مست
سينيئر رڪن
لڳي ٿو ته اسلامي حڪومتن ۽ ميڊيا ۾ غيرت جو ڪو ذرو نه بچيو آهي تڏهن ته آمريڪا ۽ آسٽريليا ۾ سرِ عام قرآن ڪريم جي ٿيندڙ بيحرمتي تي مجرماڻي خاموشي اختيار ڪري ويٺا آهن۔ صرف جنگ اخبار ۾ئي هڪڙي عام صفحي تي ڪنڊ ۾ ننڍڙي اکرن ۾ اها خبر ڄاڻائي وئي ته آمريڪا ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي ٿي آهي۔
اڳ ۾ مان اوهان سان آمريڪا ۾ ٿيندڙ بيحرمتي جي وڊيو ونڊ ڪري چڪو آهيان۔ پر اطلاعن موجب آمريڪا ۾ ٽن جڳهن تي اها بيحرمتي ڪئي وئي آهي، هڪ ته اهو ملعون آمريڪي آهي پر ان سان گڏ ٻن ٻين مختلف جڳهن تي سندن مذهبي پادرين اهو عمل ڪيو آهي۔ ان کان علاوه آسٽريليا جي هڪ يونيورسٽيءَ۾ هڪ وڪيل به اهو شرمناڪ فعل ڪري پنهنجي ناجائز هجڻجو ثبوت ڏنو۔
آمريڪي جي وڊيو پهرين ونڊ ڪئي وئي اهو آمريڪي شخص گرائونڊزيرو ۾عين انهيءَجڳهه تي اچي پهتو جتي مسجد جي تياريءَجي لاءِ زمين ورتي وئي آهي۔ اتي پهچڻ ساڻ انهيءَ مختلف ماڻهن کي وڏي واڪي سڏ ڪري ٻڌايو ته هو پنهنجي مذهبي رهنما پادريءَجي چوڻ کي مڃيندي هتي اهو (شرمناڪ ۽ لعنت ڀريو)عمل ڪرڻلاءِ هتي آيو آهي، ان کان پوءِ ان سوين ماڻهن ( جن ۾ ڪيترائي پوليس وارا، هر قسم جي ميڊيا جا ماڻهو موجود هئا) جي موجودگيءَ ۾ قرآن پاڪ جي نسخي جي پاڪ ورقن کي پهرين ته قرآن مان ڦاڙي شهيد ڪري ان جي بيحرمتي ڪئي ان کان پوءِ وڏي آرام سان انهيءَ ورقن کي لائيٽر جي ذريعي باهه ڏئي ساڙي انهن جي رک ڪري انهيءَکي پنهنجي ناپاڪ پيرن سان لتاڙي بيحرمتي ڪئي۔ اهو شرمناڪ عمل ڪيترن ئي منٽن تائين جاري رهيو، جنهن کان بعد اتان جي سيڪيورٽي عمل کيس روڪيو پر هڪ اهڙي انداز ۾ جيئن اسان جي ڪنهن وزير جا معاون ان کي اهو ٻڌائيندا هجن ته محترم سائين اوهان هن جڳهه کي ڇڏيو ۽ هتي ويهو۔ ان کان پوءِ اهو شخص اتان آرام سان هليو ويو ۽ آمريڪي ميڊيا ان لعنتي ماڻهوءَجي شناخت به لڪائي ڇڏي آهي ان لاءِ نامعلوم جو لفظ استعمال ڪري رهيا آهن۔ مان سوچيان پيو ته پوءِ اسان وٽ شدت پسند ماڻهن جو واقعي ڪهڙو ڏوهه آهي، جيڪي آمريڪين کي مارڻ کي ثواب سمجهين ٿا، انهن کي قتل ڪرڻکي پنهنجو مقصد ٺاهيو ويٺا آهن۔ مطلب ته آمريڪا اهڙا عمل ڪري پاڻ ئي شدت پسندن جون فيڪٽريون تيار ڪري رهيو آهي۔ آمريڪا کي پاڪستان جي اندر شدت پسندن جي وڌندڙ اثر رسوخ جي ته ڏاڍي ڳڻتي آهي پر ڇا آمريڪا پنهنجي ملڪ جي اندر اهڙي شدت پسندن کي روڪي ٿو۔؟
پر ان کان وڌيڪ آمريڪا جي پوليس جو ٻٽو معيار ڇا چئجي جو جنهن جڳهه تي ان ملعون آمريڪي اهو انتهائي ڪريل وحشين وارو عمل ڪيو، انهيءَ ساڳي جڳهه تي ان واقعي کان فقط هڪ ڏينهن اڳ ۾ ٻن مسلمانن کي اتان مشڪوڪ سمجهي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته انهن ڪو اهڙو عمل يا ڪا اهڙي ڳالهه به نه ڪئي هئي جنهن سان هنن ٻين جي دلين کي رنجايو هجي۔
آسٽريليا جي ڪوئنزلينڊ يونيورسٽيءَجي هڪ وڪيل پاران نه صرف قرآن پاڪ جي پر عيسائين جي مقدس ڪتاب انجيل مقدس جي به بيحرمتي ڪئي وئي۔ ان ملعون ٻنهي پاڪ ڪتابن جي ورقن کي شهيد ڪري انهن کي سگريٽجي انداز ۾ بڻائي لائيٽر سان ٻاري انهن جي بيحرمتي ڪئي، انهيءَ مجرماڻي فعل جي وڊيو به هن يوٽيوب تي جاري ڪري ڇڏي۔ آسٽريليا ۾ ان سلسلي ۾ احتجاج شروع ٿي ويا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ هو يونيورسٽيءَکان موڪلون وٺي روپوش ٿي ويو آهي۔ يونيورسٽيءَجي انتظاميه ان تي سخت افسوس جو اظهار ڪيو آهي۔
هيٺ مان اُمت اخبار مان ٻنهي خبرن جا حوالا ڏئي رهيو آهيان جن جي لاءِ مان مٿي ايترو ڪجهه لکيو آهي۔
خبر ناهي ته ڇو اسان وٽ اهي ماڻهو جيڪي دين جا ٺيڪيدار بڻجي ويٺا آهن، تاريخ، حديثن ۽ ٻين ڳالهين تي پنهنجي علم جو ڌاڪو ڄمائڻلاءِويٺا آهن اهڙين ڳالهين تي ڇو خاموشويٺا آهن