مست
سينيئر رڪن
ٽي سي پي اسپيڊ آپٽيمائيزر
جيڪڏهن اوهان پنهنجي انٽرنيٽ جي اسپيڊ کان تنگ آهيو ته پوءِ اوهان لاءِ هي سافٽويئر ڪنهن جيڪ پاٽ خزاني کان گهٽ نه آهي۔ انٽرنيٽجو ڪنيڪشن ڪهڙو به هجي ۽ اسپيڊ ڪيتري به هجي، هن ۾ اوهان پنهنجي انٽرنيٽ ڪنيڪشن جي ورتل اسپيڊ جي بنياد تي ٻڌايل ان جي سيٽنگ سيٽ ڪري سگهو ٿا۔۔ ڪنيڪشن هڪ ايم بي جو هجي يا 100 ايم بي کان مٿي واري اسپيڊجو، ان جي جانچ پڙتال ڪرڻ کان پوءِهي سافٽ ويئر ان لاءِ مختلف پيراميٽرس سيٽ ڪندو جنهن سان اوهان جي انٽرنيٽجي اسپيڊ وڌيڪ بهتر ٿيندي۔ هن سافٽ ويئر جو بنيادي مقصد انٽرنيٽ اسپيڊ کان تنگ ماڻهن کي ڪوالٽي آف سروس مهيا ڪرڻ آهي۔
هي سافٽويئر فقط 600 ڪلوبائيٽجو آهي ۽ سيڪنڊن ۾ ڊائون لوڊ ٿي ويندو، مزي جي ڳالهه ته هن کي انسٽال ڪرڻ جي ضرورت نه آهي هن کي بس ڊائون لوڊ ڪريو ۽ هلايو۔۔