو: ”هي هڪڙو عهدنامو آهي، ان تي صحيح ڪر.“ مون اهو پڙهيو، هن کان قلم صحيح ڪرڻ لاءِ گهريم ، چيئن ايئن نه، ٻانهن مان رت ڪڍي ان سان صحيح ڪرڻي آهي، مون چيو ، مان ايئن نه ڪندس، مان رت نه ڪڍندس، پوءِ هو هليو ويو.

    ان زماني ۾ ڪاليج ۾ فنڪشن ڏاڍا ٿيندا هئا. ڊراما ٿيندا هئا، ميلا لڳندا هئا، سياري ۾ ڪئمپ فائير به ٿيندا هئا. تقريرون ٿيندوين هيون. غلام الله اعواڻ تي ياد آيو ته ته هو ڏاڍو سٺو ڳالهائيندو هو. ان زماني ۾ سهگل ڏاڍو مشهور هو. ان وقت سهگل جو گانو مشهور ٿيو هو ته، ”بازار سي گذراهون، خريدار نهين هون، هر چند هوش مين هون هوشيار نهين هون“ شڪارپور ۾ ڳائڻ جو شوق گهڻو هو اسان اسڪول کان جڏهن واپس ٿيند اهئاسون ته لکي در وٽ، هندو سيٺين جا بنگلا هوندا هئا، انهن مان“رون رون” جا آواز پيا ايندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن اسين به اتي هليا ويندا هئاسين. اتي ڪلاسيڪل راڳ هلندو هو، اسين به ڪلاڪ ٻه ويٺا هوندا هئاسين.

    هر سال سياري ۾ هوليءَ جا هانڊا ٿيندا هئا، اهي ٻن جڳهن تي، جتي هاڻ شاهه عبداللطيف ڪاليج آهي اتي، ٻيو شاهي باغ جي اندر جيڪا پوءِ سئنيما ٺهي اتي، ٽي ٽي ڏينهن ساندهه هانڊا ٿيندا هئا. آل انڊيا جا مشهور گويا، ڪلاسيڪل راڳ ڳائيندا هئا، انهن کي هي ماڻهو سڏيندا هئا، انهن کي ڄڻ پاليندا هئا ، کين پ.سا ڏيندا هئا . شڪارپور شهر ۾ راڳ جو تمام گهڻو شوق هوندو هو. اتي هڪڙي گهٽي آهي جنهن کي چرين ٻانڀڻن جي گهٽي ڪوٺيندا آهن. خبر ناهي انهن کي چريا ڇو چوندا هئا، اسان اتان لنگهندا هئاسون ، ته مٿان گهر ۽ هيٺ سڄو ڏينهن پيا ساز وڄائيندا هئا. چندر ته ٺارو شاهه جو هوندو هو. مون ان کي روبرو نه ٻڌو هو، مون ڀڳت ڪنور رام کي ٻڌو هو، ڀڳت ڪنور رام اسان جي پاڙي ۾ آيو ۽ مان ننڍو آهيان اتي ڳايو هئائين ۽ مون ڏٺو هو ته ڳائڻ کان پوءِ جهول جهليندو هو ۽ جيڪي پئسا مليا اهي ورهائي ڇڏيائين.

    شاهي باغ ۾ جڏهن ڀڳت پوندي هئي، اتي هندو شمن نالي هوندو هو، ان کي چوندا هئا شمن گڏو. ٻه ڄڻا ڀڳت وجهندا هئا، هڪٻئي جي آمهون سامهون بيهندا هئا. هڪڙو چوندوهو ته ٻيو ان کي جواب ڏيندو هو. ٻي ڳالهه شڪارپور جي مشهور هئي ته گرمين ۾ سنڌ واهه ۽ بيگاري واهه وهي ايندا هئا. تڏهن ته ميلا لڳندا هئا. موڪل واري ڏينهن ته تمام گهڻا ماڻهو اتي هوندا هئا، باقي جيڪڏهن جيڪڏهن جهڙالو ٿيو ته ٻئي ڏينهن تي به ماڻهو ايندا هئا. انهيءَ حد تائين جو لکي در کان سنڌ واهه تائين بسون هلنديون هيون.

    مان پنهنجي پڙهائيءَ ۾ ته ڏاڍو هوشيار هوندو هوس، مون کي پڙهڻ جو شوق هوندو هو ، رانديون به سڀ کيڏيم. ڏڪي ڏڪر، ملهه، ڪوڏي ڪوڏي کيڏندا هئاسون. لغڙ ٺاهيندا هئاسون. ڏور لاءِ جپاني تلوار مارڪ ڌاڳو ايندو هو، اهو وٺي ايندا هئاسون، هڪڙي وڻ مان ٻئي وڻ ۾ ٻڌي، ان کي شيشا ڪٽي، طوتئي کي لئيءَ ۾ ملائي ان کي هڻندا هئاسين. موسم موسم جون سڀ رانديون کيڏندا هئاسون، غربت جي ڪري، موڪلن ۾ ۽ هر موسم ۾. شڪارپور ۾ ٻاهر هڪڙي برف جي فيڪٽري هوندي هئي ، اتان ماڻهو پنج پنج، ڏهه ڏهه سير برف وٺي ويندا هئا. اسان جي گهر ٻاهران هڪڙي اوطاق به آهي. اتي ويهي، برف کي رندي سان گهي، ڳنڍا ٺاهي وڪڻندا هئاسون. انبن ۽ کارڪن جا ڏينهن اچن ته ڪچا انب وٺي پال ۾ رکي، پچن ته وڪڻندا هئاسون، کارڪان وٺي ايندو هوس ۽ صبح جو وڪڻندو هوس.

    منهنجا ماما اوستا هوندا هئا يعني رازا، نبي شاهه پاڙي ۾ سمورا اوستا آهن. مون کي ياد آهي ته هڪ ٻه ڀيرا مون کي پاڻ سان گڏ مزدوريءَ لاءِ به وٺي هليا هئا. ٻه آنا يا چار آنا وٺي ڏيندو هو. ڪا سر يا ڪو اوزار کڻي ڏيڻ لاءِ چوندا هئا يا ويهاري ڇڏيندا هئا. مون کي ڏاڍو پيار به ڪندا هئا . مان جڏهن مئٽرڪ ۾ هوس يا ڪاليج ۾ پڙهندو هوس ته گل حسن خان چوندو هو ته موڪلن ۾ منهنجي سوسائٽي ۾ اچي ڪم ڪندو ڪر، ڪجهه ڪم نه ڏيندو هو، مان ويٺو هوندو هوس ۽ چوندو هو ته رجسٽر ڏس ۽ انهن جي پگهار مون کي ڏيندو هو. اتي هن جا ٻيا ڪتاب هوندا هئا، مان اهي پڙهڻ جي اجازت گهرندو هوس ته هو اجازت ڏيندو هو ته مان اهي پڙهندو هوس. گل حسن خان جو وڏو پٽ آغا صوفي سڏبو هو ۽ ننڍو پٽ آغا عبدالنبي هوس، جيڪو ڪمشنر ٿيو هو، آغا صوفيءَ جو نالو غلام نبي هو، اهو حڪيم هو . مون سچل سرمست جو رسالو پهريون دفعو ان وٽ ڏٺو. هو شخص سنڌيءَ ۾ ڊراما لکندو هو ۽ قرآني آيتن جو سنڌي نظم ۾ ترجمو ڪندو هو، اهي ڪتاب به مون هن وٽ ڏٺا هئا. ڪراچيءَ ۾ طارق روڊ تي جيڪو ديوان جو مٺائيءَ جو دڪان سن شائين آهي، اتي جو ديوان مون سان گڏ پڙهندو هو. سندس پيءُ جو دڪان ۽ لمليٽ واٽر جو دڪان به هوندو هو. چدي جي گولين واريون بوتلون ٺاهيندا هئا، اهي بوتلون ڏاڍيون مشهور هونديون هيون، اهو ماڻهو (نالو وسري ويو آ) به ڊرامن جو شوقين هوندو هو. آغا صوفي ڊرامن ۾ ڏاڍي دلچسپي وٺندو هو. هو پاڻ لکندو به هو ۽ ترجما به ڪندو هو. (هتي جويو صاحب جمال صديقيءَ جي باري ۾ پڇيو) جمال صديقي، شيخ اياز کان به وڏو هو. مون جمال صديقي ڏٺو ئي ڪونه هو. جمال جي والد جي جيئن ته نوڪري هوندي هئي تنهن ڪري ڪڏهن ڪراچيءَ ۾ ته ڪڏهن لاڙڪاڻي ۾ هوندو هو. شيخ اياز به ڪراچيءَ هليو ويو. مون جڏهن مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ انٽر ۾ داخلا ورتي. انٽر ۾ هاڻ وانگر نه هو ته جي ڪوئي ميڊيڪل ۾ وڃڻ چاهي ته اهي سبجيڪٽس پڙهي ۽ انجنيئرنگ ۾ وڃڻ چاهي ته اهي مضمون پڙهي. اسان جي زماني ۾ فرسٽ ييئر ۾ سڀئي مضمون پڙهڻا پوندا هئا. ميڊيڪل جا به انجنيئرنگ جا به. ڌار ڌار وڃي ٻئي سال ۾ ٿيندو هو. جنهن کي 12 جماعت چئجي ٿو. مان جڏهن پهريون پاس ڪيو ته جن سينيئر دوستن سان مان اٿندو ويهندو هوس، جيئن ضياءُ الدين شيخ، اهو ٻه ٽي سال مون کان سينيئر هو، ۽ جيسين شڪارپور ۾ هو ته سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو صدر هو، تمام چالاڪ ۽ هوشيار هوندو هو، سندس والد غلام محمد شيخ ڊپٽي ڪليڪٽر هوندو هو. ٻيو بشير صديقي، منهنجو دوست هو ۽ مون کان سينيئر هو. مون جڏهن 1945ع ۾ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل ٿيس ته هو ان وقت سيڪريٽري هو. ٻئي سال هو جڏهن انٽر پاس ڪري هليو ويو ته فيڊريشن جي اليڪشن ٿي ۽ مان جنرل سيڪريٽري بڻيس، چئن پنجن سؤ شاگردن باقائده بيليٽ ڪري چونڊ ڪئي. شڪارپور ۾ عبدالرسول انجنيئر هوندو هو، ٻيو نعيم صديقي ۽ غلام الله اعواڻ، انهن هڪ ميٽنگ گهرائي، هنن مون کان پڇيو ته تون ڇا پڙهندين. مون چيو ڊاڪٽري پڙهندس، ته هنن چيو ته ميڊيڪل مهانگي آهي ۽ ان ۾ وقت به گهڻو لڳندو، تنهن ڪري تون وڃي ايگريڪلچر پڙهه ، مون پڇيو ته ايگريڪلچر ڪاليج ڪٿي آهي؟ ٻڌايائون ته سڪرنڊ ۾ آهي. مون چيو مان ڪنهن ننڍي شهر ۾ نه ويندس، مان ڪراچيءَ ويندس، پوءِ چيائون ڀلا انجنيئرنگ کڻ. مان ان تي راضي ٿي ويس ته مان انجنيئر بڻبس. انجينيئرنگ ۾ داخلا لاءِ به مون کي آغا گل حسن مدد ڪئي. 1947ع ۾ مون ڪراچيءَ ۾ اچي انجنيئرنگ ۾ داخلا ورتي. اتفاق اهو ٿيو جو مون جڏهن مئٽرڪ جي زماني ۾ ڊسٽنڪشن مارڪون کنيو هيون 1947ع ۾ انٽر سائنس جي امتحان ۾ مان فيل ٿي پيس پر ارمان نه ٿيو ڇاڪاڻ جو ڪاليج مان اڌ ڏينهن پڙهي گهمڻ ڦرڻ هليا ويندا هئاسين. مسلم ليگ جو جهنڊو هٿن ۾، پوءِ ڪڏهن اناج منڊيءَ ۾ ته ڪڏهن ڪٿي، جلسا، جلوس . آغا غلام نبي خان ۽ ٻيا اسان کي وٺيو وڃن، 1947ع ۾ جيڪا اليڪشن پئي ٿي، ان ۾ اسين پولنگ ايجنٽ طور ڪم ڪريون پيا. پوءِ ڪڏهن امروٽ ته ڪڏهن ٻئي هنڌ ويندا هئاسون، پرٽن ڏينهن کان پوءِ خبر پئي ته مان پاس ٿيو آهيان . سڄي سنڌ مان صرف ٽي ڄڻا شاگرد پاس ٿيا هئا. گريس (واڌو) مارڪون ڏئي پاس ڪيو ويو هو، ڇاڪاڻ جو ٿيوريءَ ۾ تمام سٺيون مارڪون هيون، هڪ ٻن مضمونن جي پريڪٽيڪلس ۾ فيل ٿيو هوس، مان فقط پاس ته ٿيس، پوءِ ان صرف پاس واري کي به ڪراچيءَ ۾ داخلا ملي وئي ۽ ٽيهه رپيا اسڪالر شپ به ملي، پوءِ مان هتي جناح ڪورٽس ۾ اچي رهيس، جناح ڪورٽس ۾ ان زماني ۾ New U.O.T.C هئي. University officers training centre فوجي تعليم ڏيندا هئا. مون کي ياد آهي، باقاعدي لانگ بوٽ ڏيندا هئا، وردي ڏيندا هئا، ميڊيڪل جي فل ٽيسٽ ڪندا هئا، پوءِ جناح ڪورٽس ۾ 33 نمبر روم مون کي الاٽ ٿي. ٻيا به ٻه دوست آيا، هڪڙو هو عبدالمجيد ڪيريو، اهو سيڪريٽري ‎ٿيو ڪراچيءَ ۾، پوءِ رات جو اسين ڪپڙا تيار ڪري، سيرب ٺاهي سمهندا هئاسون، سياري جو صبح سوير سائرن وڄندو هو ته اسان ٽريننگ لاءِ اٿندا هئاسون. اهو پوءِ ڪم آيو، جڏهن جنوري ۾ فساد ٿيا. 6 جنوري 1948ع تي فساد ٿيا، انهيءَ ڏينهن اسان کي سڏيائون، سامهون آرٽلري ميدان هو، ان جي پٺيان دڪان هئا، انهن کي ڦري ويا. ڪوئي صابڻن جي پيتي مٿي تي کڻي ويو. ڏاڍا فساد ٿيا، تنهن ڪري ڪرفيو لڳايائون. ڪرفيو ۾ انهن شاگردن جن جي ٽريننگ ٿيل هئي، انهن کي يونيفارم ڏنائون ۽ لٺ به ڏنائون، ته توهان امن امان لاءِ وڃو. اسان جي ڊيوٽي ميٺارام هاسٽل تي لڳي. مٺارام هاسٽل، ڊي جي سائنس ڪاليج جي انتظام هيٺ هئي . اهي پنهنجي ڪاليج جي شاگردن کي به بلڪل ميرٽ تي داخلا ڏيندا هئا. گهڻو ڪري ان ۾ مسلمان شاگرد هوندا هئا. مون کي ياد آهي ته ايم يو ملڪاڻي هتي پڙهائيندو هو. اتي اسان جي ڊيوٽي لڳايائون، شهر مان جيڪي هندو ڀڄي اچي پناهه وٺندا هئا اهي هتي ۽ سوامي نارائڻ مندر ۾ رهندا هئا، اهي ڄڻ ان وقت ٽرانزٽ ڪئمپ هيون، جتان پوءِ هو بندر تي هليا ويندا هئا. اهو ڪم جڏهن پورو ٿيو، انهيءَ وچ ۾ مون فرسٽ ييئر انجنيئرنگ جو امتحان ڏنو، ان ۾ فيل ٿي پيس، ڇاڪاڻ جو اهو سڄو عرصو به مان سياسي ڪمن ۾ رڌل رهندو هوس، مسلم اسٽوڍنٽس جي پليٽ فارم تان ايس ايم ڪاليج ۾ اسٽرائيڪ ٿي، ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪيائون. ان جي خلاف گوڙ ٿيو، انهن ڳالهين جي ڪري اسان جي پڙهائي تي برو اثر پيو، پوءِ سپليمينٽريءَ ۾ مان پاس ٿي ويس انهي ڪري ميٺارام هاسٽل خالي ٿي وئي، شاگرد هليا ويا ته سڀ اسين جيڪي شڪارپور جاشاگرد هئاسين، اهي مٺارام هاسٽل هليا وياسون، جن ۾ انجنيئرنگ جا توڙي ميڊيڪل جا شاگرد سڀ هليا آياسون، مون کي هيٺ 47 ڪمرو مليو. ان ڪمري ۾ هڪ وڏي رنگين ڊانسر جي تصوير ٺهيل هئي، جيڪا عمر خيام جي رباعي تي ٺهيل هئي، پوءِ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي 48 نمبر ڪمري ۾ ٿيندي هئي، اهو هڪڙو سال شيخ اياز به اتي اچي رهيو هو. ان زماني ۾ پي ڊبليو ڊي ۾ نوڪري ڪندو هو، ڪم ڪار ته ڪندو نه هو آفيس ۾، اتي ڏاڍا ڪتاب پڙهندو هو. لائبريري مان به کڻي ايندو هو. ان 48 نمبر ڪمري ۾ ٻه دوست رهندا هئا، هڪڙي کان مان واقف هوس، اهو مونس هو ، ٻين دوستن جو به دوست هو، سائين جي ايم سيد جو به دوست هو. ٻيو ڪامريڊ اشرف ڪامريڊ شرف جو ننڍو ڀاءُ هو، مون کي انهن سان متعارف ڪرائي کين چيائين ته اسان سنڌين طرفان هي نورالدين سرڪي توکي سونپيو سون. مون کي خبر ئي نه پئي ته هي ڇا ٿا چون، پڇا ڪرڻ تي ٻڌايائين ته تون بس هاڻ هنن جو دوست آهين، هنن سان ملندو جلندو ڪر. پوءِ هنن چيو ته سڀاڻي يا پرين، اڄوڪي مهراڻ هوٽل جي ڀر ۾ هڪ ملباري جو پان جو دڪان يا چانهن جو دڪان هو جو اڄ ڏينهن تائين آهي، اتي توکي هڪڙو دوست سائيڪل تي ملندو، تون ساڻس فلاڻي وقت تي ملجان، ان ڏينهن ۽ وقت تي جڏهن مان اتي پهتس ته اهو دوست اتي بيٺو هو ۽ مون سان کلي ڳالهايائين. کلي ڳالهائڻ سان موهي وڌائين، اهو حسن ناصر هو، پوءِ ساڻس منهنجي دوستي جڙي. اول ته مون کي خبر ئي نه پوندي هئي، جو چوندا هئا فلاڻي پاسي هلڻو آهي، ڪي گڏجاڻيون ڪندا هئا، ملي ويهندا هئا، پوءِ وڃي مون کي خبر پئي ته هي ڪميونسٽ پارٽي آهي ، مان به انهن جو ميمبر ٿي ويس.

