اڄ طوفان

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
اڄ طوفان

اڄ طوفان ڪيريا آهن ڪيترائي مڪان
الله خير ڪري منهنجي ڌرتيءَ جي ماروئن جو

هوندا بکايل سوين ٻار ڪئمپن ۾
الله خير ڪري منهنجي ڌرتيءَ جي ماروئن جو

گھڻيون مائون ڀيڻيون هونديون ڏکن ۾
الله خير ڪري منهنجي ڌرتيءَ جي ماروئن جو

نه هوندن لٽو نه هوندن کائڻ لاءِ اٽو
الله خير ڪري منهنجي ڌرتيءَ جي ماروئن جو

نه آ ڪو پرگھور لهڻ وارو هنن جي آزادڍ
الله خير ڪري منهنجي ڌرتيءَ جي ماروئن جو

( محمد ياسين آزاد بنديجو )
 
Back
Top