پاڪستان ۾ ون يونٽ خلاف جدوجهد عاشق حسين سولنگي ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ کان پوءِ حڪمرانن پاران پاڪستان جي چئن صوبن سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان کي ختم ڪري هڪ صوبو اولهه پاڪستان ٺاهڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو، اصل ۾ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ آئين ٺاهڻ هڪ وڏو مسئلو بڻيل هو، ان ڪري ون يونٽ جي اسڪيم جوڙي وئي، جنهن تحت برابري جي بنياد تي اولهه ۽ اوڀر پاڪستان ۾ وسيلن جي ورڇ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي. ون يونٽ جي اسڪيم ظاهر ٿيڻ کان پوءِ ننڍن صوبن خاص ڪري سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد پاران ان جي سخت مخالفت ڪئي وئي پر حڪمران پارٽي ان کي لاڳو ڪرڻ لاءِ اٽل رهي ۽ ان کي لٺ ۽ چٺ کان ڪم وٺڻو پيو، سنڌ جي ان وقت جي وڏي وزير عبدالستار پيرزادي کي سنڌ جي وجود کي ختم ڪرڻ واري اسڪيم جو حصو نه بڻجڻ ڪري وڏ وزارت تان هٽايو ويو، ان جي جاءِ تي پروڊا هيٺ نااهل بڻايل ۽ اسيمبلي جي ميمبر نه هجڻ جي باوجود محمد ايوب کهڙو کي سنڌ جو وڏو وزير ڪيو ويو، پير علي محمد راشدي، حاجي مولا بخش سومرو ۽ قاضي محمد اڪبر کي وزارتون ڏنيون ويون ۽ ون يونٽ جي مخالفت ڪندڙن کي جيل حوالي ڪيو ويو. 11 ڊسمبر 1954ع تي سنڌ اسيمبلي جو حيدرآباد ۾ اجلاس ٿيو، 110 ميمبرن جي اسيمبلي ۾ 102 ميمبر حاضر هئا، جن مان 98 ميمبرن ون يونٽ جي حق ۾ پنهنجو ووٽ ڏنو ۽ چئن ميمبرن غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي، عبدالحميد جتوئي، پير الاهي بخش ۽ شيخ خورشيد احمد ان جي مخالفت ۾ ووٽ ڪيو، عبدالستار پيرزادو ۽ قاضي فضل الله غير حاضر رهيا. جي ايم سيد ۽ مير غلام علي ٽالپر کي جيل موڪليو ويو هو. سنڌ جو وجود 14 آڪٽوبر 1955ع کان ختم ٿي ويو، سنڌ سابق سنڌ سڏجڻ لڳي ۽ ون يونٽ جو دور شروع ٿي ويو، سنڌ جي باشعور ماڻهن ون يونٽ جي سخت مخالفت ڪئي، سنڌ هاري ڪميٽي ون يونٽ کي ختم ڪري سنڌ جي وجود کي ٻيهر اصلي حالت ۾ آڻڻ جي جدوجهد کي پنهنجو ترجيح بڻائي ڇڏيو، جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو. ون يونٽ، ننڍن صوبن لاءِ هڪ للڪار بڻجي آئي، جنهن خلاف سنڌ هاري ڪميٽي سگهارو ڪردار ادا ڪيو، ان خلاف فڪري جدوجهد ڪرڻ کان سواءِ عملي ڪردار به نڀايو، سنڌ ۾ سڀ کان پهرين نوابشاهه ۾ آل سنڌ ڪنوينشن سڏايو ويو. آل سنڌ ڪنوينشن 21-22 آگسٽ 1954ع تي ون يونٽ خلاف نوابشاهه ۾ آل سنڌ ڪنوينشن سڏايو ويو، هن پروگرام جو آرگنائيزر قاضي فيض محمد هو. هن ڪانفرنس ۾ جمال الدين بخاري، عبدالغفور ڀرڳڙي، دوست محمد ابڙو، آخوند شفيع محمد، علي