خوابن جي دنيا جو شخص

'سنڌي ادب' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏14 سيپٽمبر 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    رئوف نظاماڻي

    ڪڏهن ڪڏهن ماڻهوءَ سان ملڻ ضروري نه هوندو آهي رڳو سندس موجودگيءَ جو احساس ئي ماڻهوءَ جي لاءِ اطمينان ۽ آٿت جو باعث هوندو آهي. جڏهن اهڙي ماڻهوءَ جي لاڏاڻي جي خبر ايندي آهي ته ماڻهو ڄڻ ڪجهه گھڙين لاءِ صدمي جي ڪيفيت ۾ اچي ويندو آهي. ايئن لڳندو آهي ته ڄڻ کانئس سندس ڪو احساس کسجي ويو آهي. شخصيت جو ڪو اهم حصو جدا ٿي ويو آهي.

    سائين نورالدين سرڪيءَ سان اهڙي ناتي جي ڳالهه ڪندڙ آئون ڪو اڪيلو ماڻهو ناهيان پر سڄي سنڌ ۾اهڙن ماڻهن جو اڻ ڳڻيو تعداد موجود آهي، بس اهو ته آئون به اهڙن اڻ ڳڻين ماڻهن مان هڪ آهيان.

    ادبي ۽ سياسي ڪم ڪرڻ لاءِ ماڻهوءَ کي ڪنهن اتساهه ۽ ڀرجھلي جي ضرورت هوندي آهي، سنڌ جي حوالي سان اها ڳالهه اڃا به وڌيڪ اهميت رکي ٿي. هتي ڪجھه عرصو اڳ تائين ادب ۽ سياست ڄڻ هڪ ئي سڪي جا ٻه رخ رهندا آيا آهن ، اها سڄي صورتحال هڪ لحاظ کان ان ڪري اهم هئي جو سنڌ جي ڪجهه اهڙن سينئر ماڻهن مان سرڪي صاحب به هڪ هو جن جي لاءِ جدوجهد هڪ مقصد جيان هئي . هڪ اهڙي گهڻ پاسائين شخصيت جيڪا قانون، سياست ۽ ادب جي ميدانن ۾ ساڳي وقت رڌل هئي . ڪراچيءَ جي لحاظ کان اها ڳالهه ان ڪري به وڌيڪ اهميت رکندڙ هئي ته هتي سائين اياز قادري ۽ نورالدين سرڪيءَ جهڙا ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ شخص موجود هوندا هئا، جن ڏانهن سنڌي نوجوان ڇڪجي ايندا هئا ۽ جيڪي مختلف وقتن تي سندن لاءِ اتساهه ۽ ڀرجھلو بنبا هئا.

    سرڪي صاحب جي هڪ وڪيل جي حيثيت ۾ اها شهرت هوندي هئي ته سياسي ڪارڪنن لاءِ هونه رڳو مفت ڪيس وڙهندو آهي پر هڙان ۽ وڙان به سندن مدد ڪندو آهي. سندس آفيس جا دروازا ادبي ۽ سياسي ڪارڪنن لاءِ هميشه کليل هوندا هئا ۽ منهنجو خيال آهي ته سندس گهڻو وقت پنهنجن اسيلن جي بجاءِ انهن ئي ماڻهن سان گذرندو هو جن کي هو پنهنجو دوست ڪوٺيدو هو.

    سرڪي صاحب جي نظرياتي وابستگي ڪنهن سان هئي اهو طئه ڪرڻ ڪا اهڙي وڏي ڳالهه ناهي . سندس شخصيت کي انهن حالتن جي تناظر ۾ ڏسڻ ضروري آهي، جيڪي سندس چوڌاري موجود هيون. گهڻو ڪري ماڻهو پنهنجي واٽ جو فيصلو پنهنجي طبيعت جي لاڙي موجب موجود طريقن مان ڪندو آهي، هر بنيادي طور هڪ ترقي پسند ماڻهو هو ۽ سماجي تبديلي سندس آدرش هو. سنڌ جي گهڻن ماڻهن جيان سندس چونڊ به ڪميونسٽ پارٽي هئي. شايد ان جو هڪ ڪارڻ اهو به هجي ته ان وقت ان جو ٻيو ڪو متبادل نه هو ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ اڃا نئين ملڪ جي حالتن ۾ سرچي رهي هئي. ممڪن آهي ته سرڪي صاحب جيئن چيو وڃي ٿو قومي مسئلي تي اختلافن ڪري پارٽيءَ کان ڌار ٿيو هجي، پر هن ان ڳالهه جو ڪڏهن به کليل نموني اظهار نه ڪيو ۽ نه ئي اهڙو ڪو تاثر ڏنائين. هڪ ته سندس پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ساڳيا دوستاڻا ناتا ۽ ميل جول رهيو ۽ ٻيو ته هن پاڻ کي ٻي ڪنهن سياسي جماعت سان به وابسته نه ڪيو. سندس سرگرمين جو مرڪز وڪالت ۽ ادبي سنگت ڏانهن منتقل ٿي ويو.

    سرڪي صاحب واري دؤر جي هڪ خاص ڳالهه اها هئي ته ان وقت قومي تحريڪ وڌي ويجهي ۽ شڪل وٺي رهي هئي. سنڌ جي مختلف طبقن سان واسطو رکندڙ ماڻهن وچ ۾ مختلف مسئلن تي خيالن جي هڪ جهڙائي هئي. قوم پرست جماعتون جن بجاءِ قومي تحريڪ کي هڪ تنظيم ۽ رخ ڏيڻ جي ان کي مختلف حصن ۾ ورهائي ڪمزور ڪري ڇڏيو. پر واٽ لهڻ جو عمل اڃا شروع نه ٿيو هو. ان ٽهيءَ جا پنهنجا خواب هئا.

    سنڌي ڪتاب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو