بادل برسي هليا ويندا! نصير مرزا الائي ڪيترن ورهين کان پوءِ رات...حيدر چوڪ گاڏي کاتي ۾ آئون ”دعا وارن“ هٿن جي ڀرسان، رائونڊ ابائوٽ وٽ وڃي بيٺو هوس...حيدر چوڪ...منهنجي ۽ سائين نثار حسينيءَ جي تفريح ۽ روح رهاڻ جو دلپسند مرڪز، پر...رات آئون اڪيلو وڃي اُتي بيٺو هوس...سائينءَ جي ياد ۾...ڏٺم پئي، هر طرف ماڻهو هئا ۽ ماڻهن ۽ ٽريفڪ جي بي پناهه آمد رفت ۾...سائين نثار جو لکيل گيت، مون کي شدت سان ياد اچڻ لڳو: ڪيڏي ڌرتي، ڪيڏا ماڻهو پوءِ ڀي هيڪل هيڪل هانءُ ۽ اڃا گذريل سال به، اسين ڪا دير اُتي وڃي بيٺا هئاسين ۽ نان اسٽاپ...اتساهه ۽ ترنگ سان ڳالهائيندا پئي وياسين...جولاءِ ۾ ايندڙ مرزا قليچ بيگ جي ورسي، آگم پاران جاري ٿيندڙ رسالي نئين سنسار جون ڳالهيون سنڌيءَ ۾ ٽيلي فلم ”ٽوپي اجرڪ وارا“ جي اسڪرپٽ تي سوچ ويچار...۽ وچ وچ ۾ ڪن پراڻين محبتن ۽ محبوبن جا ذڪر....۽ حيدر چوڪ تي رات ڪي گهڙيون اُتي بيٺي بيٺي، سائينءَ کي ياد ڪري، اکيون ڀرجيو ڀرجيو پئي آيم...ياالله! ڪيڏانهن هليا ويا اُهي ڏينهن...اُهي ڳالهيون، سانجهيون...شامون ۽ سوچيندو رهيس...ڪيڏو نه جلدي ٿا ڪهاڻي بڻجي وڃون...اسين ويچارا ماڻهو ۽ اتي بيٺي بيٺي ياد پئي آيم، اسي واري ڏهاڪي جا ابتدائي سال...۽ ڪيڏو نه عجيب جنون سوار هوندو هو سائين ۽ منهنجي سِرَ تي...شام ٿيندي ٿيندي، سائين ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۽ آئون ڪاليج، يا پوءِ يونيورسٽيءَ مان موٽي ”آگم“ ۾ اچي گڏ ٿيندا هئاسين ۽ ڏسندي ئي ڏسندي، الائي ڪٿان ڪٿان کان، گهُمندا ڦرندا دوست اچي اتي گڏ ٿي ويندا هئا، قيس عالم، طارق عالم، خدا بخش ابڙو، زوار نقوي، اسرار شام، آغا سعيد، عرفان مهدي، لياقت رضوي، آغا قيوم ۽ ڪڏهن ڪڏهن علي بابا، مدد علي سنڌي، رسول بخش درس، سوز هالائي، عزيز گوپانگ ۽ ڪتابن رسالن جي اشاعت جي ترنگ ۾ پوءِ شام ٿيندي ئي ڪم ڪار سان گاڏي کاتي جي پُراسرار ۽ پُر پيچ گهٽين ۾ نڪري پوندا هئاسين ۽ ڪٿان پروف کڻڻا هوندا هئا ته ڪٿان ٽائٽلن جون فلمون...۽ ڪنهن وقت ڏسو ته شمس چيمبرس ۾ ولي رام ولڀ صاحب وٽ پيا وڃون ۽ ڪنهن وقت ٽريننگ ڪاليج جي هاسٽل ۾ رهندڙ مشهور آرٽسٽ فتاح هاليپوٽي (شر جيل) ڏانهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته آڌي آڌي رات تائين بس آئون ۽ سائين نثار...بي سبب، ايئن ئي پيا گاڏي کاتي ۾ هلندا هئاسين ۽ لڳندو هو، ڪوئي به ڪم ڪونهي اسان کي ۽ بس هلون پيا، بنا ڪنهن ڪارج جي ۽ خوامخواهه! ۽ مون کي ياد آهي...پوءِ ڪي اهڙا زمانه به سائين نثار تي آيا، جڏهن مون، قيس عالم، ۽ طارق عالم هن جي سر تي عشق جو سوداءُ ڏٺو...