احمد قريشي، شمس الدين شاهه، حافظ نيڪ محمد، علي مطاهر، غلام محمد لغاري، روچيرام، قاضي محمد بخش، الله بچايو آخوند ۽ ٻيا شامل هئا. پاڪستان جي مختلف صوبن جي ون يونٽ مخالف سياسي اڳواڻن ۾ ميٽنگ 26-27 آگسٽ 1955ع تي ڪراچي ۾ ٿي جنهن ۾ اينٽي ون يونٽ ويسٽ پاڪستان ڪنوينشن جي نالي سان هڪ محاذ ٺاهيو ويو ۽ هڪ مشاور تي ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن ۾ سنڌ مان جي ايم سيد، حيدربخش جتوئي ۽ ٻيا ميمبر کنيا ويا، ان کان سواءِ هڪ سنڌ ڪميٽي ٺاهي وئي، جنهن ۾ 11 ميمبر کنيا ويا، جن ۾ شيخ عبدالمجيد جتوئي، غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي، جي ايم سيد، عبدالحفيظ لاکو، ڊاڪٽر گل محمد، سيد علي مطاهر ۽ غلام محمد لغاري شامل هئا. هن گڏجاڻي ۾ خان عبدالولي خان، عبدالصمد خان اچڪزئي، ارباب سڪندر خان، شميم جان خان ۽ ٻيا سرحد ۽ بلوچستان مان شامل ٿيا هئا، جڏهن ته سنڌ مان پير الاهي بخش، قادر بخش نظاماڻي، عبدالقادر کوکر، عبدالواحد سومرو، محمد هاشم گذدر، علي نواز وفائي، دين محمد عليگ ۽ ٻيا شريڪ هئا، حيدر بخش جتوئي کي هن محاذ جو سيڪريٽري چونڊيو ويو هو. اينٽي ون يونٽ پاڪستان ڪنوينشن جي مشاورتي ڪميٽي جو اجلاس زير صدارت خان عبدالغفار خان جي 8 آڪٽوبر 1955 تي ڪراچي ۾ حيدر منزل تي ٿيو. 23 فيبروري 1956ع تي پشاور ۾ مشاورتي ڪميٽي جي ٻي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سنڌ مان جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، حيدر بخش جتوئي ۽ رياض هاشمي شريڪ ٿيا هئا، هن ميٽنگ ۾ ون يونٽ خلاف جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو. سنڌ اينٽي ون يونٽ فرنٽ 29-30 آڪٽوبر 1955ع تي ڪراچي ۾ سنڌ جي نمائنده سياستدانن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سنڌ اينٽي ون يونٽ فرنٽ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو، هن اجلاس ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، ذوالفقار علي ڀٽو، قاضي فيض محمد، غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي، عبدالحميد جتوئي ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا هئا، هن ميٽنگ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مٿيان اڳواڻ سنڌ جو دورو ڪري فرنٽ جو پيغام عوام تائين پهچائيندا، هن فرنٽ جو سيڪريٽري حيدر بخش جتوئي کي چونڊيو ويو. 13-14 آڪٽوبر 1954ع تي ضلعي حيدرآباد هاري ڪميٽي جي ورڪنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو ۽ سمن شاهه هاري ڪانفرنس منعقد ٿي جنهن ۾ ون يونٽ بابت هيٺين قراداد پاس ٿي. ”هيءَ هاري ڪانفرنس مسٽر نون وزير اعظم پنجاب جي مغربي پاڪستان کي يڪي يونٽ بڻائڻ واري رٿ جي سخت مخالفت ڪري ٿو، جيتوڻيڪ اها تجويز وزيراعظم مسٽر محمد علي جي فارمولي موجب ختم ٿي چڪي آهي، پر مسٽر نون جي تازي پڌرائي مان معلوم ٿي رهيو آهي ته هو وري انهيءَ ناپاڪ تجويز کي پاس ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪندو، هي اجلاس اهڙي حرڪت کي نهايت نفرت جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ اعلان ٿو ڪري ته سنڌ جا هاري هن منحوس تجويز کي ڪڏهن به قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، جيڪڏهن مسٽر نون وري اها جدوجهد شروع ڪئي ته سنڌ جي هارين جو ٻچو ٻچو پنهنجي وطن عزيز کي بچائڻ لاءِ هر طرح جي قرباني پيش ڪندو. هي اجلاس گورنمينٽ آف پاڪستان کان مطالبو ٿو ڪري ته پنجاب جي وزيراعظم جي زبان تي ڪنٽرول رکيو وڃي ۽ کيس وري انهيءَ تجويز پيش ڪرڻ کان روڪيو وڃي.“ 11 نومبر 1954ع تي سنڌ هاري ڪميٽي جي ورڪنگ ڪميٽي جو اجلاس هاري آفيس حيدرآباد ۾ زير صدارت حيدر بخش جتوئي صدر سنڌ هاري ڪميٽي جو ٿيو، اجلاس ۾ ون يونٽ جي تجويز تي وڏو بحث ڪيو ويو، ٻين قراردادن کان سواءِ ون يونٽ بابت به قرارداد منظور ڪئي وئي جنهن موجب: ”هي ورڪنگ ڪميٽي هن راءِ جي آهي ته سنڌ، بلوچستان، فرنٽيئر علائقن کي ويسٽ پاڪستان جي هڪ يونٽ ۾ ٺاهڻ جو تحرڪ پنجاب جي سرمائيدارن، زميندارن ۽ عملدارن طرفان هلايل آهي ته جيئن ننڍن صوبن جي وسائل زمين، تجارت ۽ نوڪرين تي قبضو ڪيو وڃي، هي تحريڪ بلڪل ناجائز ۽ نامناسب آهي، جنهن ذريعي پنجاب جي عوام ۽ سنڌ جي عوام ۾ نفرت ۽ عام طرح پاڪستان ۾ اندروني خانه جنگي جو باعث ٿيندو. جنهن جا خطرناڪ نتيجا لازمي آهن، سنڌ هزارين سالن کان خاص تهذيب، زبان ۽ روايتن جي مالڪ آهي ۽ ان کي پاڪستان يا اسلام جي نالي ۾ مٽائڻ ناممڪن ۽ ظالمانا ڪارروائي ٿيندي.“ هن دور ۾ سنڌ هاري ڪميٽي ٻين پارٽين ۽ گروپن سنڌ عوامي محاذ، سنڌ يوٿ فرنٽ، پراڻن خاڪسار ۽ سنڌ اسيمبلي جي مخالف ڌر جي ميمبرن سان گڏجي ون يونٽ خلاف جدوجهد ڪندي نظر اچي ٿي. ون يونٽ ٽوڙڻ لاءِ ننڍن صوبن جي سياسي اڳواڻن اينٽي ون يونٽ محاذ ٺاهيو ويو، سو اڳتي هلي پنجاب جي ميان افتخار الدين جي آزاد پاڪستان پارٽي سان انضمام ڪري هڪ نئين پارٽي پاڪستان نيشنل پارٽي ٺاهي وئي، هن ۾ سنڌ مان جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي ۽ سرحد مان خان عبدالغفار خان شامل ٿيا هئا، هن پارٽي ڪجهه عرصي اندر عوامي ليگ جي هڪ ڌڙي مولانا عبدالحميد ڀاشاني سان گڏ ڍاڪا ۾ نيشنل عوامي پارٽي ٺاهي هن پارٽي ون يونٽ ڊاهڻ جي رٿ پاس ڪرائي. 