    جڏهن مان سيڪنڊ ييئر ۾ آيس، ته مان وري به فيل ٿي پيس، حقيقت ۾ منهنجي پڙهڻ تان دلچسپي ختم ٿي وئي، مون فيصلو ڪيو ته مان نه پڙهندس، مون پڙهڻ ته ڇڏي ڏنو، پر مون اهو به فيصلو ڪيو هو ته مان آئينده ڇا ڪندس. اصل اهو به خيال هو ته مان انجنيئرنگ پڙهي به ڇا ڪندس. رشوت ته مان اصل نه وٺندس، جو اهو منهنجو ننڍي هوندي کان ئي خيال هوندو هو، مون دل ۾ ارادو ڪيو هو ته اوليت مان پڙهائڻ کي ڏيندس، ان کان ٻيو نمبر وڪالت کي ڏيندس، پوءِ مون ڪراچي ۾ ٻه ٽي سال وڃايا، 1951ع تائين، ان دوران اسان هڪ اخبار جاري ڪئي “صداقت”، “صداقت” نالي اخبار پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به نڪرندي هئي، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪميونسٽ پارٽي طرفان هفتيوار اخبار “صداقت” ڪڍندو هو، پوءِ اها بند ٿي وئي هئي، پوءِ شايد 1950ع ۾ اسان ساڳي نالي سان اخبار جاري ڪئي. مان به ان ۾ مشغول ٿي ويس. سال کن اها اخبار هلائي سون. 1951ع ۾ حيدرآباد وياسون، اتي “صداقت” جا ٻه پرچا ڪڍياسون، اتي ساڳئي گل حسن خان جو پٽ ڪليڪٽر هو ، حيدرآباد جو. سندس نالو عبدالنبي خان هو، هن مون کي انڪار نه ڪيو ۽ اخبار جو ڊڪليريشن ڏئي ڇڏيائين. اتي ٻه پرچا ڪڍياسون ته اخبار بند ٿي وئي. 1951ع جي سيپٽمبر مهيني ۾، عيد جا ڏينهن هيا، اسان جي کٽل کاتي واري، آفيس رسالا روڊ تي هئي، مون اتي نوڪري ڪئي، اپر ڊويزن ڪلارڪ جي. مون ٽي چار مهينا نوڪري ڪئي. مان عيد جي موڪل وٺي گهر هليو ويس. هتي ابراهيم جويو پڇيس ته اتي توهان سان ڪير ملندا هئا ع ق شيخ، محمد ابراهيم جويو، اهي دست مليا ۽ انهن جي مدد سان هاسٽل ۾ هڪ ميرپور خاص جي شاگرد لعل محمد يا لعل بخش نالو هوس، ان سان گڏ ڪمري ۾ رهندو هوس. ان کان اڳ ئي حيدرآباد ۾ ڪيترائي دوست ٿي چڪا هئا. جيئن مراد علي اختر، حسن علي نذير، ع ق شيخ، ان زماني ۾ ئي ابن حيات پنوهر به دوست ٿي چڪو هو. جڏهن مان عيد ڪرڻ واسطي شڪارپور گهر ويس ته موٽي نه آيس. جيڪي ڏينهن نوڪريءَ جا ٿيا هئا، انهن جي پگهار دوستن مون کي ڏياري موڪلي. مون اتي سيپٽمبر ۾ شڪارپور ڪاليج ۾ داخلا ورتي، بي اي آنرس ۾، اهو ڪاليج هو سي اينڊ ايس ڪاليج. اهو به هڪ عجيب قصو آهي.

    مان جڏهن شڪارپور پهتس ته سڌو گل حسن خان وٽ ويس. ڇاڪاڻ هو هن منهنجي سڄي پڙهائيءَ دوران مدد ڪئي هئي. هو پاڻ تمام مذهبي قسم جو ماڻهو هو. ٻين پنهنجي پٽن، پوٽن ۽ ڏوهٽن سان سختي ڪندو هو. پر مون سان ڪڏهن به سختي نه ڪيائين. مون سان ڳالهائيندي ڳالهائيندي ڪڏهن روئي پوندو هو. چوندو هو ته تنهنجي پيءُ ايڏي ايمانداري سان منهنجي هن سوسائٽي کي سنڀاليو هو جو مان هن جا ٿورا نه ٿو لاهي سگهان. هن ماڻهوءَ مون کي تمام گهڻي مدد ڪئي، مان جڏهن هن وٽ پهتس ته پڇيائين ته تون اچي وئين. پوءِ هاڻ ڇا ڪندين. مون وراڻيو ته مان هاڻ به پڙهندس، مون چيو مان بي اي آنرس ڪندس. پڇيائين، نوڪري ڪندين، مون هائوڪار ڪئي، پڇيائين ڪهڙي نوڪري ڪندين، مون چيو ماستري، پڇيائين: ڪٿي ڪهڙي اسڪول ۾ ماستري ڪندين. مون چيو: مان سرڪاري اسڪول ۾ نوڪري ڪندس. مان نيو ارا اسڪول ۾ ماستري ڪندس. ان اسڪول ۾ مان پڙهيو به هوس. اتفاق سان، انهن ڏينهن ۾ هو پاڻ ان سوسائٽي جو صدر هو. مرحوم جان محمد قاضي اهو اسڪولن جو انسپيڪٽر به هو، رٽائير ٿيڻ کان پوءِ ان سوسائٽي جو مينيجر هو، مون کي زباني چيائين ته تون سڀاڻي وڃي ڊيوٽي تي چڙهه. جڏهن اتي ويس ته خبر پئي ته اتي سڀ ماستر مون سان گڏ پڙهيل هئا، سواءِ هيڊ ماستر جي. هڪڙو اردو ڳالهائيندڙ ڪراڙو ماستر هو جيڪو دينيات پڙهائيندو هو. ان وقت اسان استاد جڏهن گڏجي ويهندا هئاسون ۽ مان نئين قسم جون ڳالهيون ڪندو هوس ته اهو ڪراڙو ماستر سميع احمد نالو هوس، مون کي چوندو هو ته تون پيغبري دعوا ڪندين ڇا؟ مون کيس کلي چيو هو ته، “مان اڃان چاليهه سالن جو نه ٿيو آهيان”، باقي ٻيا سڀ ماستر پنهنجا دوست هيا. مان اتي ٻه سال ماستر رهيس. گل حسن خان مون کان پڇيو هو ته توکي ڪاليج جي فيس آهي. مون چيو ته فيس مون وٽ ڪانهي. هن مون کي ٻه سؤ رپيا ڪڍي ڏنا. مون ڪاليج ۾ به داخلا ورتي. مون سوچيو ته پڙهندس به ته پوءِ ڪهڙا سبجيڪٽ کڻان، تنهن ڪري مون سنڌي ۾ داخلا ورتي، لطف االله بدوي انهن ڏينهن ۾ پروفيسر هو، اڪرم انصاري انگلش پڙهائيندو هو، لطف الله بدوي منهنجي پاڙي جو هيو ۽ سندس پٽ احسان بدويءَ سان منهنجي دوستي به هئي. دراصل مون کي سنڌي آنرس ڪرڻ لاءِ مون کي داخلا جي ضرورت ڪانه هئي. مون اهي ڪتاب اڳ ئي پڙهي ڇڏيا هئا. ادبي سنگت جي لحاظ کان اهي سڀ ڪتاب مون پڙهي ڇڏيا هئا. مون کي اتي داخلا ملي مسلم ليگ جي ڪري اتي واجد علي شيخ ۽ ٻيو ادا اختر هوندو هو، انهن جي مدد سان، ڇو جو اتي جيڪو پرنسپال هو اهو هو ڊاڪٽر عارف شاهه چنن شاهه جيلاني، انهي جي واجد علي خان سان دوستي هئي انهي جي چوڻ تي مون کي داخلا ملي وئي، جڏهن ٽرم پورو ٿيو ۽ مان داخلا وٺڻ ويس ته مون کي داخلا نه ڏنائين ، ڇو جو هي ماڻهو جڏهن ڪراچي ۾ هو ته هن منهنجي ۽ ڪاليج جي خلاف مضمون لکيا هئا ۽ اهي اخبارن ۾ ڇپيا به هئا. اها واقعي حقيقت هئي. مون کي شڪارپور واپس اچڻ جو پروگرام ته هو ڪو نه، پر انهن ڏينهن ۾ شڪارپور جا ڪيترائي دوست جن ۾ هڪڙو مرحوم ڏاڏو شيخ، محمد ابراهيم نالو هوس ۽ انجنيئر هو، پوءِ گذاري ويو. اهي هر هفتي مون کي مضمون ڏياري موڪليندا هئا. هن جي خلاف لکندا هئا ته پئسا کائي ٿو وڃي، ڪاليج ۾ بدمعاشي آهي ۽ ڪيتريون خلاف ڳالهيون هونديون هيون، کيس ڪن ماڻهن ٻڌايو ته هي اهو ماڻهو آهي.

