• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ ۾ ٻوڏ واري صورت حال ۽ سياستدانن جو ڪردار

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
سنڌ ۾ ٻوڏ واري صورت حال ۽ سياستدانن جو ڪردار​

sindh-flood-Reuters2-640x480.jpg
2z6dt37.jpg
علي نواز ٻٽ


سنڌ صدين کان آهي ۽ جيستائين هي جڳ آهي اوستائين رهندي، تاريخ جي ڊگھي سفر ۾ سنڌ سکي رهي آهي ۽ ڏکي به رهي آهي، هي ڪا پهرين ٻوڏ نه آهي، هن کان اڳ به سنڌ ۾ ٻوڏون آيون آهن، جن وسنشهر ويران ڪيا، انهن جي ويراني کان پوءِ سنڌين انهن شهرن کي ٻيهر آباد ڪيو يا وري نوان شهر وڃي ٻڌا. قدرتي آفتون، زلزلا، ٻوڏون، جتي تباهي ۽ بربادي آڻين ٿيون اتي اهي ڇڙوڇڙ ٿيل ماڻهن کي منظم ڪرڻ واري طرف راغب ڪن ٿيون، هر ماڻهو کي پنهنجي بچاءَ لاءِ سهارو گھرجي ٿو ۽ هرڪو ڪجهه نه ڪجهه ڪري ٿو.
سنڌو درياهه جي پاڻيءَ ۾ لاٿ اچي وئي آهي ۽ سمورن خابرو ماڻهن جي انهن خبرن ته سمنڊ ۾ چاڙهه آهي ۽درياهه جي پاڻيءَ کي سمنڊ جاءِ نه ڏيندو! کي غلط ثابت ڪري درياهه سمنڊ ۾ سمائجي رهيو آهي، جڏهن ته ٽوڙي بند کي ڏنل ڪٽ مان وهي سنڌو درياهه کان ڌار ٿيل پاڻي پنهنجي وڇوڙي جا ڏينهن ڪاٽي منزل لتاڙي منڇر ۾ داخل ٿي ويو آهي. جتان اهو واپس وڃي سنڌو درياهه جي پاڻيءَ سان ملندو ۽آخري منزل سمنڊ ڏانهن هليوويندو. ٻوڏ واري مسئلي تي ڪيئي بحث ٿيا آهن، سنڌ جي پاڻيءَ جي ماهرن جو چوڻ هيو ته ” جيڪو پاڻي ٻڌايو پيو وڃي اهو بند نه ٽوڙيندو رڳو چوڪيداري سسٽم ۽ ڪمزور جاين تي مشينري ۽ ماڻهن جو هجڻ ضروري آهي“. پر سڀ کان اڳ ۾ اوچتو ٽوڙي بند کي ڪٽ ڏنو ويو اها خبر عام اهي ته اهو ڪٽ فوجي عملدارن، سول آفيسرن، آبپاشي عملدارن ۽ حڪومت جي ڪارندن گڏجي ڏنو. سنڌ اندر ماضيءَ ۾ به ٻوڏون آيون آهن ۽ پاڻي جي صورت حال متعلق چڱي خاص معلومات انگريز سرڪار به ڇڏي وئي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته سنڌو درياهه جي بچاءَ بندن کان پاڻي وڌي وڃي ته ڪٿان ڪٿان اضافي پاڻي کي نيڪال ڪري سگهجي ٿو پر موجوده صورت حال ۾ انهيءَ تي عمل نه ڪيو ويو. نه رڳو انگريزن جي ڇڏيل نقشن ۽ بندن جوڙڻ وقت ٺاهيل اصولن تي عمل نه ڪيو ويو پر سنڌ جي پاڻي ماهرن جي راءِ تي به عمل نه ڪيو ويو. سنڌو درياهه ته پنهنجي پيٽ مان ٻوڙان ٻوڙ ڪندو وڃي سمنڊ ۾ نڪتو آهي پر سنڌو درياهه کي ڏنل ٽڪن واري پاڻيءَ وڏي تباهي مچائي ڇڏي آهي. انهي ڳالهه تي سنڌ جي گهڻائي جو اتفاق آهي ته ٽوڙي واري پاڻيءَ کي ايف پي بند جي مٿان گذاريو وڃي ها ته گهٽ کان گهٽ نقصان ٿئي ها! ڇو ته انهيءَ کي ٽي عدد دفاعي رستا هيا. 1: ايف پي بند ۽ ڊرين جي وچ وارو رستو، 2: ڊرين وارو رستو، 3: ڊرين ۽ سپريو جي وچ وارو رستو. انهيءَ جي لاءِ مشينري، آبپاشي عملو، ۽ عوامي سگهه جو استعمال ڪرڻ ضروري هيو. پاڻيءَ کي ڪيئن گذاريو ويو انهي لاءِ جيڪو طريقه ڪار اختيار ڪيو ويو ان لاءِ جيڪي اپاءَ ورتا ويا آهن انهن تي نظر وجھڻ ضرور آهي.
