مست
سينيئر رڪن
تفصيل مطابق سنڌ جي مختلف ٻوڏ متاثر ڪيمپن تي ترسيل ماڻهو مختلف وبائي بيمارين (هيپاٽائٽس، آشوبِ چشم يعني اکيون اُٿڻ، چمڙي جي بيمارين، پيٽ جي بيمارين ۽ گيسٽرو) ۾ وٺجي ويا آهن، جيڪي خاطرخواهه نظرداري نه ٿيڻ جي ڪري تمام خطرناڪ حد تائين پهچي ويا آهن۔ اهڙين بيمارين جي ڪري انهن جي امداد ڪندڙ ماڻهو به کانئن ڪراهت ڪرڻ لڳا آهن۔ خاص ڪري اکيون اٿڻ، چمڙي ۽ گيسٽرو جي بيمارين ۾ ورتل ماڻهن جي تعداد مختلف علائقن ۾ لک کان مٿي پئي ٻڌائي وڃي۔۔ خيرپور جي مختلف ڪيمپن ۾ ترسيل ماڻهن ۾ اکين جي بيماري عام ٿي وئي آهي۔ تقريباَ 95000 کان مٿي تعداد ۾ بيماري ۾ ورتل انهن ماڻهن جي ڪري ٻيا ماڻهو به بيماري ۾ وٺجي رهيا آهن ڇو ته اکين جي بيماري جو وائرس هوا سان ڦهلجي ٿو۔