    ادب ڏانهن لاڙو يا ادبي شوق صحيح طرح خبر ناهي ڪڏهن ٿيو پر مان ڀانيان ٿو جڏهن آءٌ اسڪول ۾ هوس اڃا فارسي نه پڙهي هئي تڏهن اسان جي گهر ۾ بابي مرحوم جي طرفان ٻه فريم ٿيل هڪڙا شعر خوش خطيءَلکيل ڀت تي ٽنگيل هيا جنهن ۾ هڪ اردو جو ٻيو فارسي جوهو. اردو ته آءٌ پڙهي ويس . جيڪو مونکي اڄ به ياد آهي،

    آگاهه اپني موت سي ڪوئي بشر نهين

    سامان سو برس ڪا ڪل ڪي خبر نهين

    ٻيو فارسي وارو ان وقت سمجهه ۾ نه ايندو هو ، پر جڏهن وڏو ٿيس تڏهن سمجھه ۾ آيو. مان سمجهان ٿو ادب سان باقاعدي شوق منهنجو ٿيو يا مون کي شوق ڏياريو ويو، انگريزي اسڪول ۾ انگريزي چوٿين درجي ۾ شڪارپور نيو ارا اسڪول جو اڃان هاءِ اسڪول نه ٿيو هيو، اسڪول ۾ اسان جو استاد جيڪو سنڌي پڙهائيندو هو کيئل داس فاني پاڻ شاعر هو پاڻ اديب هو. ان زماني ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ چوٿين درجي انگريزي سان گڏ ٻي ٻولي به پڙهائيندا هيا.سرڪاري اسڪولن ۾ ڪوشش اها ڪئي ويندي هئي ته عربي پڙهائي وڃي پر خانگي اسڪولن ۾ فارسي ٻولي پرهائيندا هئا. اسان جو ان زماني ۾ هيڊ ماستر هيو ان جو نالو نه ٿو اچي ، اهو اسان کي فارسي پڙهائيندو هو، چوٿين درجي ۾ سنڌي جو ڪورس پڙهايو ويندو هو ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ سنڌي جا ست درجا هوندا هئا، پهرين درجي کان وٺي پهريون ڪتاب پڙهبو هو، جڏهن چار درجا سنڌي پاس ڪري اسين انگريزي اسڪول ۾ ويندا هياسين ته انگريزي جي پهرين ڪلاس ۾ پنجون ڪتاب سنڌي جو پڙهبو هو اهڙيءَ طرح ٻئي ۾ ڇهون ڪتاب ٽئين ۾ ستون ڪتاب اتي سنڌي ڪورس ختم ٿي ويندو هئو. پوءِ باقي اسان کي سنڌي جا ٻيا ڪتاب پاڻ پڙهڻا پوندا هئا . ان زماني ۾ مون کي ياد ٿو اچي ته هڪ ته سنڌي پاڙهڻ وارو استاد کيئل داس فاني پاڻ سٺو شاعر هو، هو شڪارپور ضلعي جي ميان ڳوٺ جو رهندڙ هيو. هو اسان کي ادبي ڳالهيون ٻڌائيندو هو. جملا اهڙا ڳالهائيندو هو جنهن جون ٻه ٻه معنائون هجن ۽ ان وقت اسان جي ڪورس ۾ جيڪو ڪتاب رکيل هو سنڌي سبجيڪٽ جي لاءِ سو حقيقت ۾ ٽالسٽاءِ جون آکاڻيون سنڌي ۾ ترجمو ٿيل هيون، جيڪي جيڪب آباد جي هڪڙي هندو ليکڪ ترجو ڪيون هيون. ان مان مون کي هڪڙي آکاڻي ياد ٿي اچي ، ڪنهن ڳوٺ ۾ ٻارڪنهن ڳالهه تان پاڻ ۾ وڙهي پيا ۽ ڪجهه ٻارن هڪٻئي کي ٿڦا ٿڦي ڪئي تن مان ڪن وڃي مائٽن کي دانهن ڏني، مائٽ آيا ۽ پاڻ ۾ وڙهي پيا ان حد تائين وڙهي پيا جو هڪٻئي جي جڳهن کي باهه ڏنائون، جڏهن ٻيا ماڻهو باهيون وسائڻ آيا ته انهن ڏٺو ته اهي ساڳيا ئي ٻار پاڻ ۾ ويٺا راند ڪن. ان قسم جون نصيحت واريون آکاڻيون هونديون هيون . کيئل داس فاني اسان کي چوٿين درجي ۾ سنڌي پاڙهي پنجين درجي ۾ به سنڌي پاڙهي ۽ ڇهين درجي ۾ به سنڌي پاڙهي. ان پرائيويٽ اسڪول ۾ ستون درجو ڪونه هو. هن ماڻهو اسان کي ادب سيکاريو انهي حد تائين جو پنهنجا شعر به ٻڌائيندو هو، ٻين جا شعر به ٻڌائيندو هو ۽ اسان کي بيت بازي به ڪرائيندو هو. بيت بازي ۾ اسان سنڌي بيت پڙهندا هياسين ، اردو بيت پڙهندا هياسين، فارسي بيت به پڙهندا هياسين. بيت بازي ٿيندي هئي باقاعدي شاعري ياد ڪندا هياسين. اهن بيتن اسان کي ادب پڙهڻ جو شوق ڏياريو انهيءَ حد تائين جو شاعري به سيکاريائين. هم قافيه لفظ بورڊ تي لکندو هو، هي هم قافيه آهن، ڪڏهن ڪڏهن اڳتي هلي ڇهين درجي ۾، مون کي ياد ٿو اچي ته طرح مصرع به ڏيندو هو ته ان تي توهان جملا ٺاهيو، شعر ٺاهيو ان اسان کي ادب جو شوق ڏنو. ٻي ڳالهه ته هي به جيڪو اسان کي سنڌي پاڙهيندو هو ۽ ٻيو به جيڪو اسان کي انگريزي پاڙهيندو هو انهن جو اسان کي چوڻ هوندو هو ته توهان باقاعدي لائبررين ۾ وڃو. اخبارون پڙهو، انگريزي واري استاد وٽ شڪارپور ۾ ڪراچي جي هڪڙي روزاني اخبار انگريزي ڊيلي گزيٽ اتي ايندي هئي ۽ اهو اسان کي ڏيندو هو پڙهڻ جي لاءِ چوندو هو هي توهان پڙهو ته انهي منجهان آءٌ توهان کان ڊڪٽيشن وٺندس .اسان پڙهندا هياسين خاص طرح سان جيڪي فرسٽ ڊويزن جا شاگرد هوندا هياسين . ٻي ڳالهه ته تنهن زماني ۾ بجلي ڪانه هوندي هئي پوءِ گئس جا گولا ٻاري رات جو سڀني ڪلاسن جي هوشيار شاگردن کي سڏ ڪندا هئا، 30-40 شاگرد ٻه ٽي ماستر اسان جو مينيجر مينگهراج اهو به ويهندو هو هو سولو هيٽ پائيندو هو، اهو هيٺ لاهي ٽيبل تي رکندو هو. ماسترڪرسين تي ويهندا هئا اسين شاگرد هيٺ ويهندا هئاسين، ڪلاس ۾ ڪڏهن ڪڏهن مهيني ۾ هڪ دفعو اٺ ڏهه موضوع ڊبيٽ جا پنن تي لکي رکي ڇڏيندا هئا، پوءِ سڏ ڪندا هئا هاڻي کڻو اچي ، پوءِ اسان وڃي انهن مان هڪ کڻندا هئاسين، پوءِ جيڪو به آيو انهي تي اسان کي انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻُو پوندو هو. ان طرح اسان جو شوق انگريزي ڳالهائڻ ، انگريزي ادب پڙهڻ سان وڌيو ، سنڌي ادب جا. سنڌي رسالا، اخبارون خاص ڪري سنڌو مئگزين نڪرندي هئي، سا اسين باقاعده هر مهيني سڄي پڙهندا هئاسين. انگريزي ۽ اردو ۾ ٻارن جا رسالا ايندا هئا ، اهي باقاعدي پڙهندا هئاسين. لائبريريون هونديون هيون اسان انهن ۾ پڙهڻ ويندا هئاسين، ائين اسان کي ادب پڙهڻ جو شوق ٿيو. مئٽرڪ کان پهرين منهنجو خيال آ ته مئٽرڪ جي ئي زماني ۾ رسالن پڙهندي پڙهندي جيئن مون ٻڌايو ته منهنجي پنهنجي گهر ۾ بابي سائين جي ڪتابن ۾ به ڪجھه ناول جيئن سندري خليق مورائي جو لکيل ناول هو ۽ ٻيو ملان مخزن ٽريننگ ڪاليج فار مين طرفان نڪرندي هئي، جيڪا سنڌي ماسترن لاءِ هوندي هئي، اهي اسين پڙهندا هياسين. انهي ۾ سهڻا سخن وڏن اديبن سقراط ۽ افلاطون جا، ٻيو وري ادبي مضمون ڪي شعر پڙهندا هئاسين. مون کي ان وقت نثرپڙهڻ جو ايترو شوق ڪونه هو جيترو شاعري جو. لاڙڪاڻي ۾ سنڌي سوسائٽي هوندي هئي ڪجهه ان طرح محمود خادم ۽ جميعت شعرا نه هئي شايد پوءِ لاڙڪاڻي ۾ هر مهيني مشاعرو ڪندا هئا. هڪڙو طرحي رسالو ڪڍندا هئا “اديب سنڌ” اهو آءٌ گهرائيندو هوس، تڏهن آءٌ شايد مئٽرڪ ۾ هيس مان پاڻ گهرائيندو هوس. هڪ دفعو لاڙڪاڻي پاڻ وڃي مشاعري ۾ شرڪت ڪئي غزل پڙهيو اهو شوق مون کي هوندو هو ڇاڪاڻ ته مون فارسي به پڙهي هئي . فارسي پڙهڻ جو به هڪڙو شوق هوندو هو جڏهن مون مئٽرڪ پاس ڪئي ته اصل منهنجا سبجيٽ ته سائنس جا هئا،پر هوندا انگريزي ميڊيم ۾هئا پر ٻوليون سنڌي ۽ انگريزي پڙهائيندا هئا، انهن ۾ مون کي بمبئي يونيورسٽي مان ڊسٽنڪشن مارڪس مليون هيون . فارسي پڙهندي پڙهندي مون کي حافظ شيرازي پڙهڻ سان ڏاڍو شوق ٿي ويو هو، هڪڙو واقعو اهو آهي ته جڏهن ڪاليج ۾ آياسين تڏهن مون والده کي چيومان هڪڙو ڪتاب ٿو وٺڻ چاهيان ، هن اجازت ڏني ۽ مان اهو مولوي محمد عظيم جي ڪتب خاني تان وڃي پڇي آيس جيڪو چوڏيهين آني بنا جلد جي مليو ٿي جنهن جون ڪناريون به ڪٽيل نه هيون ، اهو وٺي آيس. جڏهن آءٌ گهر ۾ آيس ته امڙ چيو ڏسان ڪهڙو ڪتاب وٺي آيو آهين، هوءَ پڙهيل ته نه هئي پر جيئن ته قرآن شريف تفسير سان پڙهندي هئي ان ڪري ڪجهه سمجھي سگھندي هئي . مون اهو ڪتاب کيس ڏيکاريو ته چيائين هي ناهي پڙهڻو پوءِ مون کي سمجھايائين ، چيائين ته خان صاحب گل حسن خان چوندو آهي ته جيڪو ديوان حافظ پڙهندو اهو چريو ٿي ويندو . تنهن ڪري اهو موٽائي ڏئي اچ. مولوي محمد عظيم چيوته هڪ دفعو مون وڪڻي ڇڏيوسو واپس نه وٺبو، آخر مون تي رحم ڪري پنهنجي ڪميشن جا ٻه آنا ڪاٽي 12 آنا واپس ڏنائين، وري مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ 1945ع ۾ آءٌ شڪارپور ۾ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو باقاعدي ايڪٽو ڪارڪن ٿيس ۽ جوائنٽ سيڪريٽري بڻجي ويس.پوءَ جلد ئي جنرل سيڪريٽري به بڻيس ڇاڪاڻ ته اليڪشن به ٿيندي هئي، باقاعدي شاگرد حصو وٺندا هئا جيڪي سنڌي مسلمان شاگرد هوندا هئا انهن جي اليڪشن ٿيندي هئي پوءِ ٻه سال مون سياسي لٽريچر به پڙهڻو پوندو هو سياسي لٽريچر گهڻو پڙهيو. اهولٽريچر به هڪڙو ادب آ.ان ۾ شعر و شاعري اچي ٿي وڃي. دراصل اڳ ۾ مان ذڪر ڪري چڪو آهيان پرهاڻ به ٿورو ذڪر ڪندس، ان ڪم دوران هڪڙو دوست مون کي گڏيو جيڪو ڊکڻاڻڪو ڪم ڪندو هو. هو اصل ۾ پنجابي هو پر سنڌي ڳالهائيندو هو ،ترقي پسند سوچ رکندو هو .سندس نالو غلام محمد بام هو. هن کي اقبال سڄو ياد هو، هو مون کي اقبال جي شاعري ڏاڍي شوق سان پڙهائيندو هو جو مون کي اڃا تائين الائي ڪيترااقبال جا شعر برزبان ياد آهن، يعني ڪميونسٽس جي زماني ۾ اقبال کي ترقي پسند سمجهيو ويندو هو. شروعات به انهي جي شاعريءَ سان ڪندا هئا. جيئن ،

    اٺو ميري دنيا ڪي غريبون ڪو جگادو

    جس کيت سي دهڪان ڪو ميسر نه هو روٽي

    اس کيت کي هر خوشئه گندم ڪو جلا دو

    ان قسم جا تمام گهڻا شعر، اردو ادب جو حصو آهن .اهو دوست ان لائبريري ۾ ويٺو هوندو هو. شام جو اسان کي ملندو هو . اها عام پبلڪ لائبريري هوندي هئي اتي اسين به اخبارون ۽ رسالا به پڙهندا هئاسين، هن دوست سان به ملاقات ڪندا هئاسين، هي ماڻهو بمبئي مان هڪ هفتيوار اخبار قومي جنگ گهرائيندو ۽ وڪڻندو هو اها مون کي به پڙهائيندو هو. ان زماني ۾ ته سجاد ظهير يا سبطِ حسن ان جو ايڊيٽر هوندو هو، اهي هوندا هئا اتي ان زماني ۾ مونکي اهاڳالهه سمجهه ۾ آئي ۽ مسلم ليگ وارا به ايئن چوندا هئا ته مسلمانن کي حق خوداختياري ملڻ کپي ته هو الڳ رهن ۽ پنهنجو ملڪ ٺاهين، اتي صحيح نظام هلائين ۽ ماڻهن جا ڏک دور ٿين، ڪميونسٽ به ايئن پيا چون، ساڳي ڳالهه آهي .

    جنهن زماني ۾ آءٌ جڏهن شڪارپور ۾ هيس ته شيخ اياز جڏهن ڪراچي مان شڪارپور ايندو هو ته اسان کي ان لائبريريءَ ۾ ليڪچر ڏنو هئائين ڇاڪاڻ جو هو ايم اي فلاسافي جو شاگرد هو ۽ اهڙو لٽريچر پڙهندو هو ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ميمبر هوندو هو اتي هڪ دفعي اقبال تي ليڪچر ڏنو هئائين.هن اقبال جون گھڻيون ڳالهيون ٻڌايون.