کيس شديد پريشان ڏٺو. تڏهن هو چين سموڪنگ ڪندو هو ۽ سامهون رکيل ايش ٽري سگريٽن جي اڌڙن سان ڀرجي ويندو هو، آفيس جو سمورو ڪمرو دونهين سان ڀرجي ويندو هو ۽ پوءِ الائي ڪهڙو واءُ وريو، آگم بند ٿي ويو، منڊلي ڦٽي وئي، اسان جو ادبي آستانو اُجڙي ويو. دوست تتر بتر ٿي ويا...۽ حيدر چوڪ ۾ رات جي سناٽي ۾ اتي بيٺي، اوچتو، دوستن کي ياد ڪري، رکي رکي احمد مشتاق جو هي شعر مون کي ياد پئي آيو. کيا زمانه تها که، هم روز ملا کرتي تهي اور اب کوئي کهين کوئي کهين رهتا هي حيدر چوڪ وٽ بيهي سوچيندو رهيس، رنگ رنگ جون ٻوليون اُهي سڀ دوست ائين هليا ويا، جو اڄ ان ماڳ جو تصور ٿو ڪريان ته هي شعر ٿو ياد اچيم، اُن مکينون کو مکان روتي هين جو اُنهين پهر نه بساني آئي تڏهن حيدر چوڪ تي دعا لاءِ اٿيل هٿن ڏانهن ڏسندي ڏسندي اکيون ڀرجيو ڀرجيو ٿي آيم، پاڻ کي سمجهايم، روئڻ مان فائدو نصير!...هي سڀ زمانه گذري وڃڻ لاءِ ئي ته هوندا آهن، ساٿي...دوست...سڀ وڇڙي وڃڻ لاءِ ئي ته ملندا آهن...ياد نه اٿئي ڇا ته هن شهر ۾ اڳ به، ڪيئي اديبن، شاعرن، آرٽسٽن جي رلي ملي ويهڻ جا مرڪز قائم هئا. ڪراچي هوٽل، سلطان هوٽل، ڪيفي يونٽي، شام رس هوٽل، سرائي اميد علي واچ ميڪر جو دڪان، ڪيفي جبيس، ڪيفي جارج، رسالي سهڻيءَ جي آفيس...بسنت هال جا سيمينٽ وارا ٿلها...مون کي ياد آهي پنهنجيءَ ادبي سانڀر ۾، سڀ کان پهرين مون کي مسلم ڪاليج ۾ پنهنجي هر دلعزيز ڪهاڻيڪار استاد عبدالحق عالماڻي جي ڪمهلي لاڏاڻي جو ڏک برداشت ڪرڻو پيو. پوءِ ماڻڪ، ماٺيڻو اوٺو، عرفان مهدي، واجد، خيران جعفري، رزاق مهر ۽ 2006ع جي ٻي جون تي سائين نثار جو لاڏاڻو ۽ ياد اٿم گهر ڀرسان گهٽيءَ ۾ رات جو walk دوران آخري روبرو ملاقات کان اڳ، ستاويهين مئي 2006ع تي پريس ڪلب جي ڏاڪڻ وٽ اسين ملي ويا هئاسين. مٿي هال ڏي ويندڙ ڏاڪڻ جي هالٽ وٽ، هُو ٿڪجي بيهي رهيو هو ۽ مون کي خان محمد پنهور صاحب جي ورسي کي ڪنڊڪٽ ڪرڻ لاءِ تڪڙو مٿي پُڄڻو هو. سائين جي ساهه ۾ ٿورو سهڪو هو، پر هن جي مُک تي خوشگوار مُرڪ پکڙيل هئي، يعني: انوکهي چمک اُس کي چهري په تهي مجهي کيا خبر تهي که مرجائي گا وه! ۽ حيدر چوڪ وٽ بيٺي بيٺي سوچيم...سامهون بخش علي گهٽي ۾، آگم جي آفيس وٽان به، ڇو نه رات جي هن سناٽي ۾ ٿي اچان. (جي ها ان ئي گهٽي منجهان، جيڪا هاڻي منهنجي چهري جي ريکا بڻجي چڪي آهي) ۽ باوجود چاهڻ جي اوڏانهن وڃڻ جي همٿ ئي نٿو ڪري سگهان (۽ ڪي گهٽيون ۽ رستا به، ڪيڏا نه عجيب ٿيندا آهن، جن منجهان گُذرڻ يا اُنهن جي پاسي مان لنگهڻ به ڪيڏو نه اذيت ناڪ لڳندو آهي ماڻهوءَ کي) مون کي ياد آهي يونيورسٽي مان موٽندي، آگم ڏانهن ويندي رستي ۾ جيڪڏهن منهنجو خوش مزاج...