• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪينجھر جي پاڻيءَ ۾

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
ڪينجھر جي پاڻيءَ ۾

ڪينجھر جي پاڻيءَ ۾ ڪيڏي خوبصورت پئي لڳين
ڄڻ ته ڪا سھڻي مورت پئي لڳين

ڏسندي ئي دلبر اسان تنھنجا ٿياسين
پرائي ھوندي به ڄڻ ته پنھنجي پئي لڳين

ادائن تان قربان وڃان تنھنجي اي دلبر
نوڙت ۾ ته تون نوري نماڻي ٿي لڳين

شاعري شوق سان ڪيم ڏسندي توکي
منھنجي غزل جيان اندر جي آس ٿي لڳين

قسمت نور ۾ جي ھوندو ته ملنداسين محبوب
صدين جو ساٿ نڀائن جھڙي ٿي لڳين

اي رب لک ھن کي حق ۾ بنديجي جي
منھنجي وڃايل وجود جيان ٿي لڳين

( محمد ياسين آزاد بنديجو )
 
Back
Top