    پوءِ جڏهن آءٌ 1947۾ ڪراچي آيس ۽ انجنيئرنگ ڪاليج جوائن ڪيم، ته انجنيئرنگ جو پهريون سال گذري چڪوهو تنهن ڪري مون مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ڪم ڪيو. آءٌ هتي ان جو جوائنٽ سيڪريٽري ٿيس. اهو سنڌيت جو سال ڪري ملهايو پئي ويو ، ايم ايس ٽي جي پليٽ فارم تان اسان سنڌين جو پروگرام ڪيوسين. سنڌيت جو مطلب سنڌي پاليٽڪس جو پروگرام هو جو پاڪستان ٺهڻ ڪري سنڌين سان بي انصافي ٿي هئي. ان ڪري باقاعدي سڄو هفتو هڙتال ڪئي سين، ايس. ايم. ڪاليج جي پرنسپل جي خلاف جيڪو علي ڳڙهه مان گهرايو ويو هو، ٽي سال اڳ ڊاڪٽر امير حسين صديقي سنڌ مدرسي جو پرنسپل رهيو هو انهي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ فورن علي ڳڙهه جا ماڻهو ڀرتي ڪيا انهي تي پروٽيسٽ ڪيو سون هڪڙو پروفيسر هتي هوندو هو مسٽر غلام نبي ڀنگر اڃا زنده آهي انهي پروٽيسٽ ڪيو انهي ڪري سنڌي اسٽوڊنٽس جيڪي به سڀني ڪاليجن جا هئاسين، هڙتال تي هليا ويا سين نيٺ پرنسپال کان زوريءَ استعفيٰ ورتي سون . هو مدرسي جي اندر رهندو هو، بلڊنگ به اندراحاطي ۾ هوندي هئي ۽ مدرسو ۽ ريزيڊنس به ان جي اندر هوندي هئي تنهن کان پوءِ 6 جنوري تي ڪراچي ۾ فساد ٿيا انهي ۾ به اسان ڏاڍو ري ايڪٽ ڪيو، ته اسان جي سنڌي هندن کي جيڪي مارڪٽ ڪئي ٿي وڃي يا ڦرلٽ ڪئي ٿي وڃي سا غلط آهي . تنهن کان پوءِ ڪراچي کي الڳ ڪرڻ جو پروگرام رٿيو ويو، هنن ڪراچي کي الڳ بڻائي ان جو انتظام هڪڙي ڪمشنر اي ٽي نقوي جي حوالي ڪري ڇڏيو .سنڌي آفيسرن سنڌي ماڻهن کي هتان ڪڍي ڇڏيو. ان تي به اسان اعتراض ڪيو، سنڌي اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاران باقاعدي جلسا، جلوس ڪيا، پوسٽر، بينر هڻائي ڇڏياسين. اسان جو صدر سائين علي اڪبر شاهه ايم ايل اي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر هوندو هو.اصل ميهڙ جو هو اسين سنڌي مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي نالي سان ڊاميننٽ هياسين . سڀ سنڌي شاگرد مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان لاڳاپيل هئا ڇاڪاڻ ته شروع کان اهائي هڪڙي جماعت هئي. انهي زماني ۾ اسان جي سائين جي ايم سيد سان به ملاقات ٿي ، اسان جو اچڻ وڃڻ ٿيو ۽هن وٽ بنگال کان به ڊيليگيشن ايندا هيا، پوءِ نيٺ وري ڪراچي سنڌ کان الڳ ٿي وئي. انهي زماني ۾ بنگال،جي ڍاڪا ۽ سلهٽ ۾ جناح صاحب تقريرون ڪيون ته اردو پاڪستان جي قومي زبان ٺهندي، اتي اعتراض ٿيو ته اسان هتي انهن کي سپورٽ ڪيوسين، وري پوءِ اسان سنڌي اڪيڊمي شروع ڪئي سين.جنهن جون گڏجاڻيون باقاعده ٿينديون هيون.. 1948ع ۾شيخ اياز منهنجي ملاقات سجاد ظهير سان ڪرائي .ڇاڪاڻ ته اياز 48 جو سال جناح ميٺارام هاسٽل جي 74نمبر ڪمري ۾ مون وٽ رهندو هيو . جڏهن آءٌ ڪميونسٽ پارٽي ۾ شريڪ ٿيس ته ڪميونسٽ پارٽي جا گهڻا ئي محاذ هيا. هڪڙو سياسي محاذ ٻيو مزدورن جو محاذ ٽيون سنڌ هاري ڪميٽي جو محاذ چوٿون هڪڙو خاص ادبي محاذ هيو جنهن جو نالو انجمن ترقي پسند هو . انجمن جيڪا 1936ع ۾ هندوستان ۾ ٺهي چڪي هئي ۽ ترقي پسند اديبن ڪرشن چندر، منٽو، عصمت چغتائي ، سجاد ظهير ۽ ٻيا شاعر ۽ اديب هيا ان جا ميمبر هئا .ترقي پسند مصنفين جي باقاعدي ڪراچي ۾ بندر روڊ تي هڪڙو ڪيفي هوندو هو ان جي ڀرسان هڪڙي بلڊنگ جي ستين فلور تي هڪڙي فليٽ هوندي هئي ان ۾ هڪڙو وڏو ڪمرو هوندو هو اتي هفتي ۾هڪڙي ڏينهن باقاعدي ميٽنگ ٿيندي هئي، آءٌ به اتي ويندو هيس ان زماني ۾ اسان جو دوست نياز همايوني به اتي ايندو هو.اسين هر هفتيادبي ڪلاس ٻڌا هئاسين، سڄو ادب اردو ۾ هوندو هو. ور ي سال 1949ع ۾ لاهور ۾ سڄي پاڪستان جي انجمن ترقي پسند مصنفين جي پهرين ڪانفرنس ٿي ڪراچي مان اسان 20 ڄڻا ڊيليگيشن ۾ وياسين. جنهن ۾ آءٌ اڪيلو سنڌي هوس. اوڏانهن وڃڻ لاءِ اسان پنهنجو سڄو خرچ پاڻ جمع ڪيوسين . ڪراچي شهرجي صدر بازار ۾ اسين پنج پنج ڇهه ڇهه اديب گڏجي ويندا هياسين ۽ دڪاندارن کي چوندا هياسين ته اسين اديب ۽ شاعر آهيون اسين توهان جا نمائندا آهيون ، هي شاعر توهان جي نمائندگي ڪن ٿا توهان جي معاشري جي سڌاري لاءِ ڪوشش ڪيون پيا اسان کي توهان جي مدد جي ضرورت آهي جو لاهور اديبن جي ڪانفرنس ۾ شرقت لاءِ وڃون ٿا . اهو نومبر جو مهينوهو، سياري ۾ اسان ريل جي ٿرڊ ڪلاس لاهور وياسين. اسان جا دوست ظهير ڪاشميري ،حميد اختر ۽ ٻيا انهن اسان کي اسٽيشن جي ڀرسان هڪڙي هوٽل ۾ رهايو . مان پهريون دفعو زندگي ۾ سنڌ کان ٻاهر نڪتو هوس ۽ لاهورويو هوس . منهنجي عمر انهي وقت 22 سال هئي مان سڀني کان عمر ۾ ننڍوٌ هوس، لاهور ۾ وڏا پوسٽر لڳي ويا ته هي ڪميونسٽ آهن، روس جا ايجنٽ آهن، هنن جو بائيڪاٽ ڪريو، انهن بائيڪاٽ ڪيو شهر ۾ سندن مهندار شورش ڪاشميري هو پوءِ ڪٿي شهر ۾ وڏو هال ورتو ويو هو انهي جي اجازت به رد ٿي وئي .اتي هڪڙو اوپن ايئر ٿئيٽر هو اتي اجلاس ٿيو ، اسان جي حفاظت لاءِ اتان جي پنجاب جي ڪسان ڪميٽي جا رضاڪار باقاعدي لٺيون کڻي سڄو ڏينهن بيٺا هوندا هيا اهڙي طرح اسان جون ميٽنگون ٿيون. سڀني علائقن ، سڀني ٻولين جا اديب، شاعر ان جلسي ۾ گڏ ٿيل هئا، انهن مان مون کي به اسٽيج تي ويهاريائون. ان جلسي جي ماهوار “سويرا” ۾ سڄي ڪارروائي ڇپي هئي، ان رسالي جي ڪاپي مون وٽ اڄ به آهي جنهن ۾ فوٽو هڪڙو ئي آهي جنهن ۾ مان اسٽيج تي ويٺل آهيان. مان سنڌي اديبن جي نمائندگيءَ طوراسيج تي ويٺو هوس. ٻولين جي لحاظ کان صلاح اها ٿي ته هر ڪو پنهنجي ٻولي ءََ جي انجمن ٺاهي. انهن دوستن مونکي به صلاح ڏني ته توهين واپس ڪراچي وڃي اتي پنهنجي سنڌي ٻوليءَ جي به ڪا انجمن ٺاهيو، جڏهن آءٌ واپس آيس ته ان سال ميٺٺارام هاسٽل ۾ اسان ٻه ٽي دوستن گڏجي انجمن ٺاهي ۽ نالو رکيو سين انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌي.ڪراچي . مان افتخار حسين جي روزانه امروز نالي اخبارجا بمبئي هوٽل ڀرسان نڪرندي هئي ان ۾ وڃي اشتهار ڏئي ايندو هوس،، پوءِ اسان جي گڏجاڻي. ڪمري 74 ميٺارام هاسٽل ۾ ٿيندي هئي ، سڀني دوستن کي سڏ ڏيندا هئاسون . ڪيترا سنڌي دوست ايندا هيا، هڪڙو اسان جو سنگتي عبدالغفور انصاري مئٽرڪ پاس ڪري ڪراچيءَ ڪامرس ڪاليج ۾ پڙهڻ آيو اهو ڳوليندو پڇا ڪندو اچي اسانکي مٺا رام هاسٽل ۾ ڳولي لڌائين ،منهنجي ڪمري ۾ هيٺ رلي وڇائي ڏهه پندرنهن دوست ويهندا هياسين. اياز قادري هوندو هو، ساقي سجاول هو، اهو هو 1949ع جو سال،.پوءِ ميٺارام جون گڏجاڻيون شروع ٿيون ان کان اڳ ۾ ٻيو هڪڙو ادبي ڪم اهو ٿيو ته ڪميونسٽ پارٽي طرفان اسان جو هتي جيڪو انچارج هوندو هو حسن ناصر ان سان منهنجي دوستي ٿي هو جڏهن ايندو هو هاسٽل ۾ رهندو هو .هو تازو انڊيا کان 1949ع ۾آيو هو، جيئن جيئن اسان لاهور مان موٽي آياسين تيئن ان جي تجويز تي هڪڙي سنڌي هفتيوار اخبار صداقت نالي ڇاپي سين. جيڪا سياسي به هئي ادبي به هئي. ان ۾ شعر، افسانا، مضمون، ادبي ترجما ۽ سياسي مضمون به ڇپبا هئا . لينن جا مضمون ۽ ٻيا اهڙي قسم جا ان اخبار ۾ ڇپبا هئا. ايڊيٽر ٿيڻ لاءِ ته مون کي چيائون پر مون چيو مان انهي قابل لائق ناهيان، تنهن ڪري قادر بخش نظاماڻي کي ايڊيٽر ڪيو سين. انهي کي پوءِ پگهار باقاعدي 250 رپيا ماهوار ڏيندا هياسين . 12 پيج اخبار ڪڍندا هياسين . مون انهي زماني ۾ لکڻ شروع ڪيو اصل ۾ مان چوان ته مون کي ياد ٿو اچي ته 1946ع ۾ مون جيڪو شڪارپور ۾ پهرين سال سائنس جو مون امتحان ڏنو ان ۾ پڻ جيڪو سنڌي ۾ پيپر هيو انهي ۾ هڪڙو مضمون هيو حب الوطن .انهي ۾ مون گهڻائي چار پنج پيج جو ادبي مضمون لکي ڇڏيو، ان تي به ٿورو سياسي نوعيت جو اثرهيو ، وري جڏهن صداقت ڪڍي سون ۽ سنڌي انجمن ترقي پسند مصنفين ٺاهي سين ته مون ان ۾ به لکڻ شروع ڪونه ڪيو هو. 1951ع ۾ آءٌ ڪراچيءَ مان شڪارپور انجنيئرنگ ڪاليج جي پڙهائي ڇڏي هليو ويس . جڏهن مون انجنيئرنگ ڇڏي ، مون دل ۾ اهو سوچيو ته انگريزي سرڪاري نوڪري ناهي ڪرڻي ڇاڪاڻ ته مون کي رشوت ناهي وٺڻي. فيصلو منهنجي زندگي جو هيو . هاڻي ايم اي ڪيان ايل ايل بي به ڪيان انهي لاءِ پهريون وڃي شڪارپور ۾ مون بي .اي . آنرس ڪئي . وري ساڳئي نيو ارا اسڪول ۾ مون ٻه سال ماستري به ڪئي .مان وري جڏهن 1953ع ۾ ڪراچي موٽي آيس ته وري به هتي هاسٽل جي انهي ساڳي ڪمري ۾ رهيس .ِ هاڻي نوان دوست جيڪي اسان کي مليا اهي هيا غلام رباني آگرو، حفيظ شيخ ،مرغوب بخاري، رشيد ڀٽي .اهي شاگرد هيا مان جڏهن بي اي آنرس ڪري آيم ته پهريان 6 مهينا کڏي ۾ عبدالله هارون جي يتيم خاني جي هاءِ اسڪول ۾ ٽيچر هيم. ڊسمبر تائين ٽيچر هيس، پوءِ ڊسمبر کان مون کي اسلاميه آرٽس ڪاليج آرٽس ۾ ليڪچراري ملي . اتي مولوي صاحب سنڌي شڪار پور وارو پرنسپال هيو .مولوي صاحب اصل ته شڪارپور جو هو پر بمبئي ۾ گھڻو عرصو رهيو ۽ ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ مهاجر ٿي موٽي آيو ان وقت ان ڪليج ۾ سنڌي شعبو نئون نئون کليو هو ان سنڌي شعبي ۾ مون نوڪري ورتي.اتي منهنجي شاگرد ن ۾ حسين عابد کتري گل محمد کتريءَ جو ڀاءُ به هوندو هيو. مان وري ان ليڪچراريءَ دوران ايم. اي جا ٽرمز به رکيا. جڏهن ته ايس .ايم ڪاليج ۾ احسان بدوي اڳي ئي پروفيسر هو هو اڳي سنڌي پاڙهيندو هيو، جو ان وقت يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبو اڃا ڪونه کليو هو. پوءِ سنڌ مدرسي ۾ سائين سعيد الحسن لنواري وارو اسان جو پروفيسرهوندو هيو . اتي احسان بدوي اردو پڙهائيندو هو هن فارسي ۽ اردو ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي شايد بي .اي فارسي ۾ ۽ ايم. اي اردو ۾ڪئي هئائين. مون اتي سنڌي ايم. اي جا ٽرمز رکيا . اتي ڪاليج مئگزين جي سنڌي حصي جو آءٌ انچارج هوس.سنڌ مدرسي جو سائين غلام مصطفيٰ شاهه پرنسپال هوندو هو تڏهن مون ٿورو لکڻ شروع ڪيو. ٻه آکاڻيون ترجمو ڪيم، هڪڙو مضمون لکيم اهو پاڪستان ۾ ٻولي جو مسئلو جي سري سان هو ، اهو منهنجو پهريون مضمون آهي، انهي ۾ مون لکيو ته پاڪستان گهڻ قومي ملڪ آهي هن ۾ هڪ کان وڌيڪ قومون رهن ٿيون هڪ هڪ قوم کي پنهنجي ٻولي آهي تنهن ڪري پاڪستان ۾ ٻولي جو مسئلو انهي طرح حل ٿيڻ کپي ته سڀني ٻولين کي برابر جو درجو ڏنو وڃي ۽ انهن کي باقاعدي انهي علائقي جي سرڪاري ۽ تعليمي ٻولي بڻائڻ کپي . اهو ٻن صفحن جو مضمون آهي. پر مون شاعري اڃا نه ڪئي هئي . جڏهن سنڌي ادبي سنگت اسان ٺاهي سين ته مٿي ڄاڻايل دوست ايندا ها انهن ۾ اسان ٽي سنڌي پروفيسر هياسين، مون جڏهن ايم اي پاس ڪئي ته اتي ئي پروفيسر ٿي رهيس. . اياز قادري به ان زماني ۾ ايم اي پاس ڪئي هئي ۽ ايس ايم ڪاليج ۾ نوڪري ملي وئي هئس ۽ احسان بدوي به اسان جي ڪاليج ۾ پروفيسر هوندو هيو .آءٌ اسلا ميه ڪاليج ۾ پاڙهيندو هوس. اسان ٽيئي هر ميٽنگ ۾ ويندا هياسين. ۽ ٻيا سڀ اسان جا شاگرد هوندا هيا پر اسان ڪوشش اها ڪئي سين ته انهي استاد شاگردي وارو ڪو فرق نه رهڻ کپي اسان برابري ادب جي ليول تي ڇاڪاڻ ته مون اڳ ۾ به مثال ڏنو آهي ته هڪڙي دوست احسان بدوي ٿورو ڏکڻو ماڻهو هوندو هيو ٿوري ٿوري ڳالهه تي ناراض ٿيندو هيو ته هڪ دفعي رشيد ڀٽي هن جي ڪنهن افساني تي يا شعر تي تنقيد ڪئي ته پوءِ مون سان ڪاوڙجي ويوته تون جونيئراسان جا شاگرد آهن صبح جو پاڙهيون ٿا شام جو هتي ويهي اسان تي تنقيد ڪن ٿا. ادب ۽ لحاظ ڪونهي، مون چيو ايئن ناهي انهن کي اختيار ڏيڻ گهرو تنقيد ڪن پر تهذيب جي دائري ۾ چڱي نموني تنقيد ٿيڻ کپي ۽ سڀاڻي اهي اسان کان وڏا اديب ٿي سگهن ٿا. اسان کي سندن همٿ افزائي ڪرڻ کپي. “سوال” توهان جي انهي ڳالهه جو احسان بدويءَ تي اثر پيو؟ مائينڊ ڪندو هو ناراض ٿيندو هو پر پاڻ ۾ دوست هياسين مون کان ٻه سال وڏو هو.

