• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄ ھتي اسڪول

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
اڄ ھتي اسڪول

اڄ ھتي اسڪول ويران پيا آھن
ٻار قلم بدران مشقت ڪري رھيا آھن

جتي ھوندا ھئا محبتي ماڻھو جام
اتي اڄ بيگناھن جا رت وھي رھيا آھن

ڪتب خانا ۽ طالب ھئا بيشمار جتي
اتي اڄ ڏوھارين جا اڏا ٺھي رھيا آھن

مھنجي جي ڌرتيءَ ۾ امن ۽ محبت ھئي بيشمار
اتي اڄ بيگناھن مسڪينن جا گھر اجڙي رھيا آھن

جتي جون مشھور ھيون مٺيون مھمان نوازيون
اتي اڄ ڌرتيءَ ڌڻي مانيءَ جي ٽڪر لئه سڪي رھيا آھن

ھاءِ ڪھڙو نظر وڪوڙي ويو، منھنجي مارن کي بنديجا!
جو ھر پل ھر ڌم مٺڙا خوشيءَ لئه سڪي رھيا آھن

( محمد ياسين آزاد بنديجو )
 
Back
Top