پرينءَ کي

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
نه ڏٺم نه پسيم آ پرينءَ کي
پوءِ به خوشبو ايندي آ ھن جي

نھارڻ سان به نه پيو ملي ھو
تصوير پوءِ به نظر ايندي آ ھن جي

رات سمھان سک سان پوءِ به سک نه لھان
سڄو ڏينھن ھوندو آھيان سپنن ۾ ھن جي

وقت گذارڻ جي ڪريان ڪوشش ته به گذري نٿو ڇا ڪريان
چريو چون ماڻھو مونکي پيار ۾ ھن جي

روڪڻ گھرياسين پر روڪي نه سگھياسين
ھلي نڪتاسين ڳولا ۾ ھن جي

ملندو ڪڏھن محبوب توکي اي آزاد
بنديجي کي گھڻو گھمڻو پوندو خيالن ۾ ھن جي

( محمد ياسين آزاد بنديجو )
 
Back
Top