    ‎ اسان ايس .ايم ڪاليج ۾ ايم. اي جا ٽرمز رکيا هئا.ڇاڪاڻ جو ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبو ڪونه هو اهو ون يونٽ کان بعد ۾ کليو. جڏهن ايوب خان ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ آيو ، تڏهن ڪراچي يونروسٽي جي سينڊيڪيٽ آرڊر پاس ڪيو ته امتحانن ۾ انٽر، بي اي ، يا ايم اي جي جي لاءِ ڪوبه شاگرد سنڌي ٻوليءَ ۾ جواب نه ڏئي ، نه ته اڳ ۾ جا گرافي، تاريخ، سياست، سوڪس ان قسم جي نصاب لاءِ جواب سنڌيءَ ۾ لکبا هئا، تنهن تي ڪافي سنڌي شاگردن گوڙ ڪيو ، ياد ٿو اچي ته مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ پوئواري ڪرڻ لاءِ وڪيل ڪيائون . ڪورٽ ۾ هڪڙي رٽ پٽيشن داخل ڪيائون ڇاڪاڻ ته اتي انهي جو گهڻو اثرهيو سو ٻه جج جيڪي مهاجر هيا انهن اها رٽ پٽيشن فورن رد ڪري ڇڏي ٻڌڻ لاءِ ئي منظور نه ڪيائون اهو چئي ته يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ خودمختار ادارو آهي اسان ان جي ڪم ۾ دخل نه ٿا ڏئي سگهون، ان جو نتيجو ڇا ٿيو جڏهن هتي آءٌ پاڙهيندو هوس تڏهن سنڌي شاگرد مشڪل سان پنج ڇهه هوندا هيا پر ڇوڪريون الاهي هونديون هيون، ڇوڪريون ڏهه پندرنهن هونديون هيون. اسلاميه ڪاليج ۾ ڪيتريون آغاخاني ڇوڪريون ، سنڌي آغا خاني ڇوڪريون جن جا کارادر ۽ گارڊن ۾ اسڪول پنهنجا هوندا هيا انهن ۾ سنڌي ميڊيم هوندو هو .سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيندا هيا اهي اتان مئٽرڪ پاس ڪري اسان جي ڪليج ۾ پڙهنديون هيون جن جا گهر اتي ڀرسان هوندا هئا ٻه ٽي ڇوڪريون کارادر کان اينديون هيون. منهنجون شاگردياڻيون هونديون هيون.” ڪچ ڪوڏيون“ ڪتاب هوندو هو مان کين پڙهائيندو هوس ، شاعري جا ڪتاب به هوندا هئا ، جن ۾ شاهه جو رسالو به ڪورس تي رکيل هو ۽ مان کين ان مان ڪڏهن ڪهڙو سر ڪڏهن ڪهڙو سمجھائيندو هوس.. پر جڏهن سنڌ يونيورسٽي ٺهڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته اسان جي ڪليج جي سنڌي شعبي ۾ جيڪي شاگرد ايندا هئا اهي اڌ کان به گهٽجي ويا . پوءِ سر آغا خان وارن ڇا ڪيو جو هڪدم ميڊيم بدلائي سنڌي مان اردو ڪري ڇڏيائون تنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ کي نقصان ٿيو. جڏهن سنڌي ادبي سنگت ڪراچي ۾ ٺاهي سين پوءِ اسان جو اهو خيال ٿيو ته سنڌي ادبي سنگت جي هڪڙي ڪنوينشن ڪوٺايون،، ڪنوينشن جي لاءِ لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد ۾ ٻه شاخون ٺهل هيون ، انهن پاران ڪنوينشن لاءِ ٽن ماڻهن جي ڪاميٽي ٺاهي سين، هڪ مان ٻيو اياز قادري ٽيون موتيرام راماڻي.. موتي رام اسان کان سينئر هو پر پاڻ اديب نه هيو پر ان کي ادب پڙهڻ جو شوقُ گهڻو هيو ۽ هو سنڌ مان دير سان يعني هتان 1960ع ۾ هند ويو آ هي. هتان. انڊيا وڃي هن سٺا تاريخ ۽ سنڌ تي ڪافي سٺا ڪتاب لکيا، سو اهو ماڻهو اسان سان ساڻ هيو، ادبي سنگت جي هر ميٽنگ ۾ ايندو هو، سنگت پاران اسين ورسيون به ملهائيندا هياسون.، شاهه جي ورسي، سچل جي ورسي ته هو ننڍڙا ننڍڙا پمفليٽ لکندو هو، اسان چونڊ ڪري پوءِ س ا س جي طرفان ڇاپيندا هئاسين.. اسان جيڪو پهريون ڪنوينشن ڪوٺايو ان ۾ جيڪو پڌرنامو س ا س جو ٺهيو اهو مون ڊرافٽ ڪيو هو، پر مون سان اياز قادري به گڏ هو جيڪو پوءِ 1956ع ۾ مهراڻ رسالي ۾ سڄو پڌرنامو ۽ اجلاس جي ڪارروائي به ڇپي هئي . پهرين س ا س جي ڪنوينشن جيڪا ڪرائي سين ۽ پوءِ جڏهن مان اسلاميه ڪاليج ۾ پروفيسر ٿيس ته ان زماني ۾ مون نثر به لکيو ڪجهه ترجما به ڪيا.

    ان زماني ۾ “ السٽريٽيڊ ويڪلي آف انڊيا” هتي ايندي هئي، ان ۾ شارٽ اسٽوريز جي ڪامپٽيشن ٿيندي هئي. مون انگريزي ادب جون يا ٻين يورپي ٻولين جون ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون جيڪي ادبي اخبارن ۾ به ڇپيون هيون . س .ا. س جي گڏجاڻين ۾ مون ڪجھه شعر به لکيا هئا جن ۾ غزل به لکيا هيم. مون کي هاڻي ياد نه ٿو اچي ته هڪڙو غزلمون لکيو ، جيئن ته انهي زماني ۾ ون يونٽ ٺهي پيو، ٺهڻ جا سانباها ٿي رهيا هئا ته مون هڪ غزل لکيو هيو، انهي ۾ منهنجو هڪڙو شعر هيو ڇاڪاڻ ته ڪراچي سنڌ کان الڳ ٿي وئي هئي تنهنڪري ان جو ذهن تي اثر هيو.

    اسان اڄ ڀي وطن ۾ بي وطن آهيون ، مگر ڪوئي ٻڌائي،

    غير جي هٿ ۾ ، وطن وارن جو ڇا ٿيندو،

    اهو ڇپيو انهي ۾ ٻيو شعر اهو هيو ته ،

    ڀري محفل ۾ ڀي ساقي اسان جي پياس باقي آ ،

    ٿيا جي بند مئخانا ته مستانن جو ڇا ٿيندو .

    ان قسم جا ٻه ٽي شعر ۽ ٻيو 55-1954ع ۾ هڪڙو طويل نظم لکيو هو جيڪو عبدالخالق آزاد هاري ڪميٽي جو سيڪريٽري هوندو هو ان نوابشاهه مان هڪڙي هفتيوار سنڌي اخبار “آوازِ سنڌ” نالي سان ڪڍي ان ۾ ڇپيو ، پر ان ۾ مون پنهنجو نالو “ لاهوتي” لکي ڇڏيو هو ، سڄو نالو نه ڏنو اهو نظم پوءِ اتم وري بمبئي ۾ نئين دنيا ۾ ري پروڊيوس ڪيو .اهو نظم ڏهه پندرنهن بيتن جو آهي. اهو هن ريت آهي ته، “وک وڌائيندا هلو.” ڇاڪاڻ ته شيخ اياز جو “ اڳتي قدم” رسالي ۾ هڪڙو نظم ڇپيو هو . اُهو هيو

    زندگاني جي ڪفس ۾ آ اوهان تي منحصر،

    ڇيڄ پائيندا هلو ، يا چهچهائيندا هلو .

    مون وري هي شعر ٺاهيو ته،

    انقلابي راهه تي اڳتي قدم هلندو هلي ،

    اي جوانو جان بازو وک وڌائيندا هلو .

    ڪين ٿي گهرجي اسان کي هي اُڌاري ڪائنات ،

    آسمان پنهنجو زمين پنهنجي بڻائيندا هلو .

    پنهنجو غم پيارن جو غم يا عام جي اهنجن جو غم ،

    غم مڙيو ئي غم جو ٿيو غم کي مٽائيندا هلو .

    نئين زماني جون نيون ڳالهيون نوان ويچار پڻ ،

    وقت جي رفتار جون ڳالهيون ٻڌائيندا هلو .