1958ع ۾ جڏهن محمد ايوب کهڙو بچاءَ جو وزير هو ته حيدرآباد ۾ سنڌ متحده محاذ جي گڏجاڻي ٿي هئي جنهن جو چيئرمين محمد ايوب کهڙو کي بڻايو ويو هو، ون يونٽ خلاف جدوجهد جاري هئي ته 7 ۽ 8 آڪٽوبر 1958ع جي رات ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو، اسيمبليون ٽوڙيون ويون، پارٽين تي بندش، اخبارن تي سينسر شپ، سياسي سرگرمين تي بندش سان گڏوگڏ سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو، جن ۾ حيدر بخش جتوئي، جي ايم سيد، سوڀو گيانچنداڻي، قاضي فيض محمد، عبدالخالق آزاد، غلام محمد لغاري ۽ ٻيا شامل هئا. حيدر بخش جتوئي جي جدوجهد سبب کيس ڏنل هڪ چارج شيٽ ۾ لکيو ويو هو ته: “you, Hyder bakhsh Allah Dad Khan Jatoi, Are manily responsible for the Sindh Hari committee’s adopting as anti one unit attitude and it’s deciding on a path of agitation. حيدر بخش جتوئي ون يونٽ خلاف ڪيترائي پمفليٽ لکيا، جنهن ڪري کيس جيل موڪليو ويو. ان کان سواءِ سنڌ سان ون يونٽ ۾ ٿيل زيادتين تي آڪٽوبر 1962ع ۾ ون يونٽ اينڊ ڊيموڪريسي لکيائين، سنڌ ۾ ڍلن جي وڌيڪ ريٽ ۽ سنڌ جون زمينون غير سنڌين کي الاٽ ڪرڻ تي پڻ ڪافي پمفليٽ لکيائين. 1969ع ۾ سنڌ اينٽي ون يونٽ فرنٽ کي ٻيهر سرگرم ڪيو ويو. 9 مارچ تي حيدرآباد ۾ اينٽي ون يونٽ ڪانفرنس شيخ عبدالمجيد سنڌي جي صدارت هيٺ ڪوٺائي وئي، جنهن جو افتتاحي خطبو جي ايم سيد پڙهيو، هن ڪانفرنس ۾ حيدر بخش جتوئي، عبدالستار پيرزادو، پير الاهي بخش، آغا غلام نبي پٺاڻ، غلام مصطفيٰ جتوئي، غلام محمد وساڻ، مخدوم طالب الموليٰ، اعجاز علي ٽالپر، عبدالحميد جتوئي، شيخ اياز ۽ ٻيا شامل هئا. هن ڪانفرنس ۾ ون يونٽ ٽوڙڻ جو مطالبو ڪيو ويو ۽ جي ايم سيد کي فرنٽ جو صدر چونڊيو ويو. 10 آگسٽ 1969ع تي ڪراچي ۾ عوامي ليگ جي اڳواڻ شيخ مجيب الرحمان کي آجياڻو ڏنو ويو، جنهن ۾ شيخ صاحب کي ون يونٽ ختم ڪرائڻ لاءِ ڪوشش وٺڻ جي گذارش ڪئي وئي هئي، هن ميڙ ۾ حيدر بخش جتوئي شريڪ هو، هتان کيس گرفتار ڪري نواب شاهه موڪليو ويو هو، سندس مٿان الزام هو ته هن جولاءِ 1969ع ۾ نوابشاهه جو دورو ڪري مارشل لا جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي. سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد جي شاگرد، هارين، اديب، سياسي ڪارڪنن ۽ ون يونٽ مخالف تنظيمن جي گڏيل جدوجهد حڪمران کي مجبور ڪيو ته ون يونٽ کي ختم ڪري اڳوڻا صوبا سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان پنهنجي اڳوڻي شڪل ۾ بحال ڪن. آخر 28 نومبر 1969 تي صدر يحيٰ خان ون يونٽ جي خاتمي جي آرڊر تي صحيح ڪئي. 1 جولاءِ 1970ع کان صوبا بحال ٿي ويا ۽ سنڌ جو گورنر رخمان گل کي مقرر ڪيو ويو. هن جدوجهد ۾ نمايان خدمتون سر انجام ڏيڻ ڪري حيدر بخش جتوئي کي نوابشاهه ۾ ”باباءِ سنڌ“ جو خطاب ڏنو ويو.