• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڻ ڏٺي جو عشق

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
اڻ ڏٺي جو عشق

اڻ ڏٺي جو عشق ڪري ويٺاسين
ٻڌنڌي ئي تعريف هن جي ، هام ڀري ويٺاسين

ڪجھ آواز پيو ڪنن تي هن جي سر جو
ٻڌي هڪ سر ٻيا سڀ سر وساري ويٺاسين

ڏينهن سارو هن جي سوچ آ دل ۾ دوست
هر ٻي سوچ کي ڪري ڪناري ويٺاسين

عشق آهي ڇا خبر پيئي هاڻي اسان کي
عشق ۾ سڀ ڪجھ اڙائي ويٺاسين

هر پل دل ۾ احوال آ ان جو آزاد
اسان پنهنجو پان کي وساري ويٺاسين
ائينءَ ڏني آ جيءَ ۾ جاءِ

ائين ڏني آ جيءَ ۾ جاءِ تو پرين
هاڻي وساري نه ڇڏجو اسان کي

زندگيءَ جو هڪ هڪ پل تنهنجي ناءُ ڪيوسين
ڪڏهن به اهو موٽائي نه ڏجو اسان کي

اسان هر گھڙي گذاريون ٿا ياد ۾ اوهان جي
دل چوي ٿي ته اوهان به ياد ڪندا آحيو اسان کي.

مان تنهنجي آهيان ، مان تو سوا جي نه سگھنديس
اهي لفظ تنهنجا ڪري ويٺا آهن مدھوش اسان کي

جي هو گھري جان اسان ڪان اي آزاد
چونداسين اها جان به ڏناسين اوهان کي

( محمد ياسين آزاد بنديجو )
 
Back
Top