عبدالحميد جتوئي جي شخصيت جا مختلف رنگ ايم. بي عرساڻي عبدالحميد جتوئي سنڌ جي سپوت 1922ع ۾ ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ ٻيٽو جتوئي ۾ جناب قادر بخش خان جتوئي جي گھر ۾ جنم ورتو. قادر خان جتوئي ۽ سندس ڀائر ڪريم بخش ۽ ڌڻي بخش خان به بمبئي ليجسليشن جا ميمبر رهي چڪا آهن. 1931 ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڪراچي ضلعي کي ٽوڙي دادو ضلعو ٺاهيو ويو ته خان بهادر محمد پريل ڪلهوڙو ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي پريزيڊنٽ ۽ سائين جي ايم سيد وائيس پريزيڊنٽس بڻيا، جڏهن ته قادر بخش خان جتوئي ان جي ميمبرن ۾ شامل هيو. عبدالحميد خان جتوئي 1952ع ۾ اسيمبلي ميمبر بڻيو. سائين جي ايم سيد، پير الاهي بخش، شيخ رشيد احمد ۽ رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي سان گڏ ون يونٽ جي خلاف ووٽ ڪيائين پر اڪثريت جي بنياد تي ون يونٽ ٺهي ويو. ان بعد هو سائين جي سيد، غلام مصطفيٰ جتوئي ۽ مخدوم طالب المولا سان گڏ ون يونٽ ٽوڙائڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو. هو ايڏو بيباڪ ۽ بهادر هيو جو هڪ تقريب ۾ جڏهن 4 مارچ جي واقعي جو ذميوار سنڌ جو ڪمشنر مسرور احسن ساڻس هٿ ملائڻ لاءِ اڳتي وڌيو ته کيس چيائين ته پري ٿي تون اسانجي ٻچن جو قاتل آهين ۽ قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي چيائين ته مان محمد خان جوڻيجو (وزيراعظم) کي شريف ماڻهو سمجھندو هيس پر هو ان جي ابتڙ ثابت ٿيو. 1973ع جي آئين تي اهو چئي صحيح نه ڪيائين ته ان ۾ سنڌ جي حيثيت ۽ تشخص کي ختم ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ان وقت جي حڪمران کيس اهو چيو ته 10 سالن بعد صوبائي خودمختياري ڏني ويندي ته کيس چيائين ته توکي ڪهڙي پڪ آهي ته تون ڏهه سال جيرو به هوندي ۽ وزيراعظم به؟؟ جنهن ڪري کيس ڪوڙن الزامن ۾ جيل موڪلو ويو. عبدالحميد خان جتوئي جون 1985 کان 1988 تائين قومي اسيمبلي ۾ ڪيل تقريرون يادگار ۽ ٻين اسيمبلي ميمبرن لاءِ قابل رشڪ آهن. جڏهن ٽوڙي ڦاٽڪ ڪيس جي اسيرن (جن ۾ موجوده ايم اين اي گل محمد جکراڻي به شامل هو) کي سزائون ڏيڻ جون تياريون ڪيو ويون ته هن قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي چيو: ”جيڪڏهن اسان جي ٻچن کي ڪا به انتهائي سزا ڏني وئي ته پنهنجي پيءَ جا حلالي پٽ هونداسين ته وري توهانجي اسيمبلين ۾ نه اينداسين“ ان بعد پير بخش خاصخيلي سميت 50 ميمبرن سان گڏ واڪ آئوٽ ڪري هليو ويو ۽ وزيراعظم محمد خان جوڻيجو طرفان اسيمبلي ۾ اچي انهن جي آزادي جو يقين ڏيارڻ تائين واپس نه آيو. اهڙي طرح سائين جي ايم سيد کي نظربند ڪيو ويو ته تقرير ڪندي چيائين ته جي ايم سيد اهو ماڻهو آهي جنهن سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان لاءِ ٺهراءُ پاس ڪرايو، پر جئين ئي پاڪستان ٺهيو ته کيس جيل ۾ وڌو ويو جناب اعليٰ اسان اهڙو ڪم ڪريون پوءِ به اسان کي جيل ۾ وڌو وڃي ته اسان توهانجي مخالفت نه ڪنداسين ته ڇا توهان جا ترانا ڳائينداسين؟ هڪ موقعي تي تقرير ڪندي چيائين ته هڪ پاڪستاني رانديگر ۽ هڪ ٻيو غير ملڪي ڪشتي وڙهي رهيا هئا ته مان دعا گھري رهيو هيس ته الله ڪري ته اهو غير ملڪي ماري وڃي جنهن تي مون کي منهنجي ڀر ۾ ويٺل دوست چيو ته اها ڪهڙي ٿو دعا گھرين؟ ته مون چيو مانس ته جيڪڏهن پاڪستاني رانديگر کٽي ويو ته ان کي انعام ۾ ٻني وري سنڌ جي ڏيندا. جڏهن ممتاز علي ڀٽو ۽ عبدالحفيظ پيرزادي کي سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ ٺاهڻ تي جيل موڪيو ويو ته قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي چيائين ته ڪنفيڊريشن جي ڳالهه پٺاڻ ۽ بلوچ به ڪن ٿا پر جيلن ۾ رڳو سنڌ جي اڳواڻن کي وڌو ويو آهي. آخر ڇو؟ سنڌ پاڻمرادو پاڪستان ٺاهيو هو ان کي فتح ڪو نه ڪيو ويو هو ۽ پاڪستان ٺاهيندڙن کي حب الوطني ۽ غداري جا سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو حق انهن کي ڪونهي جيڪي پاڪستان ٺاهڻ لاءِ رڳو ٺهراءُ به پاس نه ڪري سگهيا. سندس ان ڪردار ڪري جنرل ضياءُ الحق پاران کيس اي ڪي بروهي معرفت گورنر بنائڻ جي آڇ ڪئي ويئي جنهن کان انڪار ڪندي چيائين ته مان سنڌ لاءِ ڳالهائڻ بند نه ٿو ڪري سگهان. جڏهن کيس ڪراچي جي ٻين پلاٽن جا الاٽمينٽ آرڊر به ڏنا ويا ته هن ان وقت جي وزيراعليٰ اڳيان فاڙيندي چيو ته مونکي پلاٽن ۽ پرمٽن جي سياست سٺي نه ٿي لڳي. هو ڪڏهن ڪڏهن چوندو هو ته اسان جي وقت ۾ پيسو نه هو پر عزت هئي ۽ هاڻي پيسو گھڻو آ پر عزت ڪانهي. 1999ع ۾ جڏهن قومي اسيمبلي ۾ نواز شريف جي موجودگي ۾ شريعت بل خلاف تقرير ڪندي ٻاهر نڪتو ته کانئس پڇيو ويو ته توهانجو پٽ وزيراعليٰ آهي ۽ اوهان وري حڪومت خلاف تقريرون ٿا ڪريو؟! ته وراڻيائين ته ”مان چيف منسٽري خاطر سنڌ جو سودو نه ڪندس.“ سندس بي داغ سياسي ڪردار ڪري کيس ممتاز علي ڀٽو، عبدالواحد آريسر، گل محمد جکراڻي ۽ عبدالحفيظ پيرزادو جي موجودگي ۾ سنڌ قومي اتحاد جو چيئرمين چونڊيو ويو ۽سندس ان ڪردار جي ڪري کيس عوام توڙي اعليٰ ادارن ۾ چونڊيل ايم اين اي ۽ ايم پي اي کان وڌيڪ اهيمت ڏني ويندي هئي. هو آخر وقت تائين پنهنجن اصولن تي قائم رهيو ۽ وفات کان ٻه هفتا اڳ به اهيو بيان ڏنائين ته ”ڪالاباغ ڊيم جا حامي منهنجي جنازي ۾ نه اچن“. اهو ئي سبب آهي جو سندس وفات تي اڳوڻي وزير خارجه خورشيد احمد قصوري چيو هو ته عبدالحميد خان جتوئي هدايت جو مينار هو، اڳوڻي وفاقي وزير اطلاعات شيخ رشيد احمد چيو ته هو ويو ته اڄ اصولن جي سياست ختم ٿي وئي مرحوم غلام مصطفيٰ خان جتوئي چيو هو ته هو ٻن سياستدانن ذوالفقار علي ڀٽو ۽ عبدالحميد خان جتوئي کان متاثر هيو. اڳوڻي وزير اعليٰ ارباب غلام رحيم چيو هو ته هو گھٽ ماڻهن کان متاٿر ٿيندو آهي، جن ماڻهن کان هو متاثر آهي انهن مان عبدالحميد جتوئي هڪ آهي. ڇو ته هو چٽو موقف رکندو هو ۽ سندس قول ۽ فعل ۾ تضاد نه هو، پير صاحب پاڳاري چيو هو ته عبدالحميد خان ڪيئي رڪارڊ قائم ڪيا انهن مان سندس فيصلا عام آهن، جڏهن ته شاهنواز جوڻيجي چيو هو ته عبدالحميد خان جتوئي سنڌ جي وڏيرن جو وڏو ۽ روايتن جو امين هو.