    اهو شوق انڪري ٿيو جو مان ادب گهڻو پڙهندو هوس، فارسي ۽ يورپي .آءٌ ٿورو پاڻ کي سياسي سمجهان ٿو. ڇاڪاڻ ته سياسي طور به مون ڪم ڪيو پر جڏهن مون 1957ع ۾ شادي ڪئي ته پوءِ مون اهو محسوس ڪيو ته زندگي جي واڌاري ۽ سڌاري،گھر ۽ ٻارن جي لاءِِ هي شعرو شاعري ادب ۽ ماستري ڪافي ناهن ، پوءِ مون وڪالت شروع ڪئي، مان 1955ع ۾ ايم .اي ، ايل . ايل . بي پاس ڪري چڪو هوس پر 58-1957ع تائين مون وڪالت شروع ڪانه ڪئي ، هاڻي ان زماني ۾ 55-1954ع ڌاري مون کي سنڌي ادبي بورڊ جي طرفان هڪ ڪتاب ٽالسٽاءِ جو What is to be done ترجمو ڪرڻ لاءِ ڏنو ويو هو جيڪو Oxford University Press پاران World Classics طور ڇپيل هو ، سنڌي ادبي بورڊ جو هڪڙو پروجيڪٽ هو ته گهٽ ۾ گهٽ 100 ڪتاب World Classics جا عالمي ادب مان چونڊ ، ان ۾ سياست ، سماجيات ، اقتصاديات ۽ ناول اچي وڃن اهي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇاپڻا آهن . انهي سلسلي ۾ مون کي جيڪو ڪتاب مليو سو سائين جي ايم سيد ڍاڪا مان وٺي آيو هو ايترو ننڍو ڪتاب نه هيو سنهي پني تي ڇپيل هو، اهو مون کي سنڌيءءَ ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ ڏنو هئائون جو مون ٽي چار سال پاڻ وٽ رکي ڇڏيو هو. دوست لکڻ لاءِ چوندو هيم پر دل نه ٿي چون مڃيو، کين چوندو هوس ته ٽائيم نه ٿو ملي، بهانا ڪندو هوس، پوءِ جڏهن مون شادي ڪئي ته شادي ڪئي ته مان هٿين خالي هوس ، مون وٽ ڪجهه ڪونه هو ڪا پراپرٽي به ڪونه هئي، شادي ارينج ميريج هئي.سکر جي فيملي هئي،. محمد ابراهيم جويو صاحب منهنجي ساهرن جي فيمليز وارن سان رائل مائل هو ، منهنجو وڏو سالو هو جمال صديقي سکر ۾ وڪيل هيو، جيڪو شيخ اياز کان به ٻه ٽي سال سينئر هيو، حقيقت ۾ شيخ اياز جي واقفيت جويو صاحب سان انهي ڪرائي، پوءِ منهنجي شادي ايئن دوستن جي معرفت ٿي، شمس صديقي ايم.. اي اردو ادب ۾ 1956ع ۾ پاس ڪئي.، اتفاق سان جنهن ڪاليج ۾ آءٌ پاڙهيندو هوس هوءَ ان ڪاليج ۾ شاگردياڻي هئي ، مون کان پنج ڇهه سال ننڍي هئي.جيئن ته ان ڪاليج ۾ سنڌي سبجيڪٽ ڪونه هيو انڪري هن اردوءَ ۾ ايم.ايڪئي هئي. جڏهن اسان جو مڱڻو ٿيو تنهن کان پوءِ هڪ ٻئي کي ڏٺو سين . هوءَ ڇوڪرين سان گڏجي مون سان ملڻ اندي هئي. آءٌ ڦڪڙ هيس سچي ڳالهه اها آهي ته مون وٽ پائي به ڪانه هئي ، دوستن کان اڌارا پئسا وٺي اڍائي هزار هٿ ڪيم ،هڪ هزارڪٿان حاصل ڪيم، ڪاليج مان 500 رپيا ايڊوانس وٺي مون شادي ڪئي . ِشادي ڪرڻ وقت آءٌ اسلاميه ڪاليج ۾ پاڙهيندو هوس. منهنجي 350 رپيا پگهار هئي. شام جو 100 رپيا ملندو هو،جو ٻي شفٽ ۾ ڪامرس سيڪشن کي به سنڌي پاڙهيندو هوس. .ڪل پگھار 250-350 پگهار ملندي هئي.. انهي مان آءٌ 100 رپيا سائين غلام مصطفي شاهه کي مسواڙ ڏيندو هوس جو انهيءَ جي سنڌي مسلم سوسائٽيءَوار ي بنگلي ۾ هڪ ڪمري ۾ رهندا هئاسين ، باقي 250 رپين مان خرچ هلائيندا هئاسين، پوءِ جڏهن مون کي قرض واپس ڪرڻو پيو ته ِ مون کي خيال آيو ته ڇو نه ادبي بورڊ پاران ڏنل ڪتاب ترجمو ڪريان، سائين غلام مصطفٰيٰ شاهه جي گهر ۾ ڇهه ڇهه ڪلاڪ پنج پنج ڪلاڪ ساندهه ويهي ، ٻن ٽن مهينن ۾ پورو ڪيو،جيڪو400 صفحن جو ڪتاب هو، مون کي بورڊ طرفان1600 رپيا معاوضو مليو، اجرت 4 رپيا پيج جي حساب سان ڏنائون اهي 1600 رپيا ئي دوستن کي ڏئي ڇڏيم، پر اڃابه پئسا کٽن پيا، ٻيو موقعو ملي ويو آءٌ ويندو هوس سوڀو وٽ جيڪو روزانه

    “نئين سنڌ” جو ايڊيٽر هوندو هو ، هن مون کي هڪڙو پيج ايڊٽ ڪرڻ لاءِ چيو، مون هائوڪار ڪئي، مان اهو ايڊٽ ڪندو هوس، جيتوڻيڪ هو مون کي پئسا نه ڏيندا هئا، هڪ ڏينهن مون کان پڇيائين ته تنهنجي قرض جا پئسا پورا ٿيا يا نه ؟ وراڻيم نه قرض اڃا نه لٿو آ. هو هڪڙو ڪتاب کڻي آيو، ۽ چيائين ترجمو ڪري ڏي مون اتي آفيس ۾ ويهي سلپن تي لکي ترجمو ڪري ڏنو مانس جو هن ڇاپي ڇڏيو ۽ مون کي 1000 رپيا ڏياريائين . پوءِ قرض مون لاهي ڇڏيو . وري جڏهن مون وڪالت شروع ڪئي، وڪالت ان شرط تي مون ڪئي ڇاڪاڻ ته منهنجوڪو به ارادو وڪالت ڪرڻ جو نه هيو جيترو گهرجو خاص ڪري وڏن سالن جو، ساهرن جو زور هيو منهنجي مٿان ته وڪالت ضرور ڪر. مون کين چيو آءٌ اديب آهيان، مان شاعر آهيان ، مان ترقي پسند آهيان، مان پاڻ تي ڪجهه به خرچ نه ٿو ڪريان تنهن ڪري منهنجو ڪوئي خرچ ڪونهي، نيٺ هڪ ڏينهن خيال آيو ته آءٌ جيڪو رڳو ڪتاب پڙهندو ٿو رهان ، منهنجي زال منهنجعي ٻارن ته گناهه ڪونه ڪيو انهن جي لاءِ ڪجهه ڪرڻ کپي . تڏهن مون پوءِ وڪالت شروع ڪئي، پر انهي شرط تي جو مون پنهنجي گهر واري کي چيو ته آءٌ وڪالت ڪندس ته ڪا گهٽ وڌائي ڪو غلط ڪم نه ڪندس. جيڪو عام وڪيلن جو حال مون ڏٺو هو، ته مئجسٽريٽ سان ، ججن سان ملڻ ڪرڻ، انهن سان حصو پتي ڪرڻ، انهن کي کارائڻ پيارڻ ، ايئن مان نه ڪندس، هن چيو ٺيڪ آ . مون کي قبول آ ۽ هن پوءِ منهنجو ڏاڍو ساٿ ڏنو. توهان جي وائيف سروس ڪئي؟ نه سروس نه ڪيائين ايم . اي هوندي هئي ان هوندي به سروس نه ڪيائين ڇاڪاڻ ته مون هن کي نوڪري لاءِ نه چيو ۽ هن پاڻ به نه چيو پوءِ ڪجهه سالن کان پوءِ مون کي ايس. ايم ڪاليج جي مالڪ اي. ايم قريشي مون کي هڪ دفعي چيو ته تون پنهنجي گهر واري کي ڇو نه ٿو نوڪري ڪرائين ، مان کيس نوڪري ڏيڻ لاءِ تيار آهيان . چيومانس آءٌ سمجهان ٿو جيڪي آءٌ ڪمايان ٿو اڌ هوءَ ٿي ڪمائي اڌ آءٌ ٿو ڪمايان ڇاڪاڻ ته فل ٽائيم ڪم ٿي ڪري ۽ هن مون کي ڪڏهن ڪو نه چيو آهي ته مان نوڪري ڪريان ۽ مون به ان کي ڪونه چيو آهي. مان سمجهان ٿو ته بهتر ايئن ئي هيو جو منهنجو پنهنجو ذاتي خيال اهو آهي ته عورت کي ڪواليفاءِ هجڻ کپي ڪنهن به ڏکي سکي وقت جي لاءِ ۽ جيستائين ضرورت ناهي ته پوءِ نوڪري نه ڪري ڇاڪاڻ ته گهر جو پنهنجو هڪڙو فل ٽائيم ڪم آهي، جيڪو هو ڪم ڪن ٿيون ، يعني گھر کي سنڀالين ٿيون ، ٻچن ٻارن کي سنڀالين ٿيون اهو هنن جي لاءِ هڪڙي فل ٽائيم جاب آهي.

    جڏهن مون اهو ڪتاب ترجمو ڪري بس ڪئي ۽ اهو ڇپيو ته ڪتاب مون کي ڏاڍو وڻيو . ڪتاب جو عنوان هو ”نيٺ ڇا ڪجي“، جيڪو پوءِ ڏاڍو مشهور به ٿيو ، ڇاڪاڻ ته منهنجي پنهنجي اها ڪوشش رهي آ ته سنڌي ٻولي سادي لکڻ کپي ۽ عربي، فارسي کان آزاد هجڻ کپي ، نمبر ٽيون خاص اهو ته ٻولي اها استعمال ڪجي جنهن ۾ نوان نوان خيال هجن جيئن مان توهان کي شعر ٻڌايان،

    نئين زماني جون نيون ڳالهيون نوان ويچار ،

    وقت جي رفتار جون ڳالهيون ٻڌائيندا هلو .

    آءٌ چوان ٿو ٻولي جيڪڏهن جاندار آهي ٻولي ۾ جيڪڏهن شاعري يا نثر ۾ جيڪي خيال آڻجن اهي نوان نڪور آهن ۽ خيال سگهارا آهن ته ٻولي سگهاري ٿئي ٿي ۽ ان ٻولي جي زنده رهڻ سان خود اهو اديب به زنده رهي ٿو جيئن آءٌ چوان ٿو شاهه لطيف جيئن شاعري ڪئي اٿس ، انهي ءَ جي ڪري نه فقط سنڌي ٻولي کي قائم ۽ زنده رکيائين پر خود پاڻ به ته زنده ٿي جاويد ٿي ويو، مون کي پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو ۽ اردو جو سڄو ادب غالب، مير، فارسي جو سعدي، عمر خيام، حافظ، يا سنڌي ۾ گل ۽ ٻيا پڙهيم گل مون کي ڏاڍو وڻندو هو. خليفو گل محمد هالائي ڏاڍو سٺو شاعر هيو اهو ۽ مرزا قليچ بيگ ۽ ٻيا جيڪي به سنڌي اديب هوندا هئا، ڪشن چند بيوس ان زماني ۾ شاعري ڪندو هو .

    هڪ زماني ۾ سوجهرو 1974ع ۾ ڇپجندو هو ان زماني ۾ تاج بلوچ اچي مون وٽ ويهندو هو اورنگزيب مارڪيٽ واري آفيس ۾ چوندو هو ته ڪالم لکي ڏي، ان کي مان لکي ڏيندو هوس هڪڙو صفحو هوندو هو ”روشني ا و روشني“ جي عنوان هيٺ. اهو ڏهه ٻارنهن کن پرچن ۾ ڇپيو. وڪالت جي دوران مون ڪجهه ڪونه لکيو ۽ ترجمو به ڪو ڪونه ڪيو،فقط ٻه ٽي سياسي مضمون لکيم جيڪي مون دوستن کي پڙهي ٻڌايا آهن، پر ڇپيا ناهن. مان پڙهندو رهيس اڄ ڏينهن تائين سنڌي رسالا جيڪي ڇپبا آهن، تاب سنڌي ڪتاب هندوستان مان ايند ا آهن ،هتي سنڌ ۾ نثر توڙي شاعري آهي ، شاهه ۽ سچل جي شاعري آهي.

    اورنگزيب مارڪيٽ ۾ هڪڙو ادب جو ڪم ٿيو ، جو آءٌ جڏهن 65-1964ع ۾ ايوب خان جي زماني ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي سنڌي پروگرام ٿيڻ شروع ٿيو ان ۾ سنڌي خبرون صبح ۽ شام ڏينهن ۾ ٻه دفعا ، اتي باقاعدي اسٽاف هوندو هو. پنج ڇهه دوست سنڌيءَ ۾ خبرون ترجمو ڪندا هيا، عيسيٰ خان نظاماڻي هوندو هيو ۽ هڪڙي ڇوڪري هوندي هئي پروين اقبال سومرو ، اها خبرون پڙهندي هئي ، شاهه بيبي ۽ زينت بيبي پوءِ آيون ان زماني ۾ ريڊيو تي هڪڙو دوست هوندو هيو شيخ عبدالرحيم ، هاڻي گذاري ويو جيڪو هلال پاڪستان جو ايڊيٽر به ٿيو، ويڄ رسالي ۾ به ڪم ڪندو هو ريڊيو تي سپروائيزرهوندو هو ، اهو هليو ويو موڪل تي هيو ويو جيئن ته عيسيٰ خان نظاماڻي منهنجو دوست هيو. اهو مون وٽ آيو مون کي چيائين تون اچي ريڊيو تي سپروائيزر ٿي تنهنجو نالو اسان انهن کي ڏنو آهي. وڪالت جي دوران به مان ويندو هوس جو سامهون ريڊيو پاڪستان جي اسٽيشن هوندي هئي ، مون کي سوير صبح جو ريڊيو جي گاڏي کڻڻ ايندي هئي . اتان ٿي آءٌ ڪاليج ويندو هوس ۽ ڪاليج ۾ پاڙهائي وري ڪورٽن ۾ ويندو هوس . وري شام جو اورنگزيب مارڪيٽ ۾ پنهنجي آفيس ۾ ايندو هوس. اتان ٿي وري ساٿين وٽ ويندو هوس،

