جن لئه

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
جن لئه

جن لئه جوٽياسين جنگ پنھنجن سان اڄ پنھنجو نه سڏيو
چئي غير اڄ انھن اسان کي ڌر تان ڌڪاري ڪڌيو

ڌڪ دل کي اھڙو لڳو آ ڇا چوان ڪنھن کي ٻڌايان
اھي ئي اکيون ڏيکارڻ لڳا جن سان اسان دل جو حال ونڊيو

تڏو تڙ ڇڏڻ لئه چيائون ته به جي چيوسين
اسان ھن سدا من ۾ رکيو پر ھنن اسان کي پاڻ سان نه گڏيو

جي ٿو ڪريان ڪيڪون داھون ته ماڻھون ٿا کلن
ھنن کي ڪيئن معياري ڪريان اسان کي ته پھنجن ڏنگيو

سوين سور دل ۾ لڪائي ويٺو آ بنديجو
جنھن جي ٻڌايو انھن اسان تان آ کليو

( محمد ياسين آزاد بنديجو )
 
Back
Top