عشق جو پاپ ڪيو” تاج بلوچ“ شير مهراڻي انتهائي اورچ، اڻٿڪ، جاکوڙي، سجاڳ، ڄاڻو، نقاد، اديب، شاعر، صحافي، ڀٽائي شناس ۽ بقول هند جي مشهور ۽ معروف اديب ۽ سوانح نگار لڇمڻ ڪومل ”آتنڪواد ايڊيٽر“ تاج بلوچ 25 مئي 1942 تي پني عاقل جي ڳوٺ ڪوٽ بُلا ۾ جنم ورتو. تاج بلوچ پنهنجي جنم ڀومي ۽ ٻوليءَ سان تمام گهڻو پيار ڪري ٿو، هو سنڌي ادب جو نمايان نالو آهي، ٻولي ۽ ادب جي حوالي سان ڪا به سوديبازي ڪرڻ پاپ سمجهي ٿو، ڇو ته هو پنهنجي ڌرتي ۽ ٻوليءَ جو عاشق آهي. عشق جو پاپ ڪيو ”تاج بلوچ سو گنهگار ڏسي ٿا موٽون. ٻوليءَ جي نزاڪتن ۽ شاعريءَ جي حسناڪين سان سندس ڪمپرومائز Un-coditional سندس انهيءَ خوبي ڪري آءُ کيس سنڌي ادب جو هوگو شاويز سڏيندو آهيان، هوگوشاويز وينزويلا جو اهو صدر آهي، جنهن آمريڪا جهڙي سپر پاور ملڪ جي صدر بش کي هڪ ڪانفرنس دوران آڱر کڻي شيطان سڏيو هو ۽ تاج بلوچ به اهڙي ئي اڏول، نڊر، بهادر، بيباڪ ۽ سڌو سنئون سامهون سچ چئي ڏيڻ وارو اديب آهي، هو هڪ گهري تنقيد جي بصيرت رکڻ وارو نقاد آهي ۽ هو چڱي طرح ڪنهن به فن پاري جو ملهه ڪري ڄاڻندو آهي، جنهن دوران هو ذاتي دوستيون ۽ واسطا پري رکي ڇڏيندو آهي، سندس تنقيدي اک سمنڊ جي تهن مان هيرا ۽ موتي پرکڻ ۽ ڪڍڻ جي صلاحيت رکي ٿي. تاج بلوچ پوين ڏهن سالن کان مسلسل معروف ۽ منفرد ادبي رسالو سوجهرو ڪڍي رهيو آهي، پريس سان لاڳاپيل ماڻهو چڱي طرح سمجهي سگهن ٿا ته هتي نج ادبي پرچو هلائڻ ڪيترو ڏکيو ڪم آهي، پر هو اهڙو جوکي جو ڪم دل سان ڪري رهيو آهي، جو هو سمجهي ٿو ته هن ”ويڙهيچن سان ڪو وچن“ ڪيو آهي. هو مين ميڪر آهي، هن ڪيترائي نواب اديب، شاعر، نقاد ۽ ڪهاڻيڪار معتارف ته ڇا پر پيدا ڪيا آهن، تاج بلوچ هڪ اڻٿڪ ۽ اڻٽر اديب آهي، هن جي جسم ۾ هڪ بيچين روح آهي، جيڪو کيس هر وقت جاڳائي رکي ٿو، سچ ته تاج بلوچ نئين ٽهي جي آبياري ڪندڙ اڪيلو اديب آهي نه ته سندس عمر جا اديب ۽ ليکاري عملي ڪم کان ڪوهين ڏور ورسين تي بيان جاري ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه به نٿا ڪن، هن جا تقريبن سڀئي همعصر سڻڀيون نوڪريون ڪري چڱا عهدا ماڻي گهرن ۾ سکيو ٽڪر کائي رهيا آهن، پر تاج بلوچ جي اندر جو سچو انسان ان جي ابتڙ آهي، هو ڀٽائي جي ان بيت جي تشريح آهي. جنين سک ناهي ڪو، چارڻ سي چئجن رڃن راهه پڇن، مٿي ڪلهين ڪينرا. پنهنجي آڌار تاج بلوچ به ضلعي جو ٽريزري آفيسر مقرر ٿيو هو، پر هو جهڙو کرو اديب، تهڙو ئي کرو ڪامورو به رهيو. بالا آفيسرن کي ضلعي جي خزاني مان هڪ پائي به نه ڏنائين، سو مختلف بهانن سان کيس تنگ ڪيو ويو، هو ته ڄڻ سوديبازي سکيو ئي ڪو نه هو سو نوڪري تان استعيفيٰ ڏئي گهر ويهي رهيو (سندس استعيفيٰ پوءِ رٽائرمينٽ ۾ ڪنورٽ ڪئي وئي) تاج بلوچ گهڻ رخو اديب هئڻ سان گڏ گهڻ پڙهيو نقاد ۽ تجزيه نگار به آهي، هو دنيا جي سڀني جدوجهدن، سياسي ۽ ادبي تحريڪن کان چڱي طرح واقف آهي، سنڌي ٻوليءَ جو هي سڄاڻ هيرو دنيا جي ادب کان واقف آهي ۽ کري کوٽي جي ڀليءَ ڀت ڄاڻ رکي ٿو، عمر جو ڊگهو عرصو ريڊيو ۽ ٽي وي جي حوالي ڪندڙ سنڌي ادب جو ڏاهو تاج بلوچ ايليٽ کان گنتر گراس، ڪاليداس کان گوئٽي سارتر کان برناڊ شاهه ۽ چاسر کان وٺي ٻي مهاڀاري لڙائي کان پوءِ واري انگريز شاعر رابرٽ گريوز جي فن فلسفي ۽ خوبين کان پڻ چڱي طرح واقف آهي، رابرٽ گريوز جو هڪ نظم آهي، ته مان نظم شاعرن لاءِ ۽ مزاح ڏاهن لاءِ لکندو آهيان، شاعرن کانسواءِ ٻين لاءِ شعر لکڻ وقت وڃائڻ جي برابر آهي، ٻاهرين اديبن کي ڇڏي تاج بلوچ پنهنجي ڌرتي جي شاعرن ڀٽائي، سچل، سامي، بيدل سوڌو اڄ جي ڪنهن نوجوان شاعر تائين سڀني کي خوب پڙهي ٿو ۽ سمجهي ٿو. سندس ادب شناسي ۾ مطالعي جي برابري موجوده اديبن ۾ ڪو به نٿو ڪري سگهي. تاج بلوچ سنڌي ادب جو هڪ ادارو ۽ تحريڪ آهي، جنهن نه رڳو هر پيڙهي جي آبياري ۽ سربراهي ڪئي آهي، پر ادب جي اجري آئيندي لاءِ پڻ جاکوڙيو آهي، هو هڪ منفرد لهجي ۽ ڊڪشن جو شاعر آهي، سندس فن انوکو ۽ اڻڇهيل آهي، سندس شعرن ۾ هڪ فڪر سمايل آهي، هو نه رڳو روماني لهجي جو شاعر آهي پر سندس شاعري ۾ مزاحمت ڳوڙهي ڳڻتي ۽ همت لاءِ اتساه پڻ موجود آهي. جنهن کي جيڪڏهن مغربي شاعري جي گهرجن تي پرکيو وڃي ته سندس شاعري هڪ وڏو مقام ماڻي سگهي ٿي. سنڌي شاعري جي پارکو لطيف نوناريءَ تاج بلوچ جي نظمن جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو آهي، جيڪو ڪتابي شڪل ۾ اچڻ کانپوءِ مغربي ويس ۾ مشرقي شاعري پنهنجا جلوا ۽ جوت ڏيکاريندي. چون ٿا ته هر فن ۾ ڪا نه ڪا اهڙي شيءِ ضروري هوندي آهي، جيڪا آفاقي هوندي آهي، شاعري کي ته سڏيو ئي آفاقي پيغام ويو آهي. تاج بلوچ جي شاعري جي اڀياس کانپوءِ مڃڻو پوي ٿو ته قدرت سندس فن کي غير معمولي جلا بخشي آهي، سندس ذهني پروڙ جو آئينو سندس شاعري واضح ڪري ٿي ته هو هڪ ذهين ۽ غير معمولي ليکاري آهي، ڀٽائي جي ٻولي ۽ فلسفي جي انوکي پارکو ۽ ڄاڻو ج ع منگهاڻي صاحبه تاج بلوچ جي لاءِ لکي ٿي. ”تاج بلوچ اهو سونهون آهي، جنهن وٽ مارڳ جا پتا ۽ ماڳ جون ڪنجيون آهن، هو ”هٿ ڦاڙ“ ورهائڻ ۾ مشهور آهي، وٽس وهندي ورهه وهامي وڃن، اٿڻ مهل لاڀ ئي لاڀ جون جهوليون ۽ ڀاڪر ڀري کڻجن، کوٽ ۽ ٽوٽ وارن دڪانن جا در ان در اڳيان زورائتين تاڙين/تالن ڪرفن سان ٻوٽيل آهن، وڏا ڀاڳ اسان جا جو ان سرهي سنگهار سان گڏ ساڳي واءُ ۾ سرها ساهه ٿا کڻون، جنهن جي اڳيان وقت به مات کائي ڪنڌ ۽ اکيون نمائي ٿو وڃي ۽ هو هر وقت جي هر لمحي، هرپل مان سونهن، سچ، رنگ، روشني، خوشبو کسي نپوڙي ڪڍي پنهنجي ذهني خاندانن کي ڀرپور ڀريندو امر ڪندو ٿو وڃي ۽ وقت به کيس پنهنجي سڄي امرتا بخشي ارهو ڪونهي، هو ڄاڻي ٿو ته سندس اها ئي مهانتا آهي جو حقدار کي حق مليو، امانت باسلامت ڌڻي کي پرتي، نئون نسل ڀاڳندو آهي جو تاج بلوچ سندس وچ ۾ آهي.“ تاج بلوچ جا هن وقت تائين چار شاعريءَ جا ڪتاب اچي چڪا آهن، جن ۾ ”درد جو صحرا“، ”لفظن جو ماتم“، ”خوشبو جو زهر“ ۽ ”دل جزيرو اداس سپنن جو“ شامل آهن، ان کانسواءِ سندس تنقيدي مضمونن جو ڪتاب پڻ اچڻو آهي، جيڪو يقينن سنڌي تنقيد جو هڪ منفرد ڪتاب هوندو، هو ڀٽائي جو پارکو هجڻ سان گڏ ڀٽائي کي جديد گهرجن ۽ سائنسي انداز ۾ پرکڻ ۽ پرجهڻ جو حامي آهي، هن پاڻ به ڀٽائي جي ٻولي، فن، فڪر ۽ فلسفي تي ڪيترائي مضمون لکيا آهن. جڳ مشهور مفڪر جان رسڪن چوي ٿو. You may either win your peace, or buy it, win it by resistance, to evil, buy it by compromise with evil. يعني انسان پنهنجي راحت يا ته کٽي يا خريدي، کٽڻ لاءِ ضروري آهي ته برائيءَ کي روڪجي ۽ خريدڻ لاءِ ضروري آهي ته برائي سان سمجهوتو ڪجي ۽ اسان جو قدآور شاعر سمجهوتي جي ڳالهه هن طرح ڪري ٿو. ڪوئي دشمن ئي آسپاس هجي شرط آهي سخن شناس هجي شخص ننگو هجي نه اندر جو پوءِ ڪيڏوئي ڪم لباس هجي هوند پٿر به ٿي پوي پاڻي نياز اکين ۾ التماس هجي.
جواب: عشق جو پاپ ڪيو” تاج بلوچ“ واقعي تاج بلوچ سنڌي ادب جو هڪ سرمايو آهي۔ مهرباني ادا ممتاز وگهيو صاحب جو اوهان هر روز سنڌي ادب جي ڏاهن جو تعارف پيا پيش ڪيو۔ اوهان جي اها ادا ڏاڍي وڻي آهي۔ اميد هي سلسلو جاري رهندو