خوش سڀاءُ دوست، اسرار شام، گڏجي ويندو هو ته قاضي منزل واري ان آفيس ۾ گهڙڻ کان پهرين ٻئي ڄڻا گڏجي، سائين کي پنهنجي اچڻ جو اطلاع ڏيڻ لاءِ ڳائڻ لڳندا هئاسين. تم جُگ جُگ جيئو مهراج ري هم توري نگريا ۾ آئي ۽ سائين خان محمد پنهور جي اُن ستين ورسي کان اڳي، الائي ڪيترين ورسين ۽ تعزيتي گڏجاڻين ۾ اسان گڏجي شرڪت ڪئي هئي، پر ان ڏينهن هن سرگوشيءَ ۾ چيو پئي، يار نصير...! دوست...لڳي ٿو ته ڪو نه ڇڏيندا، مري وينداسين ته ورسي ضرور ملهائيندا، مان ته يار! وصيت ٿو ڪريان ته منهنجي لاءِ، ڪو به ايئن نه ڪري...۽ ڪنهن ٿئي ڄاتو ته صرف پنجن ڏينهن کان پوءِ ٻئين جون 2006ع تي هو هليو ويندو ۽ اڄ ان سانحي کي ياد ڪري، اسين سندس ورسي ملهائڻ کان ڪو نه مڙنداسين. حضرت علي عليه السلام فرمايو هو، ”اسان جو هر ساهه دراصل موت ڏانهن هڪ ڌڪو آهي“ ۽ ايئن به چيو هو ”بس سڀاڻي ئي توهان وڃڻ وارا آهيو ۽ دنيا هڪ سراءِ اٿوَ ۽ مسافر خانو، ڇا ڏسو نه پيا ته ڪڪر ڀريا بيٺا آهن ۽ ڄاڻ ته اهي بادل برسي خالي ٿي هليا ويندا.“
جواب: بادل برسي هليا ويندا! محترم ممتاز وگهيا، سائين نصير مرزا جون ساروڻيون لاجواب ساروڻيون هتي کڻي آئين ، اهو سائين نصير مرزا جو لکڻ جو ڏان آهي جو پنهنجي ساروڻين ۾ جيڪو به پڙهندو اهو سائين نصير جي لکڻ واري جادو ۾ گُم ٿيندو ويندو، بلڪل ائين سمجهندو، ته سنڌ جو حيدرآباد جنهن جون شامون ساري دنيا ۾ ائين لڳنديون آهن ڄڻ محبوبه جي نازڪ نفيس چپن جون چُميون هُجن، سائين نصير هن ساروڻين ۾ مرڪزي ڪردار محترم سيد نثار حُسيني مرحوم جو رکيو آهي، پر حيدرآباد جي حيدر چوڪ کان وٺي جتي سنڌ جي خوبصورت ڏات ڌڻين جون منڊليون مچنديون محترم سرائي واچ ميڪر جي دوڪان جون ڳالهيون لکي اسان جهڙن ٽي درجي وارن شاعر جي آسن ، اميدن، اُڌمن کي هڪ نواڻ ڏني آهي۔ تنهنجي مهرباني جو سائين نصير مرزا جي تخليق کي سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ تي کڻي آئين۔
جواب: بادل برسي هليا ويندا! بيشڪ زندگي ۽ موت هڪٻئي جي سونهن آهن، ۽ هڪٻئي جي پويان آهن، هڪ گهڙي زندگي آهي ته ٻي گهڙي موت ۔۔۔ اها ته قدرت آهي جنهنکي مٽائڻ يا ڪنڌ ڪڍائڻ ممڪن ئي ناهي، پر ڪي انسان موت کي پنهنجي زندگي ۾ ئي مات ڏئي ويندا آهن، پو اهي انسان ته مري ويندا آهن پر انهن جي همٿ ۽ مردانگي امر ٿي هميشه جيئان اسان سان گڏ رهندي آهي ۔۔۔ ڪي دوست رشتيدار ۽ پرين پيارا وري دل جي ڳنڍين ۾ سمائجي ويندا آهن، جيتوڻيڪ اهي به مري ويندا آهن پر اصل ۾ اسانجي اندر ۾ جيئرا هوندا آهن ۽ اکيون بند ڪري انهن سان ملاقات ڪري سگهبي آهي ۔۔۔ نصير مرزا جو سائين نثار حسيني سان دلي لڳا لکڻي مان پڌرو آهي ۔۔۔ هم خيال دوست جي ازلي جدائي تمام وڏو صدمو آهي ۔۔۔ ڪي ويجهائي ڏور، ڪي ڏور به ويجها سپرين، ڪي چڙهن نه چت تي، ڪي وسرن نه مور، جيئن مينهن ڪنڍيائي ڪور، تيئن دوست وراڪو دل سين۔