• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بوتل پيئڻ ۾ ايتري دير۔۔

مست

سينيئر رڪن
هڪ ڀيري هڪ برگر ٽائپ ڇوڪرو سئنيما ۾ فلم ڏسڻ ويو، سندس ڀر ۾ هڪ پوڙهي60 سالن جي جهوني ويٺل هجي۔
پوڙهي وٽ هڪ بوتل به هئي۔۔ ڇوڪري نوٽ ڪيو ته پوڙهي پهرين 15 منٽن کان پوءِ بوتل جو ڍُڪ پيتو، وري رکي ڇڏيئين وري اڌ ڪلاڪ کان پوءِ هڪ ڍُڪ ۔۔۔ نيٺ ڇوڪري کي خار آئي ته هي پوڙهي هڪ بوتل پيئڻ ۾ اڌ ڪلاڪ کان مٿي وقت لڳائي پئي۔۔ سو پوڙهي ڏانهن ڏسي يڪدم هڪ جهٽڪي ۾ بوتل منهن تي رکي غٽا غٽ ڪري پي ويو۔۔ پوڙهي حيرت سان کيس ڏسڻ‌لڳي۔۔ ؟
ڇوڪري چيو ” ڏس پوڙهي امان۔۔ ايئن بوتل پيبي اٿئي هڪ جهٽڪي ۾۔۔ تون ته ڪلاڪ لڳائي ڇڏيو“

پوڙهي۔۔۔ ”پُٽ بوتل ڪيئن پيبي آهي اها مون کي خبر آهي

پر
۔۔۔
هن بوتل ۾ ته مان پان جون ٿُڪون پئي اڇلايون“
 
جواب: بوتل پيئڻ ۾ ايتري دير۔۔

مستن جي موڪليل ڀوڳ کي درويشن پسند ڪيو، هاڻي نازن کي ڪهڙي مجال جو هن زبردست ڀوڳ تي کلي کلي کلي کيرا نه ٿئي، پر مست ڪجهه خيال ڪجان منهنجو ظالم پيٽ روزن کان پو اصل منهنجي پي سي وانگر بار بار ري اسٽارٽ ٿيو وڃي، سو کلي کلي پيٽ ۾ سور ڀلي پوي پر مُئو جي ري اسٽارٽ ٿيو ته تمام گهڻو گند ٿيندو ان ڪري في الحال پنهنجي ڀوڳن ۾ کلڻ واري ڊور ڀرڻ ۾ هٿ ڪجهه هلڪو رک ، ڪجهه سمجهدار ٿِي مست ! جيسين وڃي منهنجو پيٽ سهي صورتحال ۾ اچي ................
 
Back
Top