حميد سبزوئي 26 سيپٽمبر2007 جي صبح جو پياري دوست همسفر گاڏهيءَ فون ڪري سنڌ جي گهڻگهري ادب دوست، دانشور ۽ وڪيل نورالدين سرڪي جي اوچتي لاڏاڻي جي خبر ٻُڌائي. اڃا ڏهه ڏينهن ئي مس گذريا هُئا جو مون ساڻس ملي، مفصل ڪچهري ڪئي هُئي، پر موت ۽ مهمان جي ته مهل ئي نه هوندي آهي، نه وري اياز چواڻي ڪو زندگيءَ سان ڪيل معاهدي ۾ ميعاد جو فقرو شامل هوندو آهي. نورالدين سرڪي جهڙو محبتي ۽ ٿڌي ڇانو جهڙو ماڻهو جنهن کي زندگي 80بهارون گذارڻ لاءِ ڏنيون هيون، جنهن سڄي حياتي سنڌ، ڪتابن، وطن دوست، عوام دوست ويچارن ۽ پورهئي سان پيار ڪيو هو ۽ پنهنجي ڀاڳ جي ڦرهي پاڻ ويهي لکي هئي . پنهنجي ذهانت، همت، محنت ۽ زنده دليءَ سان زندگي جون سموريون خوشيون ۽ خوشحاليون ماڻيون هيون، جيڪو سڀ ڪجهه سنڌ جي ڪيترن ئي نالي چڙهيلن رشوت ۽ چوربازاري ذريعي حاصل ڪيو هو. ڪير چئي سگهندو ته سرڪي صاحب جي ايمانداري، محنت ۽ خودداري جو سنڌ ۾ ڪو بدل آهي. نورالدين سرڪي سان منهنجي پهرين شناسائي اڄ کان 18 سال اڳ 1989ع ڌاري سندس منظور چيمبر واري آفيس ۾ ٿي هئي، جتي منهنجو دوست سڪندر لاشاري هن جي جونيئر طور وڪالت ڪندو هو. لاشاري جڏهن ساڻس سياسي ڪارڪن طور منهنجو تعارف ڪرايو ته سندس چاهت ۾ اڃا به وڌيڪ اضافو ٿي ويو. پر گذريل ستن سالن کان ساڻس ويجڙائي ٿي هُئي .هو جيڪو شفقت ڀريو ۽ سدا مرڪندو هو، منهنجو پيري مُريدي ۾ ته ويساهه ناهي پر جيڪڏهن مرشد سرڪي صاحب جهڙو هُجي ته حافظ شيرازي جي اُن شعر کي به اکيون پوري قبول ڪبو ته جڏهن مرشد چوي ته “شراب ۾ مصلو ٻوڙي پوءِ نماز پڙهه ته به پڙهڻ کان انڪار نه ڪبو. ڇاڪاڻ ته مرشد جو هر حُڪم عنايت هوندو آهي.” سچ ته اهو آهي ته سرڪي صاحب ۽ اسان جي ٽهيءَ جي ڄمار ۾ چئن ڏهاڪن جو فرق آهي، پر هو پنهنجي اُميد، پنهنجن خيالن ۽ آدرشن ۽ ويساهه ۾ ته سنڌ جي گهڻن نوجوانن کان ذهني ۽ روحاني طور تي وڌيڪ سگهارو ۽ توانو هو. هُو جيڪو ڀٽائي جي شاعريءَ سان بيحد چاهه رکندو هو ۽ کيس اُن جا ڪيترائي بيت برزبان ياد هوندا هُئا، پاڻ به اُنجي ڪردارن وانگي سدائين پُراُميد، پُرجوش ۽ هميشه ورچڻ ۾ محو هوندو هو. هو جڏهن ادب تي ڳالهائيدو ته مون جهڙا ڪيترائي علم جا آسروند ادب سان ويهي کيس ٻُڌندا هُئا. هُو وسيع مطالعي، غضب جي حافظي ۽ تاريخ جي شعور سان سرشار شخص پنهنجي ويچارن ۾ سج جي روشني جيان چٽو هوندو هو. جڏهن به ڪنهن ڳالهه تي بحث ٿيندو هو،ته هو منطقي ۽ سائنسي سوچ رکندڙ انسان ٻڌندڙن کي پنهنجي دليلن سان ايڏو ته قائل ڪندڙ هوندو هو جو ٻُڌندڙ لاجواب ٿي ويندو هو. هڪ ڀيري بحث ڇڙي پيو ته حسن بن صباح، طُوسي ۽ عمر خيام پاڻ ۾ دوست هئا ۽ ننڍپڻ ۾ هڪٻئي سان وعدو ڪيو هُئائون ته وڏو ٿي جيڪو به وڏي منصب تي رسندو ته ٻين کي اڳتي وڏڻ ۾ مدد ڪندو. اُن تي سرڪي صاحب نه رڳو ٽنهي جي زندگي، دور، ڪارنامن، پر ٽنهيءَ جي جنم پتري ٻُڌائيندي چيو ته اهو تاريخ جو غلط مفروضو آهي. اُنهن ٽنهيءَ ۾ صديءَ جو فرق آهي .کيس ڳالهائيندي ڏسي مان سوچيندو رهيس ته سقراط ۽ هن ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ فرق رڳو اهو آهي ته هُو اٿينس جي چوراهن تي ويهي ماڻهن جي سوالن جا جواب ڏيندو هو ۽ هي پنهنجي آفيس ۾ . سقراط ته جمهوريت مخالف به هو ۽ هي ته جمهوريت پسند ۽ عوام دوست به آهي ۽ سقراط شايد اُن ڳالهه ۾ سرڪي صاحب کان وڌيڪ خوش بخت هو جو هن کي اهل شاگرد مليا هُئا، جن سندس سون ورنيون ڳالهيون ويهي لکيون هُيون. نورالدين سرڪي 2 مارچ 1927ع ڌاري شڪارپور جي غريب گهراڻي ۾ اک کولي. سندس والد ڪمال الدين سرڪي سرڪاري ملازمت ڇڏي هڪ خانگي ملازمت اختيار ڪئي هئي . هو ديس ۽ مذهب جو درد پنهنجي سيني ۾ سانڍيندڙ شخص هو. جو پنهنجي حال ۾ مگن نه پر هڪ زماني شناس ۽ جهان گرد انسان به هو. جڏهن برصغير ۾ خلافت تحريڪ عروج تي پُهتي ۽ ديوبندي مولوين فتويٰ ڏني ته هندستان اندر مسلمان جو رهڻ جائز ناهي ۽ اهي ڪنهن اهڙي مُلڪ ڏانهن لڏ پلاڻ ڪن جتي مسلمانن جي حڪمراني هُجي ته اهڙن ويچارن کي سنڌ جي گهڻن صاف دل ۽ مذهبي درد رکندڙ انسانن جيان ڪمال الدين سرڪي به لبيڪ چئي پنهنجي سرڪاري نوڪري کي الوداع چئي وڃي سچ جو ساٿي بڻيو ۽ افغانستان هجرت ڪري ويو پر پنهنجا ٻار ٻچا شڪارپور ۾ ئي ڇڏي ويو . افغانن جي عالم آشڪار سلوڪ سبب جڏهن پنهنجو سڀ ڪُجهه ڦُرائي موٽيو ته ساڻس زندگيءَ ۽ زماني جو رويو ئي مٽجي ويو هو ۽ معاشي مسئلن سبب نورالدين سرڪيءَ جي تعليم ۽ پالنا تي به اثر پيو. کيس قدرت سمورا انمول انعام ڏنا هُئا، عزت، ذهانت، شهرت، بهترين صحت ۽ صالح اولاد ۽ هڪ درد رکندڙ دل جيڪا هر ڏکي ۽ بُکي انسان جي پريشانين ۽ دردن تي ڪنجهندي ۽ ڪُرڪندي هُئي. هُو صحيح معنيٰ ۾ عوام دوست ۽ سنڌ جو درد رکندڙ دانشور هو. هڪ ڀيري مون وٽ سندس ڪتاب ”پهاڪا، ڪلام جا ڏيئا“ ڇپائي هيٺ هو. پاڻ رات جو فون ڪري مون کي چيائين ته ڪتاب جو انتساب لک. مان پين پنو کڻي لکڻ لاءِ تيار ٿي ويٺو هوس ته چيائين، “منسوب ڪريان ٿو آغا گُل حسن خان جي نالي جي جنهن جي مدد ۽ تعاون کان