ڪردارن ۾ حقيقت جا رنگ ڀرڻ واري اداڪاره سڪينه سمون

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏14 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڪردارن ۾ حقيقت جا رنگ ڀرڻ واري اداڪاره
    سڪينه سمون​

    [​IMG]
    غزالا رفيق جي وفات کان پوءِ جڏهن سنڌي ڊرامن ۾ ڇوڪرين جي کوٽ وڌي شدت سان محسوس ڪئي وئي، ان دور ۾ سنڌي ڊرامن ۾ هڪ ڳوٺاڻي ڇوڪري آئي، جيڪا اڳتي هلي سنڌي ڊرامن جي سميتا پاٽيل ثابت ٿي، سيوهڻ جي هڪ غريب گهر ۾ جنم وٺندڙ اها سادي ڇوڪري سڪينه سمون هئي، جنهن ڪڏهن خواب ۾ به نه سوچيو هو ته هوءَ مستقبل جي وڏي اداڪاره ٿي ويندي.
    سڪينه سمون سيوهڻ ۾ هڪ غريب حڪيم جي گهر ۾ پيدا ٿي، ڪجهه سببن جي ڪري سندس والد ۽ والده وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا ۽ هوءَ پنهنجي وڏي ڀيڻ جي گهر حيدرآباد هلي آئي، جتي سندس شادي هڪ غير سنڌيءَ سان ڪرائي وئي ۽ بدقسمتيءَ سان کيس ننڍڙي عمر ۾ ئي زندگيءَ جو پهريون وڏو ڏک مليو، سندس اها شادي ڪجهه ڏهاڙا قائم رهي سگهي، کيس ان مڙس مان هڪ پٽ پيدا ٿيو، غربت واري ماحول ۾ پلجڻ کان پوءِ کيس زندگيءَ جي ان وڏي ڏک ٽوڙي وڌو. 1978ع ڌاري هوءَ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي آئي ۽ هن پنهنجي فني زندگيءَ جي شروعات تمام مختصر ڪردارن ذريعي ڪئي، سڪينه سمون پنهنجو پيٽ پالڻ ۽ پاڻ لاءِ اجهو ڳولڻ خاطر فن جي دنيا ۾ آئي ۽ اهي ٻئي مقصد هوءَ ريڊيو ذريعي ماڻڻ ۾ ناڪام وئي، تنهن ڪري هوءَ 79-1978ع ڌاري ڪراچي ٽي وي تي آئي.
    هن پهريون ڀيرو عبدالڪريم بلوچ جي لکيل ڊرامي ”بينسر ادل جي“ ۾ سحر قريشيءَ سان گڏ هڪ فقيرياڻيءَ جو مختصر ڪردار ادا ڪيو، ان ڊرامي جو پروڊيوسر منظور قريشي هو.ا ن ڊرامي کان پوءِ هوءَ بيدل مسرور ۽ هارون رند جي مختلف ڊرامن ۾ مختصر ڪردار ادا ڪندي رهي. انهن ڊرامن مان هارون رند جي ڊرامي ”خان صاحب“ ۾ سندس اداڪاري ساراهه جوڳي هئي، جنهن دور ۾ هوءَ ٽي وي تي آئي، تڏهن ممتاز ڪنول، بينا بيدل ۽ نزهت عباسي اداڪاري ڪنديون هيون. سڪينه سمون جي اها بدقسمتي رهي ته جڏهن هوءَ سنڌي ڊرامن ۾ آئي ته کيس پوڙهين وارا ڪردار اداد ڪرڻ لاءِ مليا، پر هن انهن ڪردارن سان به مڪمل انصاف ڪيو، بيدل مسرور جي پيش ڪيل ڊرامي چنڊ گرهڻ ۾ هن ممتاز ڪنول سان گڏ بهترين اداڪاريءَ جو مظاهرو ڪيو. فدا حسين بلوچ جي لکيل ڊرامي ”اونداهيءَ ۾ لاٽ“ ۾ هن جي اداڪاري ڏسڻ وٽان هئي پر 1981ع تائين سٺي اداڪاريءَ جي باوجود هو پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي نه سگهي. 1982ع جي شروعات سان ئي سڪينه سمون جو عروج شروع ٿيو. ان سال کيس اهڙا ڪردار مليا. جيڪي هر فنڪار چاهيندو آهي ته سندس قسمت بڻجي. هارون رند جي ڊرامي ”لهندڙ سج جي لاءِ“ ۾ سڪينه سمون هڪ ڇرڪائيندڙ ڪردار ادا ڪيو. ان کان پوءِ محمد بخش سميجي جي ڊرامن اڌورا خواب، لمحن جون سرحدون ۽ مني سيريل ٻيو شخص ۾ هوءَ تمام وڏي اداڪاره طور سامهون آئي. رنج پريان رسيو (پروڊيوسر محمد بخش سميجو) ۾ هن محمود صديقي ۽ يوسف علي سان گڏ لاجواب ڪردار نگاري ڪئي. 1982ع جي هڪ ٽماهيءَ ته اهڙي به هئي جنهن ۾ پروڊيوسر محمد بخش سميجو 13 ڊراما پيش ڪيا، جن مان 12 ڊرامن جي هيروئن سڪينه هئي. اهو پي ٽي وي تي ڪنهن به اداڪاره جو هڪ وڏو رڪارڊ آهي، جيڪو ڪو به فنڪار ٽوڙي نه سگهيو آهي. انهن ڊرامن ۾ 3 قسطن تي مشتمل ڊرامو رڃ جا مسافر (يوسف علي، صلاح الدين تنيو ۽ مقصود مغل) ڪاوڙيل ماڻهو (محمود صديقي ۽ صلاح الدين) ۾ سڪينه منفرد ڪردار ادا ڪيا. پروڊيوسر محمد بخش سميجو جي سيريل ”سام“ ۾ شفيع محمد شاهه سان گڏ سڪينه سمون ٽريجڪ ڪردار ادا ڪيو ۽ ان ڊرامي ۾ هن انتهائي جذباتي اداڪاري ڪئي. شفيع محمد شاهه سان گڏ لمحن جون سرحدون، اڪيلو ماڻهو ۽ اٿيو ائين سور ۾ سڪينه انتهائي بهترين ڪردار نگاريءَ جو مظاهرو ڪيو. محمد بخش سميجو جي طلب جي تنوار (ايم اي راجه ۽ مقصود مغل) ۽ رنج پريان رسيو (يوسف علي، محمود صديقي ۽ گلاب چانڊيو) ۾ سڪينه سمون جي اداڪاري ڪنهن به حوالي سان گهٽ نه هئي. اهڙي طرح 83-1982ع سڪينه سمون لاءِ خوشقسمت ثابت ٿيو. اهي سڀ ڊراما بليڪ ۽ وائيٽ هئا.
    1984ع اهو سال آهي، جڏهن کان سنڌي ڊراما باقاعده رنگين ڏيکارڻ شروع ڪيا ويا. جڏهن ته ان کان اڳ به ايڪڙ ٻيڪڙ هڪ ٻه رنگين سنڌي ڊراما هليا هئا. ”گفٽ“ ۾ هن شفيع محمد شاهه ۽ منصور بلوچ سان گڏ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. هن ڊرامي ۾ به سڪينه بهترين اداڪاري ڪئي. ساڳئي سال هن مڙيل رستا (محمد بخش سميجو) ۾ صلاح الدين تنيو، منظور مراد ۽ انور سولنگي سان گڏ لا جواب اداڪاريءَ جو مظاهرو ڪيو. ديوارين ۾ بهترين اداڪاريءَ سبب کيس بيسٽ سپورٽنگ ايڪٽريس جو پي ٽي وي ايوارڊ مليو. ٻن سالن کان پوءِ محمد بخش سميجو ”گفٽ“ ڊرامو اردو ۾ پيش ڪيو ته سڪينه ان ۾ آصف رضا مير سان گڏ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. اردو سيريل ڇوٽي سي دنيا ۽ جنگل ۾ هن بهترين اداڪاري ڪئي.
    پروڊيوسر محمد بخش سميجو جي ڊرامي خالي منظر ۾ سڪينه، گلاب چانڊيو سان گڏ هڪ اپاهج ڇوڪريءَ جو ڪردار ادا ڪيو. ”زمانو“ ۾ هن محمود صديقي، يوسف علي، صلاح الدين، منظور مراد ۽ ايم اي راجه سان گڏ بهترين اداڪاري ڪئي. سندس هڪ ٻيو ڊرامو چنڊ گدري ڦار به عيد ڪا چاند جي نالي سان اردوءَ ۾ 1985ع ۾ پيش ٿيو هو، جنهن پڻ ڪاميابي ماڻي، ڪاڪ محل اها سيريل آهي جنهن سڪينه سمون کي اداڪاريءَ جي ستين آسمان تي آڻي بيهاريو، هن سڄي ڊرامي ۾ بهترين اداڪاري ڪئي، پر خاص طور تي آخري قسط ۾ مرڻ واري منظر ۾ هن ماڻهن کي روئاري ڇڏيو. سندس اهو ڊرامو ڏسندڙ ڪڏهن به وساري نه سگهندا، 14 ڊسمبر 1986ع ۾ پروڊيوسر محمد بخش سميجو هڪ ڊرامو ”وڃايل راهون“ جي نالي سان پيش ڪيو. يوسف علي سان گڏ سندس اهو مڪمل رومانٽڪ ڊرامو هو. هن ان ڊرامي ۾ ڏاڍو موهيو، جڏهن ته ساڳئي پروڊيوسر جي ڊرامي ”ماءُ“ ۾هن 70 سالن جي پوڙهي عورت جو چئلينجنگ ڪردار ادا ڪيو.