    پارٽيشن کان اڳ ۾ اها صورتحال هئي . هندوستان جي اهاسياسي صورت حال به مون ڏٺي ،1920ع تائين هندو مسلمان کير کنڊ هيا گڏيل سياسي تحريڪون انگريز سامراج جي خلاف هيون پر پوءِ خلافت جي تحريڪ جڏهن ختم ٿي ، تنهن کان پوءِ هندو الڳ مسلمان الڳ ٿيڻ شروع ٿي ويا ۽ هندو مسلم فساد به ٿيا پوءِ هندن ڄاڻي واڻي سنڌي ٻولي ۾ هندي جا لفظ ٽنبيا ۽ مسلمانن وري عربي ۽ فارسي لفظ ٽنبيا ائين ٻه ٻوليون الڳ ٿي پيون . سنڌي هڪڙي هندڪي ٻولي ٿي پئي ٻي مسلمانڪي ٻولي ٿي پئي . جن کي متحد ڪرڻ لاءِ اسان جي ڪيترن سنڌي دوستن ڪوشش ڪئي پوءِ به ڪامياب نه ٿيا ، نيٺ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اها س . ا . س آهي جنهن انهي ڳالهه تي زور ڏنو ۽ ڪوشش ڪئي ته سنڌي ٻولي کي درست ڪيو وڃي. آءٌ توهان کي هڪڙي ڳالهه ٻڌايان ته اردو ۽ سنڌي ٻولي ۾ مون اهو محسوس ڪيو آهي ته سنڌي ٻولي جيئن توهان شهر کان ٻاهر ڳوٺن ۾ ۽ گهٽ پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل ماڻهن سان ملندا ته انهن جي سنڌي ٻولي سڀ کان سٺي آهي عام پبلڪ عام ماڻهو جيڪي آهن سي صحيح ٻولي ٿا ڳالهائين . انهن تي فارسي، اردو، عربي جو اثر ڪونهي، اهي پنهنجي جيئن 24 ڪلاڪ زندگي ۾ ، بنا پرهڻ جي پنهنجي ڏک سک، پيار محبت، غم غصي جو اظهار ڪن ٿا اهي ان ۾ شاعري به ڪن ٿا ان ۾ پنهنجا جذبات به بيان ڪندا آهن ، اها ٻولي صحيح آهي . ان جو شاعري تي به اثر ٿئي ٿو. اهڙي طرح اردو ٻولي به آهي جيئن توهان ڏسندا ته هندوستان ۾ به جڏهن اردو ٻولي ٻهراڙين ڳالهائي وڃي ٿي، انهي ٻولي کي هي قبوليندا جو اهي چون ٿا هي کڙي ٻولي آ. پر شهري چون ٿا ته اها سڌريل ٻولي نه آهي، سر تال جنهن کي چوندا آهن اها شائسته ٻولي آهي ۽ اها فقط انهن جي ٻولي جيڪي درٻار ۾ هيا اهي اڪثر طوائفن وٽ ويندا هياجيئن ادب آداب سکي سگھن ، انهن جي ‎۽ جيڪي شرفاءَ هئا انهن جي ٻولي ئي بهتر ڄاتي ويندي هئي . انهن جي ٻولي ۾ توهان ڏسندا عربي فارسي جا لفظ گهڻا آهن جيئن اهڙا اهڙا لفظ پيا استعمال ڪندا آهن ، مون کي ياد آهي، ته آءٌ اياز سان گڏجي رينو ڪورٽ ۾ ويو هوس جتي حلقه ارباب ذوق وارن جو هفتي ۾ هڪ دفعو مشاعرو ٿيندو هو.ان ۾ مان به ويندو هوس ، جنهن ۾ الطاف گوهر ۽ رفيق خاور جيڪو پوءِ ماههِ نو جو ايڊيٽر به هو انهي هڪ دفعي آزاد نظم پڙهيائين پر ان جو آزاد نظم باقاعدي بحر وزن ۾ هيو، انهي ۾ هڪڙو شعر پڙهيائين جنهن ۾ پئٽرول لفظ جو اردو ۾ ترجمو ڪيو رُون سريع الاشتعال ، منهنجي فارسي ۽ عربي پڙهيل آ ٿوري گهڻي آءٌ سمجهي وڃان ٿو رون معنيٰ تيل سريع الاشتعال معنيٰ باهه لڳڻ،اردوءَ وارا چون ٿا ٺيڪ ان طرح سان اسان عربي کي ويجهو ٿياآهيون، اسلام کي ويجهو ٿياآهيون، پنهنجي مذهب کي ويجهو ٿياآهيون ۽ اها اسان جي ٻولي آ هي . آءٌ توهان کي هڪڙو مثال ڏيان ، جنرل ضياءُالحق جي ڏينهن ۾ ريڊيو پاڪستان ۽ ٽي وي تي هدايتون آيون ته توهان خدا حافظ نه چئو، االله حافظ چئو، پوءِ االله حافظ چوندا هئا عام االله حافظ آ، خدا فارسي لفظ آ. آءٌ هتي هڪڙي ڏينهن ٽيڪسي ۾ چڙهيس ، اٺ ڏهه سال ٿيا آهن ، سٽي ڪورٽ کان هاءِ ڪورٽ اچان پيو ، پٺاڻ جي ٽيڪسي هئي هو مولانا هيو هن باقاعدي اسٽيڪر هڻي ڇڏيو هو شيشي تي ته چيائين خدا نه چئو االله چئو. مون چيو اهو ڇا لکيل آ چيائين صحيح ته آهي ، مون چيو ڇو؟ چيائين خدا لفظ فارسي آ عربي لفظ ناهي . مون چيو نماز لفظ قرآن ۾ نه آهي پوءِ توهان نماز ڇو ٿا چئو. نماز پڙهڻ ٿا وڃون هو چپ ٿي ويو، قرآن ۾ لکيل آ صلوات “اقيمو صلواة و آت زکواة” صلوات قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيو ، ڪٿي به سڄي قرآن شريف ۾ نماز لفظ ئي ڪونهي.

    ها سنڌ جي هندو ليکڪن جي پنهنجين لکڻين ۾ سنسڪرت گهٽ استعمال ٿيل آهي. کيئل داس فاني جي نج ٻولي هئي انهي جا مون وٽ ٻه ٽي ڪتاب شاعري جا آهن ۽ جيڪي پوءِ به ڇپي معنيٰ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ .

    آءٌ عرض ڪيان ٿو ته هڪ دفعي هڪڙي مئجسٽريٽ وٽ ڪٿي ويٺا هياسون، اتي ليڊر اخبار جو مخر مات جيڪو اصل گجراتي آهي ان جو پٽ انقلاب اخبار ڪڍندو آهي اهو آيو. رياض الدين جوڻيجو مئجسٽريٽ هو مان به ان وٽ ويٺو هوس . ڳالهين تي ڳالهيون نڪتيون پوءِ مون کي چيائين ته پاڪستان ۾ گھڻيون ٻوليون آهن اردو ڪٿان جي ٻولي آهي. ۽ ڪيئن پاڪستان جي قومي ٻولي بڻي آهي.

    عام طرح ڏٺو ويو آهي ته جن ماڻهن پنهنجي زندگي ۾ ننڍي هوندي ڏک ڏٺا آهن تڪليفون سٺيون آهن يا ڪن ماڻهن يا ادارن جي طرفان ڪي زيادتيون ٿيون آهن انهن وڏي هوندي هڪ قسم جو انتقامي جذبو پيدا ٿئي ٿو. پر مان پنهنجي ذات ۾ جڏهن ڏسان ٿو ته باوجود ان جي جو والد صاحب جي فوت ٿيڻ کان پوءِ ڪافي تڪليفون ڏٺيون، گذران جي تڪليف ٿي، پڙهائي ۾ تڪليف ٿي، ماما توڙي چاچا غريب هئا مزدور هئا انهن جي طرفان ڪنهن به قسم جي مدد نه ملي پر پوءِ به منهنجي دل ۾ هميشه اهو خيال رهيو ته اهي تڪليفون گذري وينديون پاڻ کي ڪوشش ڪرڻ کپي . پاڻ کي صحيح نموني زندگي گذارڻ کپي، ادب، اخلاق، تهذيب جي اندر رهي محنت ڪري پاڻ کي اڳتي وڌائڻ کپي. آءٌ جڏهن ٿورو وڏو ٿيس اسڪوم ۾ هيم تڏهن منهنجو ڌيان هميشه پڙهائي ۾ رهندو هو مان چاهيندو هوس ته آءٌ وڌ ۾ وڌ محنت ڪيان، سٺيون مارڪون کڻان ۽ ڪاميابيءَ سان امتحان پاس ڪيان. اسان کي اسڪول ۾ جيڪي استاد مليا انهن هڪڙي ڳالهه اسان کي، خاص طرح مون کي سمجهائي ته نصابي ڪتابن کان سواءِ لائبريريءَ جا ڪتاب به پڙهڻ کپن، اخبارون پڙهڻ کپن، رسالا پڙهڻ کپن ۽ عام علم ۽ ادب جا ڪتاب پڙهڻ کپن، انهن ۾ مذهبي ڪتاب به شامل آهن . جهڙي طرح قرآن شريف ٿيو، حديثن جا ڪتاب ٿيا يا ٻيا اسلام بابت مضمون رسالن ۾ ايندا ها سو انگريزي ، سنڌي ، توڙي اردو ۾ انهن کي پڙهڻ جو موقعو ملندو هو. پنهنجي محدود خانداني زندگي کان سواءِ به شهر ملڪ ۽ دنيا جون خبرون چارون حال احوال جيڪي به سرگرميون ٿينديون هيون انهن ۾ حصو وٺندو هوس، مون کي ياد ٿو اچي ته 43-1942ع ۾ آءٌ جڏهن اڃا اسڪول ۾ پڙهندو هوس اڃا مئٽرڪ پاس ڪونه ڪئي هئم. تڏهن کان وٺي ٻين لائبريرين کان سواءِ شڪارپور شهر ۾ هڪ ميونسپل جي لائبريري هوندي هئي ان ۾ ٌ رزانو ويندو هوس، پر اتي فقط اخبار، رسالو پڙهڻ لاءِ ملنداها.تنهن کان پوءِ شام جي ٽائيم تي سج لٿي کان پوءِ گهڻو ڪري هڪڙي ٻي لائبريري هوندي هئي خانگي، خانگي ان معنيٰ ۾ ته ڪنهن اداري جي هئي پر عام پبلڪ لائبريري نه هئي ان جو نالو هوندو هو ڪرشنا منڊل لائبريري، ان ۾ به اسين ويندا هياسين. آءٌ ضرور ويندو هوس . اتي روزانو وڃڻ کان پوءِ هڪڙي شخص سان ملاقات ٿي جنهن جو نالو هو غلام محمد ، هو اصل پنجاب جو پنجابي هو شڪارپور ۾ رهندو هو، پاڻ ڊکاڻڪو ڪم ڪندو هو. لائبريري ۾ روزانو ايندو هو،ڪنڊ ۾ ويٺو هوندو هو اخبارون پڙهندو هو ۽ اخبارون کڻي پڙهڻ جي لاءِ ڏيندو هو . هو سياسي ڪارڪن هو سندس کاٻي ڌر سان واسطو هيو. شڪارپور ۾ پهرين مئي به ملهائيندو هو ۽ هر سال ملهائيندو هو جلسا ڪرائيندو هو. ان لائبريري ۾ اهو بندوبست هوندو هو جو ڳا لائبريريءَ طرفان يا ڪجهه ٻين ماڻهن طرفان هندو ڇوڪرن کي هندي ٻولي سيکاريندا ها،غلام محمد انهن کي هندي پڙهائيندو هو جيتوڻيڪ پاڻ پنجابي مسلمان هو پر هندي ٻولي پڙهائيندو هو. ان زماني ۾ سياسي تحريڪون جيڪي هليون پئي ان ۾ مونکي ياد ٿو اچي ته 8 آگسٽ 1942ع تي آل انڊيا ڪانگريس وارن جيڪو ٺهراءُ پاس ڪيو ته انگريز هندوستان ڇڏي وڃو جنهن کي عام طرح سان Quit India هند ڇڏي وڃو تحريڪ چوندا هئا، انهي زماني ۾ جلسا جلوس سرڪس ڪانگريس جي طرفان نڪرندا هئا، ورڪرن تي پوليس لاٺي چارج ڪندي هئي. هو ڀڄي ويندا هئا، اسان اسڪولي شاگرد ، مسلمان اتي بهويندا هئاسين ، مون کي ياد ٿو پئي ته شڪارپور ۾ ٻن ٽن ماڻهن کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو ڪانگريس سان واسطو ڪونه هوندو هو. هڪ ڀيري اسان ڏٺو ته لاٺي چارج پئي ٿي، ڇوڪرا يا مرد گهٽين ۾ پاسن ۾ ڀڄي هليا ويندا هئا، اسان انهن تي چٿرون ڪندا هئاسي ڏسو سنڌيو هاڻي توهان ڀڄي ٿا وڃو. ان زماني ۾ اهو شخص غلام محمد، ، وڏي زور سان ڳالهائيندو هو ، هن جو ڳالهائڻ ڏاڍو ڳرو هوندو هو ۽ سنڌي به ڳالهائيندو هو، سنڌي سکيو هو . اقبال جا شعر گهڻا پڙهندو هو خاص ڪري اهي شعر جيڪي ترقي پسند مزدورن جي باري ۾ آهن. سرمائيداري جي خلاف جيڪا شاعري آهي، اها ٻڌائيدو هو. مون کي ياد ٿو اچي ته بمبئي مان هڪڙي هفتيوار اخبار به اتي ايندي هئي، جنهن جو نالو هو قومي جنگ ، اها هندوستان جي ڪميونسٽ پارٽي طرفان اردو ۾ نڪرندي هئي اها بهگھرائيندو هو ڇاڪاڻ ته لائبريري ۾ سنڌي، اردو، هندي، گجراتي، انگريزي اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب موجود هوندا هئا، اهي رسالا ۽ اخبارون هر ڪو ويهي پڙهندو هو، قومي جنگ اخبار آءٌ پڙهندو هوس، هو پڙهڻ جي لاءِ مون کي به ڏيندو هو . سو ان زماني ۾ مون کي ياد ٿو اچي ته ڪميونسٽ پارٽي هندوستان جي اهو نعرو هنيو هو يا اها پاليسي اختيار ڪئي ته هندوستان جي مسلمانن کي قومي خوداختياري جو حق ملڻ کپي. وڏي سرخي سان ان اخبار جي اندرين صفن تي اهو وڏن اکرن ۾ لکندا هئا ته آزاد هندوستان ۾ آزاد پاڪستان ، معنيٰ ته هنن پاڪستان جي حمايت ڪئي. هئي اخبار جو ايڊيٽر منهنجي خيال ۾ سجاد ظهير هيو ۽ ايڊيٽوريل بورڊ تي سبطِ حسن، سردار جعفري، ڪيفي اعظمي ۽ ان قسم جا ڪجهه ٻيا ماڻهو هيا .

