• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آصف، عامر ۽ سلمان بٽ پنهنجي معطلي خلاف اپيل جمع ڪرائي ڇڏي۔۔

مست

سينيئر رڪن
آءِ سي سي طرفان معطل ڪيل ٽنهي پاڪستاني ڪرڪيٽرن محمد عامر ، محمد آصف ۽ سلمان بٽ آءِ سي سي جي انهيءَ‌فيصلي خلاف پنهنجون درخواستون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن، جن جي پيروي برطانيا جي معروف وڪيل ۽ پي سي بي جي قانوني وڪيل ايلزبيٿ رابرٽس ڪندي۔۔ آءِ‌سي سي جي قانون موجب وڪيل سان گڏ ٽنهي ڪرڪيٽرن کي پاڻ‌به پيش پوڻو پوندو۔

Pakistan-cricketers-Moham-006.jpg

۔
 
جواب: آصف، عامر ۽ سلمان بٽ پنهنجي معطلي خلاف اپيل جمع ڪرائي ڇڏي۔۔

آءِ سي سي طرفان معطل ڪيل ٽنهي پاڪستاني ڪرڪيٽرن محمد عامر ، محمد آصف ۽ سلمان بٽ آءِ سي سي جي انهيءَ‌فيصلي خلاف پنهنجون درخواستون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن، جن جي پيروي برطانيا جي معروف وڪيل ۽ پي سي بي جي قانوني وڪيل ايلزبيٿ رابرٽس ڪندي۔۔ آءِ‌سي سي جي قانون موجب وڪيل سان گڏ ٽنهي ڪرڪيٽرن کي پاڻ‌به پيش پوڻو پوندو۔

pakistan-cricketers-moham-006.jpg

۔

بس يار مست سڀ کان پهرين ته اهي رانديگر پاڪستاني، پو مسلم ملُڪ جا مسلمان پو ايماندار يا بي ايمان هاڻي غور ڪيو وڃي ته باقي سموريون ٽيمون نان مسلم ملڪن جون، سو زور ڪهڙي ڳالهه تي ٿيو پاڪستان واڌو، مسلم رانديگر واڌو مسلم مُلڪ ايزيڪلٽو هُو ڪيئن ڀلا چاهيندا ته پاڪستان جا مسلمان رانديگر ڪرڪيٽ جي چارم فل راند ۾ اڳيان اڳيان هُجن، ڀائو تون ڏسجان جيئن اڳ ۾ ڏکڻ آفريقا ۾ نسل پرست حڪومت قائم هوندي هُئي ته ساري دنيا جي ڪرڪيٽ ٽيمن ۽ ڪرڪيٽ جي رانديگرن جو ڏکڻ آفريقا ۾ وڃي کيڏڻ تي سخت پابندي هوندي هُئي ڪو رانديگر چمڪ جي آسري وڃي ڏکڻ آفريقا نڪرندو هو ته کيس عمر ڀر ڪرڪيٽ واري راند مان ڏيهه نيڪالي ڏني ويندي هُئي، سو جيڪا صورتحال هن وقت پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم سان آهي بلڪل ساري دنيا ۾ پاڪستاني ٽيم کي مسلم ملڪ جي واحد پهرين جوڙ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي حيثيت اڄ يا سُڀان ڪٿي به کيڏڻ نه ڏنو ويندو، پاڪستان جي هر رانديگر تي پابندي به هنئي وييندي۔اهو ته ڇا پر دنيا جي ڪابه ٽيم ، ٽيم اسپرٽ جي ناتي پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم سان ميچ کيڏڻ لا تيار ٿي ته اُن ڪرڪيٽ ٽيم جو به حقو پاڻي به بند ڪيو ويندو۔ تون صرف انهي ڳالهه مان اندازو لڳائي ته هاڻي پاڪستان ۾ ڪا ٽيم اچي ڪرڪيٽ راند رهڻ لا تيار ڪونهي، حالانڪه دنيا جا خوبصورت ترين ڪرڪيٽ گرائونڊ پاڪستان ۾ آهن، سُٺا ڪرڪيٽ جا شائقين پڻ هتي آهين ان کان علاوه پاڪستان جي ٽيم کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هو هڪ دفعي ساري دنيا جي ڪرڪيٽ ٽيمن مان فاتح دنيا جو اعزاز به حاصل ڪري چُڪي آهي۔ باقي بي ايمان ايماندار رانديگر ڪرڪيٽ جا دنيا جي هر ٽيم ۾ آهن ، پر سڀني کي پاڪستان جي ٽيم مسلم ملڪ جي حيثيت سان اکين ۾ وڏو ڪٽر بڻجي کٽڪي ٿي ۔ بس يار تون سمجهي وڃ نه سئولي سنڌي ۾
 
جواب: آصف، عامر ۽ سلمان بٽ پنهنجي معطلي خلاف اپيل جمع ڪرائي ڇڏي۔۔

بس سائين توهان واري ڳالهه کي سولي سنڌي ۾ ”ڪڙو سچ“ چئجي ٿو۔۔۔۔۔
 
Back
Top