سواءِ مان سنڌي ستين کان وڌيڪ پڙهي نه سگهان ها.” اهائي سندس وڏائي هُئي جو پاڻ تي ڪيل احسان کي هُو پيريءَ ۾ به وساري نه سگهيو هو. جڏهن کيس ميار ڏيڻ وارو به نه بچيو هو. ايئن هُو پنهنجي زندگيءَ جي سڀني ڏاڪن ۽ پاسن تي ويهي ڳالهائيندو هو. “جڏهن شادي ڪيم ته قرضي ٿي پيس، هاڻي ڇا ڪريان، پگهار مان قرض ڪيئن لهي،” هُو مونکي ذاتي ڪچهري ۾ ٻُڌائي ٿو. ابراهيم جويو سان صلاح ڪيم. اُن چيو ته ڪتاب آهي ٽالسٽاءِ جو، ترجمو ڪندين؟ مون چيو ڏيو... ۽ پوءِ اُن ٽالسٽاءِ جو ڪتاب ڏنو جنهنجو ترجمو “نيٺ ڇا ڪجي” ڪري مليل پئسن مان قرض لاٿم،” ايئن پاڻ صاف گوئيءَ سان ٻُڌائي ٿو. اُردو جو شاهڪار ناول “ امراءُ جان ادا” به مرزا رسوا بيگ ضرورتمنديءَ سبب لکيو هو ۽ سنڌيءَ ادب جي هنج ۾ ٽالسٽاءِ جو شاندار ڪتاب به ضرورتمنديءَ سبب اچي پيو. هُو ٽالسٽاءِ جي زندگيءَ، خيالن، ناولن، ڪردارن پيغام تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائي سگهندو هو. هن سڄي حياتي سکندي گُذاري هُئي، پر آخري ڄمار ۾ کيس ٻارن جهڙو شوق ۽ تجسس هوندو هو. هُو پنهنجي صبح جي شروعات حافظ جي ڪلام سان ڪندو هو ۽ اُن جي جڏهن ويهي تشريح ڪندو هو ته بي اختيار غالب جي اها سٽ زبان تي اچي ويندي هُئس ته وه ڪهي اور سُنا ڪري ڪوئي. حاضر حالتن ، سياست، ادب ۽ شاعري اُن جا شوق ۽ وڪالت رڳو معيشت، پر اُن مان هن خدمت جو انوکو گس ڪڍيو، جنهن تي هُو سموري حياتي هلندو رهيو. هن سنڌ جي سياسي ڪارڪُن جو ڪيس مفت ۾ وڙهيو سواءِ اقتصادي نفعي ۽ فائدي جي . اهُو ڪارڪن ڀل کاٻي ڌُر جو هجي يا قومپرست، هڪ ڀيري ته متحده جي اڳواڻ الطاف حسين ۽ اختر رضوي (جنهن سائين جي ايم سيد جو ڪتاب جيئن ڏٺو آهي مون اُردو ۾ ترجمو ڪيو هو) جو وڪيل به ٿيو پر اُهي هن جا شروعاتي ڏهاڙا هُئا ۽ الطاف جو پهريون جيل هو ۽ اڃا گهڻن اُن جي ارادن جي ڳُجهارت نه ڀڳي هُئي. اُن وقت ايم ڪيو ايم لفافي ۾ وجهي کيس ڪجهه رقم به ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي پر پاڻ اهو چئي واپس ڪري ڇڏيائين ته مان سياسي ڪارڪنن کان پيسا نه وٺندو آهيان. تمام ٿورن ماڻهن کي اها خبر آهي ته اُن احسان جي تلافيءَ لاءِ متحده کيس قومي اسيمبليءَ جي سيٽ جي آڇ ڪئي هُئي پر پاڻ جواب ڏئي ڇڏيو هُئائين. سندس اُن خوبي جو هن نسل کي شايد احساس نه هجي پر اها 70 ۽ 80 جي ڏهاڪي واري زماني ۾ جڏهن ڊي پي آر جي ڦاهي هر وطن دوست سنڌيءَ جي ڳچيءَ ۾ پوري ايندي هُئي ۽ هر باشعور مظلوم جي پٺي ڦٽڪي جي وڪڙ ۾ هوندي هُئي، جڏهن سنڌ جا سوين ڳڀرو جيلن جا مهمان هوندا هُئا. سندن غريب وارث لوهي ڄارن منجهان گونگن جي اشارن وانگر ملاقات ڪندا هُئا ۽ پنهنجي خالي کيسن ۾ هٿ وجهي کيس ضمانت جي آٿت ڏيندا هُئا. اُن دور ۾ سنڌ اندر ڪيئي درگاهون ته هُيون جتي مفت ۾ ماني ملندي هُئي، پر مفت ۾ وڪالت جي درگاهه نورالدين سرڪي کولي هُئي ۽ سموري سنڌ جا سياسي ڪارڪن بغير ڪنهن فرق جي اُن ما مستفيض ٿيندا هُئا. جڏهن ڪوئي اُن اونداهي دؤر جي تاريخ لکي ته اُن کي هن روشنيءَ جي ڪرڻي کي به ياد رکڻ گهرجي. سرڪي صاحب پنهنجي سياست جي شروعات مسلم ليگ کان ڪئي. مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو اڳواڻ ٿي اُڀريو. اُن معنيٰ ۾ هُو سنڌ جي شاگرد سياست جي شروعاتي ڪرڪنن مان هو. پر جڏهن پاڪستان ٺهيو ۽ ڪراچي اندر هاشم رضا ۽ ٻين متعصب آفيسرن جي چرچ تي هندو مسلم فساد ڪرايا ويا ته جيئن سنڌي هندو پنهنجون اربين رُپين جون ملڪيتون ڇڏي وڃن ته اُن دؤر ۾ سنڌي هندن جي دفاع ۾ رضاڪار طور به هن ذميواريون نڀايون هُيون. جڏهن لياقت علي جي گهر کي پاڻي نه ملڻ سبب ڪراچي کي مرڪز حوالي ڪيو ويو ته مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي پليٽ فارم تان پهريون احتجاجي آواز سرڪي صاحب اُٿاريو هو. “پاڪستان ٺهڻ جي ٽن مهينن اندر اسان کي خبر پئجي وئي هُئي ته اسان سان وڏي ٺڳي ٿي آهي،” هن هڪ ڪچهري دوران مون کي ٻُڌايو هو. جڏهن هن سمجهيو ته هي ملڪ سنڌ ۽ سنڌي عوام لاءِ لاءِ ڪپڙي جو اهو مختصر ٽڪرو آهي، جنهن مان هُو “ليگ” ڍڪن ٿا ته “مسلم” ظاهر ٿئي ٿو تڏهن هن مسلم ليگ کي خيرباد چئي ڇڏيو ۽ اُن دوران ڪراچيءَ ۾ پڙهائيءَ ۾ مشغول ٿي ويو. جتي هن جي مختلف فڪر ۽ خيال رکندڙ ماڻهن سان ڏيٺ ويٺ ٿي ۽ نيٺ هُو ڪميونسٽ پارٽي سان وابسته ٿي اُن جو ڪُل وقتي ڪارڪُن بڻجي ويو. “اياز مون کي ڪميونسٽس جي حوالي ڪيو ۽ مان ڪامريڊ ٿي ويس.” هُو پاڻ ڪچهري ۾ ٻُڌائيندو هو. ڪميونسٽ پارٽيءَ کي ته هن تڪڙو ڇڏي ڏنو پر هُو “ڪامريڊ” سڄي حياتي رهيو. اُن لفظ جي اصل روح، تقدس ۽ مفهوم موجب هن جيڪا عقل پسندي، سائنسي سوچ ۽ روشن خيال فڪر سان وابستگي اختيار ڪئي هُئي. انهن خيالن سان هن آخري گهڙي تائين نڀايو هو. هُو مذهب کي انساني ارتقا جي ڏ اڪي طور ڏسندو هو ۽ سڀني مذهبن جي مشترڪه نقطن تي تفصيل سان ڳالهائي سگهندو هو ۽ هڪ سچي مارڪسسٽ وانگر، “عشق” ۽ ”شرع“ کي الڳ الڳ ڪري سمجهندو هو ۽ سندس سمورا خيال پڪا پُختا، سوچيل سمجهيل ۽ دليلن سان سرشار هوندا