    انهي زماني ۾ مسجد منزل گاهه جا فساد به ٿيا. ڪجهه وقت اڳ ماڻهن ۾ مسلمان جي حيثيت ۾ ،هندڪي مسلمانڪي اچي وئي . حالانڪه اسڪولن ۾ ماسترن ۽ اسان جي وچ ۾ اهڙو اثر ڪونه هو. شهر ۾، پاڙي ۾، هندو مسلمان جو فرق ڪونه هو، اڃان گهڻي ڇڪتاڻ ۽ دشمني پيدا نه ٿي هئي ته پرِ انهن فسادن جي ڪري ڪجهه ماڻهن ۾ اهڙو خيال پيدا ٿيو. ٻي ڳالهه ته مان پاڻ غريب هجڻ جي حيثيت ۾ ، ٿوري تعليم کي ئي وڌيڪ سمجهندو هوس . اسان اخبارون پڙهندا هئاسين، رسالا پڙهندا هئاسين ، جن ۾ لکيل هوندو هو ته انگريزن اسان کي غلام بڻايو آهي ، آزاد ٿيون ، اسلام صحيح آ، اسلام ۾ برابري آ، اسلام ۾ هڪجهڙائي آ، مساوات آ، انصاف آهي. علام محمد جيئن اسان کي اقبال جو هي شعر ٻڌائيندو هو ، اسان گڏجي پڙهندا هئا سين ته،

    اگر ڪسي لڙائي مين جب آگيا وقتِ نماز

    ايڪ هي صف مين کڙي هوگئي محمود و اياز

    نه ڪوئي بنده رها اور نه ڪوئي بنده نواز.

    اسلام جا ڪجهه ڪتاب به پڙهندا هياسين. اسلام ۾ برابري آ، سو ڪجهه انهيءَ لحاظ کان به برابري جون ڳالهيون ٿينديون هيون . وري جڏهن هيءَ ڳالهه ٿي ته اسلام، اسلامي برابري، سوشلزم، ڪميونزم جو مطالعو ڪندي اسڪول جي زماني ۾ مون ٿورو سياست طرح لاڙو رکيو ۽ جڏهن مون مئٽرڪ پاس ڪئي ته ٿوريون تحريڪون اڳتي وڌندي ڏٺيون، شڪارپور جي ڪاليج ۾ مون جڏهن فرسٽ ييئر سائنس ۾ داخلا ورتي تڏهن مان اتي باقاعدي مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شريڪ ٿيس ۽ پهرين سال ئي جوائنٽ سيڪريٽري بڻيس . ٻئي سال اليڪشن ٿي هئي ته مان جنرل سيڪريٽري چونڊيس ۽ باقاعدي پاڪستان جي لاءِ تحريڪ هلائي سين ، ڏٺوسين ته اخبارن ۾ رسالن ۾ جي ايم سيد جي طرفان ، ٻين مسلمان ليڊرن جي طرفان ۽ڪميونسٽ پارٽي طرفان پاڪستان جي حمايت ٿي.. اسان سمجهيوسين اها بهتر ڳالهه آهي ته مسلمانن کي آزادي ملي . هتي اها به ڳالهه ٌ ٻڌائيندو هلان ته ان وقت مون کي ياد اچي ٿو اسان جي ذهن ۾ هندو عام هندو نه هوندو هو سرمائيدارهندو هوندو هو ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ خاص طرح شهرن ۾ واپاري ۽ ٻيا سرمائيندار هندو هيا. سڄي شڪارپور جي ڍڪ بازار ۾ ٻه ٽي سؤ دڪاندار هيا مشڪل سان ٻه يا ٽي مسلمانن جا دڪان هيا. سڄي سنڌ ۾ ايئن هو ته اهو هڪ طبقاتي تضاد هيو، طبقاتي ويڇو هيو شاهوڪار ۽ غريب جو اهو اسان کي ظاهر ۾ ائين نظر آيو، هندو ۽ مسلمان جو ويڇو آهي. هندو جيڪو آسودو سرمائيدار آهي مسلمان جيڪي آهن سي غريب آهن هاري ناري هيٺين طبقي جا آهن، جنهن جي ڪري انهن کان ڇوٽڪارو ملندو، مسلمان طبقو برابر ٿي ويندو ، اسان خوش ٿينداسين.

    1947ع ۾ جڏهن مون انٽر پاس ڪئي ، شايد مون اڳ ۾ ڪاٿي ذڪر ڪيوآهي،مئٽرڪ ۾ منهنجون ڊسٽنڪشن مارڪون هونديون هيون مئٿميٽڪس،سائنس ۽ لينگويجز ۾ . آءٌ سائنس جو شاگرد هوس، 80-85 سيڪڙو مارڪون کنيون هيون پر جڏهن انٽر سائنس جو رزلٽ آيو ته آءٌ فيل ٿي پيس ڇاڪاڻ ته ڪاليج ۾ پوري ڌيان سان نه پڙهندا هئاسين، ٿيوري جا ڪم ڪري پوءِ پريڪٽيڪل ۾ ڀڄي ويندا هئاسين، پوءِ سپليمينٽري ۾ پاس ٿيس . منهنجي خيال ۾ اپر سنڌ ۾ آءٌ اڪيلو پاس ٿيو هوس ، ٻه ٽي مارڪون گريس جون ڏيئي پاس ڪيائون. دوستن جي مهرباني سان ڪراچيءَ آياسين ۽ جناح ڪورٽ ۾ رهياسين. N.E.D انجنيئرنگ ڪاليج تڏهن هتي شهر ۾ هوندو هيو. ان ڪاليج ۾ داخلا ورتم. هتي ڇاڪاڻ ته منهنجو مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان اهو ساڳيو لاڳاپو رهيو، جو مان شڪارپور ۾ جنرل سيڪريٽري هيس . هتي جيئن مون جناح ڪورٽس جوائن ڪئي ته فوراَََ ٻن ٽن ڏينهن جي اندر اها خبر پئي ته لڏ پلاڻ پئي ٿئي، اسان کي پهريائين اهو خيال آيو ته هندستان مان جيڪي مهاجر آيا آهن اهو سٺو نه ٿيو ، مختصر اها ڳالهه ٻڌايان ته ٽن چئن ڏينهن جي اندر سنڌ مدرسة الاسلام جنهن ۾ قائد اعظم به پڙهي ويو، جيڪو حسن علي آفندي مرحوم ٺهرايو هو،هندوستان جا مسلمان شاگرد به هتي رهندا ۽ پڙهندا هيا، ويندي، علامه عمر بن محمد دائود پوٽو به هتي پڙهيو. اي. ڪي بروهي صاحب اتي ٽيچرهوندو هيو، اسان جو سينيئر دوست محمد ابراهيم جويو صاحب به هتي ٽيچر هوندو هيو. هاءِ ڪورٽ جو رٽائرڊ چيف جسٽس عبدالحئي قريشي به اتي ٽيچر هوندو هيو. اتي سڀ دوست پڙهنداهيا. پاڪستان کان ٽي چار سال اڳ ۾ شايد 1943ع ۾ لڳ ڀڳ سنڌ مسلم ڪاليج به جڙي راس ٿيو هو، جيڪو هاڻ آرٽس ڪاليج آهي اهو مدرسي جي اندر ٺهيو ، سنڌ مدرسي بورڊ طرفان شاگردن جي لاءِ اهو الڳ ڪاليج هو.ِ ان زماني ۾ سنڌ جي مسلمانن جوگهڻو ڌيان علي ڳڙهه ڏانهن هوندو هو، علي ڳڙهه جي هڪ پروفيسر ڊاڪٽر امير حسين صديقي کي گهرايائون ۽ سنڌ مدرسي جو پرنسپال ڪري رکيائون ۽ ان کي رهڻ جي جاءِ به اتي اندر ڏنائون حقيقت ۾ پاڪستان ٺهڻ کان ٿورو اڳ ۾ يو پي ۽ بهار ۾ فساد ٿيا هيا، هندوستان جا مسلمان ، يوپي کان يا بهار کان هتي اچڻ شروع ٿيا هيا. پوءِ وڌيڪ آيا. جيئن پاڪستان ٿيو جيڪي به اتان جا شاگرد يونيورسٽي مان نڪتل، ڪن کي ڊگريون هيون ڪن کي ڊگريون نه هيون ، هي اسان جو پرنسپال صاحب ويو انهن کي ڀرتي ڪندو. پوءِ هڪ اسٽيج اهڙي آئي جتي هڪ ٻه سنڌي پروفيسر بچيا جن مان هڪڙو پروفيسر اڃان زندهه آهي مسٽر غلام نبي ڀنگر اصل جيڪب آباد جا آهن جيڪب آباد ۾ رهيا وڪيل به هيا ڊبل ايم اي ڪري آيا علي ڳڙهه مان . اهو هتي ليڪچرار هوندو هيو ۽ شادي به علي ڳڙهه مان ڪري آيو هيو، هاڻي حيدرآباد ۾ سيٽل آهن سو ان به پروٽيسٽ ڪيو، اعتراض ڪيو، پاليسي جي خلاف. ڪراچي ۾ سنڌ صوبائي مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن سڄي صوبي جي لاءِ هوندي هئي ، اسان جو صدر هوندو هو ميهڙ جو سائين علي اڪبر شاهه مرحوم سرگرم هو ايم ايل اي کي چوندا هئا Member of Legislative Assembly ۽ سيڪريٽري جنرل دادو جي سيتاروڊ جو محمد شفيع انصاري هوندو هو، هو انجنيئرنگ ڪاليج جو شاگرد هيو. ٻيا به گهڻا سنڌي دوست هيا آءٌ به ان فيڊيريشن ۾ سرگرم هيس، اسان گوڙ ڪيوسين. ڪراچي ۾ جيڪي به سنڌي شاگرد جنهن به ڪاليج جا رهندڙ هيا، مدرسي ،ڊو ميڊيڪل ڪاليج ، ڊي جي ڪاليج، انجنيئرنگ ڪاليج ، آرٽس ڪالج جا، سڀني احتجاج ڪيو. هفتو کن سڄو مدرسو بند رهيو ،آخر مجبوراََ ڊاڪٽر امير حسين صديقي کان استعيفيٰ لکائي ورتي وئي ، اهو هڪڙو پهريون ردعمل هو.

    ٻن ٽن مهينن کان پوءِ ڪراچي ۾ 6 جنوري 1948ع تي فساد ٿيا. سنڌ ۾ فساد ڪيئن ٿيا . آءٌ توهان کي ٻڌايان ته خالصا يا سک سنڌي به ٿيندا آهن. سنڌ ۾ سنڌي هندو گهرن ۾ ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻار کي گرودواري ۾ ويهاريند ا هئا پوءِ انهي کي سک ڪندا هئا. پوءِ هو ڏاڙهي به رکندو هو وار به وڏا ڇڏيندو هو، باقاعدي سک گهرن ۾ ويندو هو ۽ رهندو پنهنجي مائٽن پيءُ ماءُ ڀينرن ڀائرن سان هو پر سک هوندو هو. سنڌ ۾ ٻيا به سک هئا پوءِ ڪجهه اهي سک ۽ ڪجهه ٻيا سک، ڪراچي اسٽيشن تي لٿا ۽ هتي پريڊي ٿاڻي رتن تلاءُ وٽ هڪڙو گورودوارو هو اتان گڏجي ، ڪراچيءَ ۾ آيل مهاجر سان وڙهڻ لڳا ته فساد ٿيو ته ان تي به سنڌي شاگردن رد عمل اظهار ڪيو. سختيءَ سان ان تي اعتراض ڪيو ته هي سنڌي هندن سان ڇو پياوڙهن . ٿين. فساد ڪافي ڏينهن هليا. تنهن کان پوءِ پاڪستان سرڪار ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جو پروگرام رٿيو . انهي تي م ا ف اڃا م ا ف (مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن ) جي نالي پيا هلائيندا هياسين. سو انهي پاران جلسا جلوس ڪڍياسون ۽ وڏا پوسٽر، سنڌ جو نقشو ڇاپي سنڌي ماڻهن کي گڏ ڪرڻ چاهيو پئي . وري فيبروري مارچ 1948ع تي جناح صاحب بنگال ويو ان زماني ۾ اڃان نه ٺهيو هو اڃان ايسٽ بنگال هيو ڇاڪاڻ ته ايسٽ پاڪستان ۽ ويسٽ پاڪستان جنرل ايوب خان جي دورِ حڪومت ۾ ٺهيا. جڏهن ون يونٽ ٺهيو ، اڳ ۾ اوڀر بنگال جي نالي سان هو ، ڍاڪا ۽ سلهٽ ويو اتي تقريريون ڪيائين ۽ پنهنجي پاليسيءَ جو هن اعلان ڪيو ته پاڪستان جي سرڪاري ٻولي اردو هوندي . ان تي بنگالي شاگردن خاص طرح احتجاج ڪيو ان جو سنڌ ۾ به اثر ٿيو . انهي زماني ۾ اسان جي سنڌي شاگردن پهريون دفعو سائين جي .ايم . سيد سان رابطو رکيو ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ ۾ سائين جي .ايم . سيد مسلم ليگ کي ڇڏي چڪو هو. انهن سڀني ڳالهين کي جڏهن غور سانِ ڏسجي ٿو ته ، اتي ٻي ڳالهه به ڪري وٺان ته ان زماني ۾ سال هڪڙو جناح ڪورٽ ۾ رهي اسان سنڌي شاگرد خاص طور تي شڪارپور جا دوست مٺارام هاسٽل تي آيا سون جيڪا ڊي .جي (ديارام گدومل) ڪاليج جي سامهون آهي . مٺارام هاسٽل ان کان پهريائين ڊي. جي ڪاليج جي هاسٽل هوندي هئي . جتي فقط ڊي .جي ڪاليج جا شاگرد رهندا هيا. انهن ۾ به سڀ ڪنهن کي داخلا نه ملندي هئي.ميرٽ تي ڏيندا هيا جنهن جون وڌيڪ مارڪون هونديون هيون ٻئي ڪنهن کي داخلا نه ڏيندا هيا. ان زماني ۾ جي ايم سيد کان سواءِ ٻه ٽي ٻياسياستدان به ڪميونسٽ هئا انهن سان منهنجي ملاقات ٿي. هڪڙو ته هوندو هو ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻي ، اسان جو پراڻو دوست جيڪو هاڻي ٻه ٽي سال ٿيا آهن گذاري ويو آهي،ان سان ٿوري سلام دعا ٿي، تنهن کان پوءِ محمد ابراهيم جويو صاحب سان ملاقات ٿي ۽ ان کان علاوه خاص طرح اسان جو پنهنجو دوست مون کان چارسال سينيئرشيخ اياز اهو به ڪراچي ۾ رهندو هيو جو ان وقت وڪالت پڙهندو هي


    سنڌي ڪتاب جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو