هڪڙي دفعي ڪجهه دوستن پروگرام ٺاهيو ته ڇو نه پاڻ گڏجي مٺا چانور (ذردو) پچايون، ته پوء هر ڪوونڄي پنهنجي حصي جو سامان وٺي آيا، ۽ بهترين قسم جو ذردو پچايائون، هاڻي جڏهن کائڻ جو ٽائيم ٿيو ته هڪڙي چيو رات ڪافي ٿي وئي آهي سڀاڻ ساجهر، جيڪودوست سٺو خواب ٻڌائيندو تنهن کي سڀني کان وڌيڪ زردو ڏنو ويندو، سڀئي دوست انهي ڳالهه تي راضي ٿي ويا ۽ سمهي پيا، جئين ننڊ مان سجاڳ ٿيا ته اچي ڪوڙا خواب ٻڌائڻ شروع ڪيا، هڪڙي چيو ته مان رات جو ڪعبتالله جي زيارت ڪئي آهي، ٻي چيو ته مان وري نبي جي زيارت ڪئي آهي، ٽئين چيوته مان وري قلندر شهبا ز تي ننگر ورهايان ٿو، جڏهن چوٿين همراه کان پڇيائون ڏي خبر ڀلا فقير ، انهي تي هن وراڻيو ته رات جڏهن اوهان سڀ سمهي رهيا هيو ته هڪڙي جن اچي مونکي چيو ته سمورا چانور کاءُ جيڪر نه کاڌائين ته ڏنڍي سان ماري ڇڏيندمائين تنهن تي مون ڏاڍيون رڙيون ڪيون پر توهان مان ڪو مڪي پاڪ، ته ڪو وري مديني شريف ، ۽ ٻيو ڀاءُ ته قلندر جي درٻار تي ننگر ورهائي رهيو هيو، مجبوري ۾ سمورا چانور مونکي کائڻا هيا تنهڪري هاڻي اٿو ۽ ٿانُ دويو
جواب: مٺا چانور ادا اهيو لطيفو تقريبن ڏهه سال پهرين منهنجي مرحوم ڀاء ذوالفقار علي وگهيو ٻڌايو هو، ڪوشش ڪريو ته ڪو نيون لطيفو ونڊ ڪريو وري به مهرباني
جواب: مٺا چانور واهه واهه لڪي تمام زبردست ڀوڳ لکيو آهي مان ته کليس پر منهنجا ننڍڙا پُٽڙا ، فرحان علي، شاهه زيب ۽ ڪاشف علي تمام گهڻو کليا مهرباني ادا لڪي۔