مانجهي مرڻا ناهن ايڊووڪيٽ الطاف القدس محرابپوري واذڪروا الله ذڪراََ ڪثيراََ ، سڄڻ ساريائون. فليضحڪو اقليلا وليڪم ڪثيراََ، ڳوڙها ڳاڙيا ئون. موت ماريائون، موت نه ماريو تنکي. اڄ کان چند ڏينهن اڳ اندازاََ هڪ وڳي منجهند جو معمول جي خلاف پنهنجي چيمبر ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جي ڪجهه تحريرن ۽ تقريرن جي مجموعي “Casual peeps at Sophia” جي مطالعي ۾ غرق هيس ته موبائيل فون وڳي، فون کڻي ڪن تي لاتم ته هڪ قانون جي شاگرد احمد نديم عليڪ سليڪ کان پوءِ هڪ درد ناڪ خبر ٻڌائي ته سر اوهان جا سينئر جنهن جو اوهان اڪثر ذڪر ڪندا آهيو سائين نورالدين سرڪي هن فاني جهان مان دارالبقا ڏانهن راهي ٿي ويا. تصديق لاءِ دل گهرئي دوست ايڊووڪيٽ ذوالفقار لانگاهه ڏانهن فون ڪيم جنهن ڏکويل آواز ۾ چيو ته، “ها يار سائين کي دفنائي پيا ورئون.” ڌڪ ته ڪاپاري لڳو پر ڪنهن بزرگ جا حقيقت ڀريا لفظ ذهن تي تري آيا ته: الموت کاس کل ناس شاربوها، والقبر باب کل ناس داخلوها موت هڪ پيالو آ جو سڀني کي پيئڻو آ ۽ قبر هڪ دروازو آ جنهن مان هر ماڻهوءَ کي داخل ٿيڻو آ. بلاشبه سائين هڪ مانجهي ۽ مهان مرد هو جو اسان کان وڇڙي ويو، هن مڻيادار مڙس جي روانگي ڄڻ ته ورهين جي روان دوان پئي نظر اچي جيڪا محنت ۽ جاکوڙ سان ڀرپور آ. هن جيڪي شخصي ۽ قومي حوالي سان ذميواريون نڀايون سي يقينن وقتائتيون ۽ ذهنن تي لاشعوري ۽ لافاني نقش چٽيندڙ هيون ڇو ته اهي ذميواريون اسان لاءِ روشن راهه جيان آهن، سائين جن هڪ رواجي انسان جي ابتڙ پنهنجي پر هڪ جڳ هيا. قدرت پاران کيس سونپيل ڪارج پنهنجي جاءِ تي هڪ اهڙو سنيهو آ جنهن ۾ مسلسل جدوجهد، فڪر ۽ فلسفي جا روشن اهڃاڻ آهن. سائينءَ جو ذڪر اڪثر ٻڌندو رهندو هئس پر سائينءَ سان عملي ملاقات جو شرف سائين سعيد چانڊيو ايڊووڪيٽ جي معرفت سان نصيب ٿيو. هيءَ 12 فيبروري 2004ع جي ڳالهه آهي جو سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ۾ سائينءَ کي چانڊئي صاحب منهنجي ۽ منهنجي دوست پرويز لاءِ شاگردي “Pupilage” ۾ وٺڻ لاءِ عرض ڪيو. سائينءَ پهريان ته اهو چئي نٽايو ته اندرون سنڌ جا نوجوان نه پڙهن ٿا ۽ نه ئي محنت ڪن ٿا. پر چانڊئي صاحب جي اصرار تي آخر مڃي ورتائون. پوءِ ته سائين سان گڏ هلڻ لڳاسون . ڪڏهن بار ۾ ته ڪڏهن بئنچ ۾، قانون کان هٽي ڪري سائين سان هاءِ ڪورٽ بار کان ويندي چيمبر ۾ مختلف عملي معاملن تي سوالن جوابن جي ڏي وٺ جاري رهڻ لڳي. ڪڏهن ڪميونزم تي ته ڪڏهن ڪيپيٽلزم تي، ڪڏهن نام نهاد سياست تي ته ڪڏهن نام نهاد مذهبي ۽ قومي اڳواڻن تي. ڪڏهن فلسفي تي ته ڪڏهن ادب ۽ لسانيات تي. سال کن اهو سلسلو جاري رهيو پوءِ آءٌ واپس وري محرابپور آيس پر نه سائينءَ مونکي وساريو ۽ نه مان سائينءَ کي. ڪراچي