پرين تنهنجون ياديون

'سنڌي شاعري' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏14 سيپٽمبر 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    پرين تنهنجون ياديون

    پرين تنهنجون ياديون ٿيون ستائن اسان کي
    ڪڏهن کلائن ته ڪڏهن روئاڙن اسان کي

    جيڪو ڏنو آ تو پيار اسان کي سهڻا
    ڪيو آ بيچين تنهنجي انهن ادائن اسان کي

    ڪيئن وساريان اهي قرب ڀريون ڪچهريون پنهنجيون
    وسرڻ نه ٿيون ڏين تنهنجيون اهي ڳالهيون اسان کي

    اهو منهنجو تڪڻ ، اهو دلبر تنهنجو مرڪڻ
    ڪيو آ بيوس تنهنجي انهن نگاهن اسان کي

    مولا ملائي محبوب سان مونکي آزاد
    محبت ڪيو آ هن جي مست اسان کي

    ( محمد ياسين آزاد بنديجو )
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو