ترقي پسند ادب جو ڀرجھلو زرار پيرزادو جيتوڻيڪ نورالدين سرڪي هڪ ترقي پسند اديب ۽ دانشور طور وڌيڪ ڄاتو ۽ سڃاتو پئي ويو پر هن شخص جي ڪائنات جا ٻيا به ڪي سگهارا حوالا هيا. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته نورالدين سرڪي ترقي پسند فڪر کي وڌائڻ لاءِ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون تن جو اهو ئي نتيجو آهي جو هن جو نالو کڻندي يا هن کي ڏسندي ئي ترقي پسند سنڌي ادب ذهن تي تري ايندو آهي. هن بيشڪ پنهنجن عملن، قولن ۽ لکڻين ذريعي ترقي پسند رجحانن کي پئي متعارف ڪرايو. هيءُ ترقي پسند ادب جي ڇپر ڇانو به هو ۽ هڪ لحاظ کان ان جو سرپرست ۽ نگهبان به هو. اها شايد گهٽ ماڻهن کي خبر هجي ته نورالدين سرڪي ذاتي طور تي نئين ڇپيل سنڌي ڪتاب جون ڏهه پندرنهن ڪاپيون خريد ڪري انهن جي ڇپجڻ جي همت افزائي پڻ ڪندو هو، ان حوالي سان هو سنڌي ڪتابن جو هڪ وڏو خريدار هو.هن جي آفيس “ادبي اوطاق” جي حيثيت رکندي هئي جتي سنڌي ادب متعلق ئي سوچيو ۽ لوچيو ويندو هو. نورالدين سرڪي ڏانهن سڀ کان وڏو ڪريڊٽ اهو وڃي ٿو ته هن جديد ۽ ترقي پسند ادب جي تخليق لاءِ هڪ ماحول پئدا ڪيو ۽ ترقي پسند مصنفين جي تنظيم جو بنيادي ڪارڪن بڻيو جنهن اڳتي هلي “سنڌي ادبي سنگت” جي شڪل ورتي. جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو آهي ته هن شخص جا ٻيا به ڪيترائي سگهارا حوالا آهن . هيءُ شخص پنهنجي ذات ۾ هڪ تاريخ به هو ۽ سنڌ جي انهن ليکڪن ۽ دانشورن مان هڪ هو جن ورهاڱي کان اڳ سنڌ جو خوشحالي ۽ آسودگيءَ وارو دؤر به ڏٺو ته ورهاڱي جي نتيجي ۾ سنڌ کي پهتل جملي نقصان کي به اکين سان ڏٺو ۽ ان اذيتن واري زهر کي پيئندو به رهيو ته ڀوڳيندو به رهيو. نورالدين سرڪي سنڌ جي انهن دانشورن مان به هڪ هو جن ورهاڱي کي سنڌ جي موجوده تباهي ۽ برباديءَ جو پهريون ۽ آخري سبب پئي ڄاڻايو پر هن بهرحال همت نه هاري ۽ انهيءَ سڄي واردات کي سائنسي بنياد تي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي پئي ڪوشش ڪئي ۽ ترقي پسنديءَ واري ٻاريل ڏيئي کي هر طوفان کان بچائي رکندو آيو. آڪٽوبر 2001ع ۾هن ڏي آيل خطن تي ٻڌل ڪتاب “ڪي وسرن نه مور” سنڌ ادبي اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران ڇپيو جنهن کي آرڪائيوز جي حيثيت حاصل آهي. ان ڪتاب ۾ موتي رام رامواڻي، هري موٽواڻي، گوبند پنجابي، ڪيرت ٻاٻاڻي، وينا شرنگي، موتي پرڪاش وغيره جا خط شامل آهن.. انهن خطن کي پڙهي اندازو ٿئي ٿو ته هنجا ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ڇڏي هندستان ويل سنڌ جي اديبن شاعرن، دانشورن، نقادن ۽ پبلشرن سان ڪيترو ويجهو ۽ سگهارو لاڳاپو هو. هيءُ بيشڪ انهن ليکڪن ۽ دانشورن مان هڪ هو جيڪي سنڌ ۽ هند جي اديبن جي وچ ۾ هڪ پل بڻجي بيٺو هو. جيتوڻيڪ سوڀو گيانچنداڻي، شيخ اياز، تنوير عباسي، هري موٽواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، موتي پرڪاش ،ريٽا شاهاڻي، تاجل بيوس، قمرشهباز ۽ تاج بلوچ به هند ۽ سنڌ جي اديبن کي ملائيندڙ پل رهيا آهن، پر نورالدين سرڪي به ان حوالي سان هڪ وڏي پل هو. نور الدين سرڪي جو ترقي پسنديءَ وارو پهلو وڌيڪ ڳرو ٿو بڻجي. نورالدين سرڪيءَ جي رهنمائي واري به حيثيت هئي. هو ان عمر تي رسي چڪو هو جنهن عمر ۾ سچ نسورو سچ ڳالهائيو آهي ۽ ٻڌڻ وارا ان کي افورڊ به ڪري سگهندا آهن، سو نورالدين سرڪي به تاريخي، سياسي، ادبي، سماجي، نفسياتي ۽ تعليمي مامرن تي کلي ڳالهائيندو هو. تنقيد ڪندو هو ۽ تاريخ توڙي تجربي جي روشنيءَ ۾ رهنمائي به ڪندو هو. هو جيئن ته پروفيشنل وڪيل هو ان ڪري جڏهن به ڪامريڊن يا سنڌين سياسي ڪارڪنن جو ڪو قانوني ڪيس وڙهڻو هوندو هو ته متاثر ڌريون نورالدين سرڪيءَ وٽ هليون وينديون هيون ۽ هيءُ سندن ڀرپور مدد ڪندو هو. نورالدين سرڪيءَ جي لاڏاڻي سان سنڌ ۽ سنڌين کان هڪ وڏو سهارو به کسجي ويو آهي. سنڌي ڪتاب