منهنجو اڪثر اچڻ وڃڻ جاري رهيو. سامهون ملاقاتن سان گڏ فونن تي به حال احوال ٿيندا رهندا هئا. جڏهن به آءُ ڪراچي ايندو هئس ته جئي سنڌ جي مها آدرشي انسانن سائين احمد خان جمالي، سائين ڊاڪٽر انور هاليپوٽو، سائين ڊاڪٽر سليمان شيخ، ڊاڪٽر ثناءَالله کوکر کان ويندي ڊاڪٽر اسلم مري، ماما سڪندر ۽ منور ابڙو سان ڪچهرا ٿيندا هئا ته اتي سائين سرڪيءَ سان سندس چيمبر ۾ ٽي ٽي ڪلاڪ علمي، فڪري، ادبي ۽ موجوده صورتحال تي بحث مباحثا هلندا هئا. سائينءَ جو رويو مون سان سينئر جونيئر وارو گهٽ دوستاڻو گهڻو هو. آخري دفعو جڏهن آءُ سائينءَ سان سندس چيمبر ۾ ملاقات لاءِ ويس ته سائين پنهنجي آفيس سان لڳ ڪمري ۾ آرامي هئو. ٻاهر دوستن کان پڇيم جن ٻڌايو ته سائين آرام ۾ آهي. مون بريف ڪيس ٻاهر رکيو ۽ آفيس ۾ داخل ٿي لڳ ڪمري ۾ جهاتي پائي ڏٺم ته سائين واقعي آرام ۾ هئو سائين جي پيرن مٿان هٿ رکيم ته سائين بيدار ٿي پيو ۽ مون ڏانهن نهاري يڪدم چيائين ”اڙي الطاف القدس صاحب اچي ويو.“ مون سرڪي سائين کي ويٺي ئي ڀاڪر پاتو سائين جن اٿيا ۽ گڏجي اچي آفيس ۾ ويٺاسون، خير خيريت واري رسمي گفتگوءَ کانپوءِ چڱيء طرح حال احوال شروع ڪياسون، سائين بيل وڄائي ته هڪ دوست اندر داخل ٿيو سائين کيس چانهه آڻڻ لاءِ چيو، پاڻ بسڪيٽ ڪڍي ٽيبل تي رکيائين ۽ کائڻ جي آڇ ڪيائين، پاڻ بسڪيٽ کڻندي چيائين توهان جي ايل.ايل. ايم هلي پئي؟ ۽ توهان جو حيدرآباد لا ڪاليج ۾ پڙهائڻ جو ارادو به هئو نه؟ مون جواب ۾ جي سر، چيو، پوءِ چيائين ته اسان کي نظرياتي ماڻهن جي تمام گھڻي ضرورت آهي. اسان جا استاد قانون کي گهڻي ڀاڱي پروفيشنل انداز ۾ پڙهائين ٿا جنهن ڪري ذاتي مفادن کي شاگرد گهڻو فوڪس ٿا ڪن. ڪردار ۽ شخصيت سازي تي تمام گهٽ ٿا ڌيان ڏين ان ڪري ڪاليج مان نڪتل شاگرد گهڻي ڀاڱي نظرياتي ۽ ڪردار جي پختگي کان گهڻو پري بيٺل ٿو نظر اچي. مان ايئن نه ٿو چوان ته پروفيشن کي ڇڏي ٻين ڪمن ۾ لڳي وڃجي ڇو ته مالي حالت به سٺي هئڻ ضروري آهي. سائين جي ڪمال جي خوبي جا مون ڏٺي سا هيءَ هئي ته هو ڪنهن کي به برن لفظن ۾ ياد نه ڪندو هو. سائين جي. ايم. سيد هجي يا راشدي برادران سڀ سنڌي سرويچن کي سٺن لفظن ۾ ياد ڪندو هو. هڪ دفعي هڪ دوست شيخ اياز جي منفي پهلوئن تي سوال اٿاريو. سائين جواب ۾ چيو ته هر شخص ۾ منفي پهلو به ٿيندا آهن، ڪٿي نظرياتي ڦير گير جي حوالي سان ته ڪٿي شخصي زندگيءَ جي حوالي سان. اياز منهنجو سٺو دوست هو ان جي زندگيءَ ۾ يقينن ڪجهه منفي پهلو به آهن پر اسان کي سندس لاءِ سٺا جذبا هئڻ کپن ۽ ان جي مثبت پهلوئن تي نظر گهڻي هئڻ کپي.ڪچهري هلندي دوران چيائين ته: “مان چوندو آهيان ته جڏهن توهان گفتگو ڪيو ته اهو سمجهي ڳالهايو ته ضروري ناهي ته جيڪي توهان ڳالهايو ٿا سو ئي صحيح هجي ۽ هي به ضروري ناهي ته جيڪي مان ڳالهايان ٿو سو به صحيح هجي. ڇاڪاڻ جو اسان هر وقت نارمل ناهيون هوندا. اسان جي دماغ تي کوڙ سارا مسئلا پنهنجا پنهنجا اثر ڇڏي ويندا آهن، جنهن ڪري شعوري نه به صحيح لاشعوري طور تي اسان کان غلطيون سرزد ٿينديون رهن ٿيون.” سائين گهڻ رخي شخصيتن منجهان هو، قانوندان، اديب، مفڪر ۽ خاموش سياستدان سان گڏوگڏ حليم ۽ باڪمال بردبارشخص به هو. مون ڪجهه بزرگ قومپرستن جي زباني سائين جي خلاف ڪجهه غلط تاثرات به ٻڌا پر سائين جي واتان انهن لاءِ ڪڏهن به غلط لفظ نه ٻڌا.اڃان به ايئن چوندي ٻڌو ته ٿي سگهي ٿو مان غلط هجان. سائينءَ جي اها بردباري، صبر ۽ حلم يقينن اسان لاءِ بهترين نمونو آ. منهنجي ڪافي روزنامه جنگ، نواءِ وقت ۽ عوامي آواز۾ ڇپيل ڪالمن تي جڏهن به نظر پوندي هئس ته مرڪي چوندو هو ته “واهه صاحب واهه” اسان جي سنڌي نوجوان جا قومي ۽ ملڪي اردو اخبارن ۾ ڪالم ڇپجڻ تعريف جوڳو عمل آ. عوامي آواز ۾ ڇپيل هڪ ڪالم “ قحط الرجال ۽ آدرشي انسان” کي پڙهندي جڏهن آخري حصي تي پهتو ته يڪدم چئي ڏنائين هي ته سٺا انسان آهن مونکي به انهن ۾ شامل ڪيو اٿوَ . مون جواب ۾ چيو سائين مونکي توهان ۾ ڪا به لوڀ يا لالچ ناهي، مون جو ڏٺو سو لکيو . آخر ۾ جڏهن موڪلائڻ پئي چاهيم ته مون چيو، سائين اوهان سان گڏ کوڙ ساريون تصويرون نڪتل آهن ڇو نه موبائيل تي گڏجي تصوير ڪڍايون پوءِ الائي ملئون يا نه ملئون. فوراََ چيائين ها بابا. بيل وڄائي هڪ دوست کي گهرايائين جنهن سائين ۽ منهنجي گڏيل تصوير ڪڍي. جا اسان جي آخري تصوير ثابت ٿي. اڄ مان جڏهن سائينءَ سان گڏ گھاريل گھڙين تي نظر ٿو وجھان ته هڪ عرب شاعر جو شعر ذهن تي لڙڪن سميت تري ٿو اچي ته: ذهب الذين يعاش في اکتا فهم، بقي الذين حياتهم لاتنفع (اهي مڙس ئي هليا ويا جن جي پاسن ۾ زندگي گھارجي، هاڻي ته اهي وڃي بچيا آهن جن جي زندگيءَ مان ڪو خاص نفعو نه آهي.) ۽ پڻ ڀٽائي گهوٽ جا هي لفظ به بار بار ڪنن ۾ گونجن ٿا ته: ماءُ کاهوڙي هليا ، دونهان دکائي، ويڙا وسائي، ڏوٿي ڏونگر وٽ ۾. سائينءَ جن سان اهي ڪچهرا، منطقي بحث، سنڌوءَ سان ٿيل ويساهه گهاتين جا داستان، پنهنجن جي ڪيل ڪلورن جا تذڪرا، پاٻوهه ۽ حڪمت ڀريا گفتا ٻڌڻ جا ڏينهن وري نه ورندا. دل ته بس ايئن پئي گهري ته: پڄاڻان پرين، ڏجي باهه ڀنڀور کي. جنهن جي تعبير آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو پنهنجن خوابن ۽ آدرشن ۾ ڦاسي وقت ۽ حالتن کان الڳ ٿي ويندو آهي. اهڙن وڃايل گروهن يا “Lost Tribes” جا مثال تاريخ ۾ گهڻائي ملن ٿا. اها رڳو جسماني ڪيفيت نه پر هڪ نفسياتي ڪيفيت به هوندي. اها ڳالهه نظر ايندي ته ان ٽهيءَ جي گھڻائي پاڻ کي نين حالتن سان ٺهڪائي نه سگھي. منجهائن مختلف همراهه جهڙوڪ ڪامريڊ سوڀو، ابراهيم جويو، شمشير الحيدري ۽ نورالدين سرڪي وغيره ڄڻ مختلف قوم پرست جماعت جي وچ ۾ اتحاد جا سفير بڻجي ويا. يقينن سندن اهي ڪوششون خلوص ۽ نيڪ نيتي تي ٻڌل هيون ۽ آهن پر اهي ڪامياب نه ٿي سگهيون. ان جا ڪارڻ واضح هئا، انهن ماڻهن جي خوابن ۽ زميني حقيقتن ۾ فرق هو، پر ڳالهه وري به هتي ٿي اچي کٽي ته اهي پنهنجن خوابن جا اسير ماڻهو پنهنجين ڪوششن تان هٿ کڻڻ ۽ اهو مڃڻ لاءِ تيار ناهن ته سندن انهن ڪاوشن جو کڙ تيل نڪرڻو ڪونهي . انهن ماڻهن جو الميو اهو آهي ته اهي سنڌ جي مسئلن لاءِ سڀني جماعتن سان گڏ هوندا آهن پر تنظيمي طور ڪنهن سان به نه هوندا آهن. ڏٺو وڃي ته اهڙن خواب ڏسندڙ ماڻهن جو هئڻ دراصل ڪنهن قوم جي جيئري هئڻ جي نشاني هوندي آهي. اهڙا ماڻهو سياسي ۽ ادبي ڪارڪنن لاءِ ڄڻ هڪ “Centre of Gravity” هوندا آهن. اها ڳالهه سرڪي صاحب تي وڌيڪ لاڳو ٿئي ٿي. منهنجو واسطو سرڪي صاحب سان گهڻو ڪري سنڌي ادبي سنگت جي حوالي سان رهيو آهي. ان وقت سنگت جون گڏجاڻيون رمپا پلازا ڪراچي ۾ ٿينديون هيون. سرڪي صاحب جي آفيس ويجهو منظور چيمبر ۾ هوندي هئي. کيس مختلف پروگرام ۾ سڏ ڪرڻ سان گڏوگڏ مختلف معاملن تي ساڻس صلاح مشوري لاءِ اتي وڃڻ ٿيندو رهندو هو. سنگت جي ڪارڪنن ۽ سندس عمر ۾ هڪ وڏو فرق هوندو هو پر ساڻس ڳالهائيندي اهو فرق گهڻو محسوس نه ٿيندو هو. سرڪي صاحب متعلق نوجوانن جو هڪ عام رايو اهو هوندو هو ته ٻين سينئر ليکڪن جي ڀيٽ ۾ هو نه رڳو نوجوانن سان وڌيڪ لهه وڇڙ ۾ رهيو ٿي پر هو سندس لکڻين کان به واقف هو. منهنجو پنهنجو تعارف ساڻس مهان منهن ملڻ کان اڳ منهنجين لکڻين وسيلي ٿيو. ان وقت فقير محمد لاشاريءَ جي نگراني ۾ نڪرندڙ هلال پاڪستان جي هفتيوار ميگزين ۾ منهنجيون لکڻيون ڇپجنديون رهنديون هيون. هڪ ڀيري هن لاشاريءَ کان منهنجي باري ۾ پڇا ڪئي هئي ته هي همراهه ڪير آهي ۽ لاشاريءَ منهنجو ساڻس سريستو غائباڻو تعارف ڪرايو هو. ان سان گڏوگڏ سندس هڪ ٻي خاصيت اها هئي ته هو ڀارت جي سنڌي اديبن ۽ ادب سان پڻ لاڳاپي ۾ هو جيڪو سندس آخري وقت تائين رهندو آيو. سنگت جي دوستن لاءِ نورالدين سرڪي هڪ معزز کان وڌيڪ سندن هڪ ساٿي ۽ هڪ ادبي ڪارڪن هو. سندس اها ڪمٽمينٽ آخر تائين قائم رهي. چيو وڃي ٿو ته هن پنهنجي دفتر ۾ جيڪا آخري گڏجاڻي ڪئي هئي اُها سنگت جي گولڊن جوبلي جي انتظامن جي سلسلي ۾ هئي. سنڌ جي خودمختياري ۽ سنڌي ماڻهن جو آجپو ۽ بهتر آئيندو سرڪيءَ جا خواب هئا. ان ڪري مختلف سياسي جماعتن ۽ ڪارڪنن سان لاڳاپي ۾ پڻ هو. سندس اهي خواب ۽ آدرش سنڌ جي ادبي ۽ سياسي ڪارڪنن جو ورثو آهن. خواب ئي جدوجهد ۽ جاکوڙ لاءِ اتساهيندا آهن ۽ جيستائين اهي خواب باقي رهندا نورالدين سرڪي اسان سان گڏ هوندو ۽ مثبت واٽن جي نشاندهي ڪندو رهندو. سنڌي ڪتاب