    1987ع ۾ زيب سنڌيءَ جي لکيل ڊرامي ”ماءُ“ (محمد بخش سميجو) ۾ سڪينه، سليم لاڙڪ سان گڏ لاجواب ڪردار نگاري ڪئي. ساڳئي سال طارق عالم ابڙو جي لکيل ڊرامي ”ڇانورو“ ۾ هن سليم لاڙڪ ۽ فياض ميمڻ سان گڏ بهترين اداڪاريءَ جو مظاهرو ڪيو، نتيجي ۾ هوءَ صلاح الدين سان آئي ۽ مرڪ ۾ هن يوسف علي سان گڏ مزاحيه ڪردار نگاري ڪري پاڻ تان سنجيده اداڪاره جي لڳل ڇاپ لاهي ورتي، سندس آخري انفرادي ڊرامو ”سچ“ هو جنهن جي ڪهاڻي هن پاڻ لکي هئي ۽ ان جو پروڊيوسر محمد بخش سميجو هو، جڏهن ته ماروي سندس آخري سنڌي سيريل هئي، ان کان سواءِ به سڪينه سمون لاتعداد سنڌي اردو ڊرامن ۽ سيريلز ۾ ڇرڪائيندڙ ڪردار ادا ڪيا،جيڪي هميشه ياد رکيا ويندا، هن ٽي ويءَ جي تقريبن سڀني سينٽرن تي ڪم ڪيو.
    سڪينه سمون جي اداڪاريءَ جي خاص ڳالهه اها هئي ته سندس اداڪاريءَ ۾ هن ذاتي ڏک، محروميون ۽ پيڙائون هونديون هيون، هن جيڪي به ڪردار ادا ڪيا آهن، اهي هڪ شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا.
    ڊگهو عرصو ٻاهر رهڻ کان پوءِ هن پاڪستان اچي ٻيهر اداڪاري شروع ڪري ڏني آهي، سندس اداڪاري ۾ وقت سان گڏ پختگي آئي آهي. پنهنجي لازوال ڪردارن وسيلي لکين مداحن جي چهرن تي ڏک ۽ مرڪن جا احساس اڀاريندڙ سڪينه سمون ذاتي زندگي ۾ وڏن ڏکن کان پوءِ خوشيون آيون آهن، سندس پهرين شادي ننڍي عمر ۾ ٿي، جنهن مان کيس ٻه ٻار آهن جيڪي برطانيا ۾ رهن ٿا، هن ٻي شادي لنڊن جي رهاڪو ثاقب سان ڪئي. سڪينه سمون جا چار ٻار پرڏيهه ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. سندس هڪ ڌيءَ لنڊن يونيورسٽي مان فلم ڊائريڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.
    پهرين ڊرامي مان 565 رپين جو چيڪ وٺڻ واري سڪينه سمون اڄ ذاتي طور تمام گهڻو خوشحال آهي ۽ سندس خواهش آهي ته هوءَ پنهنجي اباڻي علائقي ۾ تعليم جي ترقيءَ لاءِ ڪو ڪم ڪري ڏيکاري. سڪينه سمون جيجي زرينه بلوچ جي سياسي جدوجهد کان تمام گهڻو متاثر آهي، پاڪستان ۾ هوءَ عظميٰ گيلاني جي اداڪاري کان متاثر آهي. هندستان جا فلمي ڊائريڪٽر شيام بيگل ۽ ماني اتم سندس پسنديده هدايتڪار آهن، جڏهن ته هالي ووڊ مان هوءَ اسٽيون سوڊ ربرگ کان متاثر آهي، جڏهن ته کيس ميريل الٽريپ، ڪيٽ بلين چيٽ، رسل ڪرو، ال پڪانو ۽ ميگ رين جي اداڪاري پسند آهي.
    بشڪريه عوامي اواز