هُئا. اسان جهڙن اڌ اکرين کي به سندس رهنمائي هيٺ کوڙ سارن سوالن جا جواب مليا ۽ تصورن جي واضح صورت گري ٿي. نورالدين سرڪيءَ جي ڳڻپ سنڌي ادبي سنگت جي بانيڪارن ۾ ٿئي ٿي. اها پوءِ جي ڳالهه آهي جڏهن 1956ع ڌاري سنڌي ادبي سنگت جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سرڪي صاحب جي حمايت سان اياز قادري سيڪريٽري جنرل ۽ شمشير الحيدري جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيا ويا. اها خبر شايد گهڻن ماڻهن کي نه هُجي ته هن پنهنجي پارٽي مخالفت کي به پُٺي ڏئي قادري صاحب کي سيڪريٽري چونڊرايو هو ۽ چيو هو ته ادب ۾ ڪنهن سياسي جماعت کي مداخلت نه ڪرڻ گهرجي. سندس اُنهن اکرن کي اصول بڻايو وڃي ها ته اڄ ادبي سنگت ۾ اها ڄنڊا پٽ نه هُجي ها ۽ نه اُها نٻل ۽ ڪمزور هُجي ها. سنگت جي جوڙجڪ کان گهڻو اڳ جڏهن نورالدين سرڪي ايس ايم لا ڪاليج ۾ پڙهندو هو ۽ ڪاٺ جي ٺهيل خوبصورت هاسٽل ميٺارام جي ڪمري نمبر 74 ۾ رهندو هو ته اُتي گڏگاڻيون ٿينديون هُيون، جنهن ۾ اياز، احسان بدوي، اياز قادري ۽ ٻيا شريڪ ٿيندا هئا ۽ اتي ئي اهو فيصلو ٿيو ته سڀني ننڍين جماعتن کي گڏجي هڪ وڏي سنڌ سطح تي ادبي جماعت ٺاهي وڃي. اُن زماني ۾ برصغير جي “ ترقي پسند مصنفين” ورهاڱي سبب غير متحرڪ ٿي وئي هئي ۽ سنڌ ۾ ساڄي ڌر جي ادبي جماعت جميعت شعراءَ سنڌ متحرڪ هئي. اُن ڪري سنڌي ادبي سنگت ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سرڪي صاحب پنجاهه سالن کان اُن سان لاڳاپيل رهيو ۽ زندگيءَ جي آخري سرگرمي به اُن حوالي سان ڪيائين جو 25 تاريخ شام جو ڊاڪٽر بدر اُڄڻ، شمشيرالحيدري ۽ ڊاڪٽر ذولفقار سيال سان پنهنجي آفيس ۾ ادبي سنگت جي گولڊن جوبلي تقريبات جي سلسلي ۾ ٿيندڙ اجلاس جي صدارت ڪيائين. سرڪي صاحب ڪمال جي جرئت ۽ حالتن جي شاندار تجزئي ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هو. بلوچستان جي گوريلا جدوجهد تي جڏهن آمريڪي دانشور آسليگ هيريسن ڪتاب لکيو هو، جنهن ۾ هن آمريڪا کي صلاح ڏني آهي ته بلوچن جي جدوجهد جي کين حمايت ڪرڻ گهرجي نه ته اها گوءِ به اُن دور جو سوويت يونين کڻي ويندو. اُن ڪتاب لکڻ کان اڳ هن ڪراچيءَ جي هڪ هوٽل ۾ سرڪي صاحب سان مفصل بحث ڪيو هو، جو ڪمري کان ٻاهر ويٺل ڪو ماڻهو بار بار سليگ کي سمجهائي رهيو هو ته اُن جي ڳالهين تي اعتبار نه ڪجان. ضياءَ شاهيءَ جي زماني ۾ ايم آر ڊي تحريڪ هتان جي رياست، اسٽيبلشمينٽ ۽ آمريڪي قونصليٽ جنرل هتان جي دانشورن سان ملاقاتن جو سلسلو شروع ڪيو هو. اُن جي ڪڙيءَ طور هن سرڪي صاحب کي ملاقات لاءِ گهرايو ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي تجزيو پيش ڪرڻ جي درخواست ڪئي ته اُتي سرڪي صاحب ٻين ڳالهين سان گڏ کين صاف لفظن ۾ اهو به چيو هو ته پاڪستان کي جمهوريت پٽڙيءَ تان لاهڻ جا ذميوار توهان آهيو ۽ اوهان ئي جمهوري قوتن کي ڪمزور ڪري رکيو آهي. اُن ملڪ جي آقائن جي آقا سان اهڙي گفتگو ڪرڻ جي ڪير جرئت رکي ٿو؟ هتي ايم اين اي به اهڙا جو صفدر محمود هڪ واقعو لکيو ته پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن سان صدر بش سينئر ملاقات ڪري رهيو هو ته اُتي ويٺل هڪ مهمان اُٿي بيهي چيو ته تون ئي اسان جو بادشاهه آهين مون کي وزير ڪراءِ ۽ پوءِ اهو وزير ٿي ويو. جتي پارليامينٽ ۾ اهڙا همراهه ويٺل هجن اُتي سنڌ جي هن ڏاهي لاءِ ڪهڙا لفظ چوڻ گهرجن، ويٺي روئان پرين کي، روئي نه ڄاڻان. سرڪي صاحب جي سمجهائڻ ۾ جيڪا جادوگري هُئي، هو جيئن حجت سان سوال ڪندو، ڳالهه ڪندو ۽ ڳالهه جي سٽ کي سلجهائيندو هو، اهو ڏانءُ کيس اُن ڪري نصيب ٿيو هو جو پاڻ 15 سالن جي لڳ ڀڳ اُستاد رهيو هو. اُن ڪري جيڪو به سندس صحبت ۾ ويهندو هو. اُن کي پنهنجي رنگ ۾ رنگي ڇڏيندو هو. هُن جي مسڪراهٽ، بي خوف ٽهڪ، ۽ اکين جي چمڪ ۽ اتساهه ڀري گفتگو جنهن ٻُڌي هوندي، اُن پنهنجي دل جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾ سندس ناءُ ضرور لکيو هوندو. هُو جيڪو هر سنڌي ڪتاب جون ڏهه ويهه ڪاپيون خريد ڪري سڀني کي تحفي طور ڏيندو هو ۽ آخري گهڙين تائين سنڌي ادب جي ترقي لاءِ عملي ڪوششون ڪندو رهيو. هُو هٿ ٺوڪين ڏاهن وانگر سياست کي ڍنڍ جو بيٺل پاڻي نه پر ڪنول جو گُل سمجهندو هو ۽ سدائين سياست جي حق ۾ ڳالهائيندو هو. جڏهن تازي شادي ڪري ساڻس ملڻ ويس ته شادي جي مبارڪباد ڏيندي چيائين ته “سائين جي ايم سيد چوندو هو ته سياسي ڪارڪن کي شادي نه ڪرڻ کپي.” ۽ حُجت ڪندي چيائين ته “هاڻي تون به سياست کان وئين.” هُو پاڪستان ۾ هڪ محب وطن سنڌي هو ۽ هڪ دوست جي چواڻي ته سڄي حياتي هن جي محبت جا مرڪز ۽ سوچ جا ماخذ، سنڌ، عوام، جمهوريت ۽ سيڪيولرازم رهيا. سندس وفات تي سنڌ هڪ صالح فرزند کان محروم ٿي وئي آهي. جنهن پنهنجي ڪردار، خلوص، ڏاهپ ۽ قرباني سبب ان کان پوءِ آيل ڪيترن ئي نسلن کي مقروض ڪري ڇڏيو.“سرڪي صاحب وانگي حياتي گهارجي، يقين ڪريو اها سنڌ ۾ دُعا به پاڻ بڻبي ۽ رستو به” جلد ئي اهو سمورو مانڊاڻ اسان پنهنجي حياتيءَ ۾ ڏسي وٺنداسين. سنڌي ڪتاب