ڊاڪٽر محمد علي صديقي “ايريل” جي حيثيت سان روزانو مارننگ نيوز ۽ ليڊر ۾ لکڻ کان ڇهه سال پوءِ جڏهن منهنجا ڪالم روزانه ڊان ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا ته مان گهڻن ئي اردو ۽ پاڪستان جي ٻين ٻولين جي اديبن ۾ واکاڻيو ويس ۽ جڏهن مان ڪيترن اديبن سان مليس ته انهن ايريل جي لکڻين کي هڪ ترقي پسند ڪالم نگار جي نگاه سان پئي ڏٺو. اڄ ايريل 43 سالن جو ٿي چڪو آهي ۽ گذريل پنجن سالن کان روزانه بزنس ريڪارڊر ۾ ڇپجي رهيو آهي. تڏهن کان “ايريل” اردو، سنڌي، پنجابي، پشتو ۽ بلوچي دوستن ۾ سڃاتو وڃي ٿو ڇاڪاڻ جو سندس پختو وشواس آهي ته ضمير جي آواز ۾ رڱيل ادب سموري انسان ذات جو گڏيل ورثو آهي. ستر واري ڏهاڪي جي شروعات جو هڪڙو واقعو آهي جو مان هڪڙي دوست سان گڏجي هڪ سنڌي وڪيل نالي نورالدين سرڪيءَ سان ملڻ ويس، جيڪو گھڻو ئي ادبي ذوق رکندڙ نظر آيو. مونکي هو دنيا جي ادب جو روشن فڪري پارکو ، ادب تي مثبت تنقيدي نظر رکندڙ ۽ سماج سڌارڪ لڳو. هو سنڌي اديبن ۾ ترقي پسند نظرئي جي ڪري ڪافي احترام جوڳي شخصيت جو مالڪ هو. مون کي اها به پروڙ پئي ته هن 1952 ۾ سنڌي ادبي سنگت کي نئين سر سنواري پنهنجي دوستن شيخ اياز، اياز قادري، ۽ ٻين سان گڏجي فعال بڻايو، جنهنجو پوءِ 1956ع ۾ سڄي سنڌ جو اجلاس ڪراچيءَ ۾ ڪوٺائي باقي سنڌ جي ضلعن ۾ سنڌي ادبي سنگت جون شاخون کولرايون ۽ سنڌي ادبي سنگت جو آئين به جوڙي پڌرو ڪيو. جيڪو ڪراچي اجلاس متفقه طور تي منظور ڪيو هو. اها ڄاڻ گهٽ ساهتيه پريمن کي هوندي ته سنڌي ادبي سنگت جي شروعات ۽ پايو پاڪستان ٺهڻ کان اڳ پئجي چڪو هو. ان جي شروعاتي اُوسر ۾ ان دور جي ادبي اُفق جي ستارن پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، سوڀو گيانچنداڻي، شيخ اياز، عبدالرزاق راز، موهن پنجابي، گوبند مالهي، لالچند امرڏنو مل، ۽ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ پاڻ موکيوهو. جڏهن ڪراچيءَ جي سنڌ کان جدا ڪرڻ ۽ ون يونٽ واري وفاقي نظام جي لاڳو ٿيڻ ڪري، ٽڪراءَ واري صورتحال کي سنڌ ۾ جنم ڏنو، ته سنڌي عوام ۾ ثقافتي عدم تحفظ محسوس ڪرڻ ڪري بيچيني پيدا ٿي ۽ ان جي جھلڪ ان وقت جي سنڌي ادب ۾ به نظّر اچي ٿي. نورالدين سرڪي ان اڻ برابريءَ، مذهبي جھيڙن جي اثرن کي سنڌي توڙي اردو ادب ۾ محسوس ڪندورهيو. جنهن ڏاڍ هيٺ ڪروڙ کان مٿي ماڻهو ڌڪجي سرحد جي هن پار پهڇي ويا! مان 1970ع ۾ جڏهن ساڻس مليو هوس ته مون محسوس ڪيو هو ته اسان جا سماجي ۽ سياسي نظريه هڪ ٻئي کان مختلف نه هئا تنهن ڪري اسان جلد ئي هڪ ٻئي سان رائل مائل ٿي وياسين، پر هن ڪنهن به طرح سان مونکي پنهنجي نظرئي ذريعي مرغوب ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي. جنهن مان اهو ظاهر ٿيو ته مختلف رايا، سوچ ۽ ويچار وارا نظريا رکندڙ به گڏجي سڏجي هلي سگھن ٿا. مونکي اها به ڄاڻ پئي هئي ته سرڪيءَ جي باطن ۾ شاعراڻي حس سرس ۽ اڳري هئي ، جڏهن ته سندس سنگت هڪ طرف نالي وارن شاعرن شيخ اياز، نياز همايوني، بشير مورياڻي، تنرير عباسي ۽ فتاح ملڪ سان هئي، اتي ٻئي طرف محمد ابراهيم منشي ۽ يوسف شاهين سان به هئي. هن جي سوچ ۽ سُڀاءَ جو تعليمي ماهر ۽ سماج سڌارڪ جي حثيت ۾ سنڌي نوجوان طبقي تي خاصو اثر هو ۽ اهڙي حيثيت جي ساک سندس دوست شيخ اياز، تنوير عباسي ۽ شيام ڪمار پڻ ڏيندا رهيا هئا. هڪ وڪيل ۽ ماهر قانوندان جي حيثيت ۾ هن جي محنت ۽ لڳاءُ، قانوني ڪيسن ۾ مزدورن، پورهيتن،غريبن خاص ڪري جيڪي پنهنجو داد فرياد اختيار وارن تائين پهچائي نه ٿي سگهيا، ڇاڪاڻ جو هو وڪيلن جي فيس ادا ڪري نه پئي سگھيا،اهي ماڻهو اهڙن ڪيسن بابت کيس ضرور ياد ڪندا هئا . وڪالت هن جي تجربي جو محض هڪ پهلو آهي ، هن جي اهم خدمت ترقي پسند سنڌي ادب جي حوالي سان ڪڏهن به وسارڻ جوڳي نه آهي. هن جو سنڌي، انگريزي،اردو ۽ ٻين ٻولين جي ادب جو ڳوڙهو ۽ وشال مطالعو هو.سندس سوچ ۽ ويچار واضح هئا، انڪري گھڻائي ادب دوست وڏڙا توڙي نوجوان، مختلف سياسي ۽ اقتصادي نظريا رکڻ جي باوجود به سندس صحبت حاصل ڪرڻ جا خواهشمند هوندا هئا. اها سنڌي ادب جي خوش نصيبي آهي جنهن کي اهڙي مقناطيسي شخص جو ساٿ مليو. ڪاش! اهڙا ٻيا به ڪجھ دوست سنڌي ادب کي ملن. جڏهن مان ان 38 سال جھوني تعلق کي ڏسان ٿو ته ياد ٿو پوي ته مان ساڻس ملڻ لاءِ نه سندس آفيس ويندو هوس ۽ نه سندس گھر، اسان جون ملاقاتون اڪثر اتفاق سان انجمن ترقي پسند مصنفين جي ادبي گڏجاڻين ۾ ٿينديون هيون. پيشيوراڻا مصروفيتن جي ڪري هو گھڻو وقت ادب کي ڏئي نه سگھندو هو پر تنهن هوندي به جڏهن ملندا هئاسون ته لڳندو هو ته اسان اڪثر ملندا رهندا آهيون. منهنجو دوست شيام ڪمار ڪراچي ۾ پنهنجي مختصر قيام دوران سرڪي ۽ مون سان ملڻ هڪ فرض ڪري سمجهندو هو. شيام ڪمار دوستن جو بيحد ڪانکي آهي، خاص ڪري مخلص دوست ۽ من موهن آهي، اها سڀ کي سڌ آهي ته شيخ اياز جي عظمت جو قائل هوندي به هن سندس ڪڌين اڙٻنگاين کي ڪڏهن ڪين بخشيندو هو. بلڪه سوڀو گيانچنداڻي لاءِ انسيت ۽ لڳاءُ جي باوجود “پاڪستان ادبيات اڪيڊمي” پاران کيس زندگي جي جاکوڙ لاءِ ڏنل انعام جي قبوليت تي به تکي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي اٿس . حالانڪه مون کيس چيو هو ته ادبي ۽ ثقافتي تنظيمون اهڙن انعامن جا فيصلا پاڻ ڪنديون آهن، جنهن ۾ رياست جو ڪو ڀاڳ نه هوندو آهي تنهن هوندي به مان شيام کي قائل ڪين ڪري سگهيس. بهرحال نورالدين سرڪيءَ جي اهڙي شخصيت هئي ، جنهن کي قدرت جو تحفو ۽ فرشته صفت انسان مڃي سگھجي ٿو. مان شيام ڪمار جي ان خيال سان سهمت آهيان، واقعي نورالدين سرڪي هڪ خاص شخص ئي هو، جنهن کي ڪڏهن به وساري نه سگھنداسون . سندس تازي گلاب جهڙي مهڪ اسان جي ذهنن ۾ هميشهه تازي تواني رهندي. سنڌي ڪتاب