    سڪينه سمون جو پنهنجي دور جي مشهور ڊرامو ​

    http://www.youtube.com/watch?v=olpI-mOdTOM
    http://www.youtube.com/watch?v=6bcXJHtSnQw&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=vkD4HOnOrUY&feature=related
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪردارن ۾ حقيقت جا رنگ ڀرڻ واري اداڪاره سڪينه سمون

    سڪينه سمون جو شمار سنڌي جي چوٽي جي اداڪارائن ۾ ٿئي ٿو۔ هن جو عروج ته اسان کان اڳ جي ڊرامن ۾ هيو پر اڄ به جڏهن اسان ڇوٽي سي دنيا جهڙا ڊرامه ڏسون ٿا ته سندس فن جو ڪمال نظر ٿو اچي۔

    هن ئي سال سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ( عورتن جي برانچ ) پاران ريجنٽ پلازا ڪراچي ۾ سڏايل عورت ڪانفرنس ۾ جڏهن کيس ايوارڊ لاء سڏيو ويو ته سندس سان گڏ اسان به ڏاڍي خوشي محسوس ڪئي هئي۔

    دعا آهي ته سنڌي ڊرامه پنهنجي اصلي ثقافت کي ڏيکاريندي واپس پنهنجي عروج تي اچن۔

    ممتاز وگهيو صاحب مهرباني جو هيڏا سٺا مضمون ونڊ ڪري رهيا آهيو۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    جواب: ڪردارن ۾ حقيقت جا رنگ ڀرڻ واري اداڪاره سڪينه سمون

    واقعي ادي سقينه سمون هڪ بهترين اثاثو آهي اڄ به هو هڪ نوان رنگ ۽ ڍنگ کڻي آئي اهي هن ماڊرن دور ۾ به نئين نڪور گيٽ اپ سان واه مونکي هيء اداڪارا ڏاڍو وڻندي آهي۔۔۔۔
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪردارن ۾ حقيقت جا رنگ ڀرڻ واري اداڪاره سڪينه سمون

    جي سائين بلڪل ادي سڪينا سمون تمام بهترين اداڪار آهي ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو