سليم نور حسين سائين نورالدين سرڪيءَ جي حوالي سان ڪجهه ساروڻيون، سندس وفات (جا 26 سيپٽمبر 07 تي هئي ۽ نه ڪي 27 سيپٽمبر تي) کان هفتو اڳ سنڌ ثقافت کاتي جي تڏهوڪي سيڪريٽري مسٽر عبدالقادر منگيءَ جي زور ڀرڻ تي مون وتائي فقير تي انگريزي ۾ ڪتابڙي لکڻ جو ذمو کنيو هو. انهيءَ سلسلي ۾ سرڪي صاحب سان مددي مواد، خاص ڪري انگريزيءَ ۾، بابت مشورو ڪيو هوم ته پاڻ چيو هئائين ته وٽس لائبريري ۾ شايد لاڳاپيل موضوع تي ڪتاب موجود آهي ۽ مان رات جو کيس فون ڪري ان جي هجڻ نه هجڻ جو پتو ڪريان. جڏهن فون تي پڇا ڪئي سون ته چيائين ته اڃا ڪونه لڌو اٿس، وري سڀاڻي پتو ڪجو. سو مان ٻه ڏينهن رکي سندس آفيس ۾ ويو هوس، پاڻ چئمبر ۾ ستو پيو هو. مان تڪڙو هجڻ ڪري سندس جاڳڻ جو انتظار نه ڪري سگهيو هوس. ٻئي ڏينهن يعني 26 سيپٽمبر تي منجهند جو 21 وڳي ڌاري فوري سندس آفيس ويو هوس، جيڪا بند هئي. سو مان پنهنجي گهر (گلشن معمار) موٽي ويو هوس، جت محترم عبدالخالق جوڻيجي جو فون تي ڇڏيل نياپو مليو هو ته سرڪي صاحب راهه رباني وٺي هليو ويو هو. ويساهه بيٺو هوم جو هڪ ته پاڻ چاڪ چڱو ڀلو هو ۽ ڪا اگهائي ڪانه هيس، وڏي ڳالهه ته مان کيس رڳو هڪڙو ڏينهن اڳ سندس آفيس جي چئمبر ۾ ننڊڙي ڪندي ڏسي آيو هوس. سو پڪ ڪرڻ لاءِ سندس گهر فون ڪئي سون ته ٻڌايائون ته صبح جو اسر ويل سيني ۾ سور جي شڪايت ڪئي هئائين ته اسپتال نيو ويو هو، جت پساهه پورا ڪيا هئائين. سرڪي صاحب سان ناتو پنجاهه واري ڏهاڪي جي پڇاڙڪن ورهين کان هو، جڏهن مان 1955ع ۾ خيرپور ميرس مان مئٽرڪ ڪري ڪراچيءَ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ آيو هوس (منهنجا ٻه هم ڪلاسي مرحوم نسيم کرل ۽ مرحوم جمال رند به تڏهن ڪراچيءَ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ آيا هئا.) ۽ مرحوم شيخ حفيظ ۽ محترم غلام رباني آگري سان ڏيٺ ٿيڻ کان پوءِ سنڌي ادبي سنگت جي سائين اياز قادريءَ جي فلئٽ (6 ڌني رام بلڊنگ) ۾ ٿيندڙ هفتيوار گڏجاڻين ۾ جمال رند سان گڏ شريڪ ٿيڻ لڳو هوس. سرڪي صاحب ريڊيو پاڪستان جي سنڌي نيوز سيڪشن ۾ ڪجهه وقت اسان جو سپروائيزر به رهيو هو، جتي هو اسان جا ڪيل خبرن جا ترجما چڪاسيندو هو، پر ساڻس وڌيڪ ويجهائپ تڏهن ٿي هئي، جڏهن پاڻ پئراڊائيز سينٽر ۾ آفيس شفٽ ڪئي هئائين ۽ جا ادبي لڏي جي ڄڻ ته اوطاق ٿي وئي هئي. هاڻ سندس وئي کان پوءِ آغا سليم مون کان پڇندو آهي ته سرڪي صاحب ناهي رهيو ته شهر ڪنهن ڏي ويندو آهين؟ سندس اهو سوال دل جهوري وجهندو آهي. واقعي، شهر ۾ ڪير بچيو آهي، جنهن سان ملڻ، ڪچهري ڪرڻ، صلاح وٺڻ، ادبي، علمي ۽ سياسي سماچار تي خيالن تي ڏي وٺ ڪرڻ ۽ ڪتابن جي ڇپائيءَ لاءِ مالي مدد گهرڻ ۽ ماڻڻ وڃجي، ڪو به ناهي، ڪو به ناهي! هن مون سان شخصي طرح جيڪي وڙڪيا، تن جي نماڻي مڃتا ۾ مون پنهنجو وتائي فقير وارو ڪتابڙو (Anecdotes of Vataayo Faqeer) جن ٻن صاحبن کي ارپيو آهي، تن ۾ پهريون سائين نور الدين سرڪي آهي. سنڌي ڪتاب