منظر

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
منظر

اهو زلفن جي هوائن تي اڏرڻ جو منظر تنهنجو
اهو هڪ نظر اسان ڏي ڏسي مرڪڻ تنهنجو

ٿيا آهيون مست منهنجا مٺا
ڳاله ڳاله تي کلڻ تنهنجو

مان ڪيئن جيان سواءِ تواي منهنجا جانب
اهو معصوميت سان اسان کان پڇڻ تنهنجو

گھڻيون سختيون مائٽن جون مٺا
ڪري برداشت اچي ملڻ مونسا

هي سڀ حقيقت آ عشق جي آزاد
اظهار ڪري به نه ڪرڻ تنهنجو

( محمد ياسين آزاد بنديجو )
 
Back
Top