نادرمگسي صاحب تمام وڏي محنت ڪئي آهي ۽ پاڻيءَ سان دادو تائين گڏيو آيو ۽دادو جي نمائندن کي نيڪ صلاحون ڏنائين جن مان ڪن تي عمل ٿيو ۽ ڪن تي عمل نه ڪيو ويو. سوال اهو آهي ته جڏهن ڊرين جو پاڻي گھاڙ ۾ ڪاهي پيو ته انهيءَ کي ڇو بند ڪرڻ جو بندوبس نه ڪيو ويو ۽ گھاڙ کي ڏکڻ طرف ٽڪا ڏياريا ويا. ٻيو نصير بند ک لڳل روڻ کي بند ڪرائڻ لاءِ ڇو اپاءَ نه ورتا ويا؟ اها روڻ وڌي هڪ وڏو ڦاٽ ٿي پيو آهي ۽ اڃا تائين وهي رهيو آهي، گھاڙ واهه ۽ نصيري بند وارو پاڻي ڌامراهه تائين پهچائڻ کان پوءِ ميهڙ طرف ڪٽ ڏيڻ تي زور ڇو ڏنو ويو، ماڻهن مڙسي ڪئي ڌامراهه جا بند مضبوط ڪيا ۽سپريو جي بند کي به مضبوط ڪيو ۽ ميهڙ طرف پاڻي اچڻ جو ڪو به امڪان نه هيو پر پوءِ آبپاشي عملي جي ڪئمپ جي ويجھو رات جو اوچتو ٽڪو ڏنو ويو ، اهو ٽڪو ڪنهن ڏنو ۽ ڇو ڏنو؟ اهو روڻ نه آهي پر هٿرادو ٽڪو ڏنو ويو آهي اهو ڇو ڏنوويو؟انهي جي انڪوائري لاءِ ڇا ڪيو ويو؟ هاڻ سوال آهي ميهڙ جي بچائڻ جو ته ميهڙ کي بچائڻ لاءِ ٻن مشينن کان سواءِ ڪهڙو عملو، ڪهڙا ماڻهو ۽ ڪهڙي ڇيڙ ڪئي وئي آهي؟ سپريو کي لڳل ڪٽ واري ڦاٽ کي ئي ڇو ڇيڪ ڇڏيو ويو آهي؟ انهي کي بند ڪرائڻ لاءِ نادرمگسي صاحب يا علائقي جي چونڊيل ۽ اڻ چونڊيل نمائندن ڇو اپاءَ نه ورتا آهن، سنڌ حڪومت جا ماهر انهي حوالي سان ڇو خاموش آهن؟ ميڊيا ڇو انهي تي خاموش آهي؟ درياهه جو ٺٽي وارو گھارو بند ٿي سگهيو ٿي ته سپريو بند جو گھارو ڇو بند نٿو ٿي سگهي؟ سپريو بند گوزي شهر وٽ ختم ٿي وڃي ٿو، اتان خداواهه جو بند آهي جيڪو بند جو ڪم ڏيندو آهي، جڏهن پاڻي سپريو بند کان وڌيل هيو ته پوءِ خداواهه جي بندن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪهڙا اپاءَ ورتا ويا؟ جڏهن خداواهه وٽان روڻ پئي ته ڪهڙي مشينري اوڏانهن موڪلي وئي هئي؟ انهيءَ پاڻي کي ڇيڪ ڇڏيو ويو ۽ خيرپور ناٿن شاهه جيڪو ڪنهن به حساب سان ٻوڏ جي وهڪري کان پري هيو اهو ٻڏي ويو، هاڻ اهو پاڻي اڳتي ڪهڙا ڪهڙا شهر ٻوڙيندو اهو اڳتي جو سوال آهي، سيتا شهر کي خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي پر ٿوري ڪوشش سان سيتا کي بچائي سگهجي ٿو پر ڪو به عملدار يا نمائندو متحرڪ نظر نٿواچي. جڏهن ته سيتا طرف ڪو به پاڻي ڪونهي، پاڻي ته جوهي بئراج جي اتر ۾ آهي! ۽ سيتا ڏکڻ ۾ آهي پر جي حڪمران جوش ۾ اچن ۽ خيرپور ناٿن شاهه کان خداواهه جو ڪٽ بند ڪري وجھن ته سيتا شهر ڇو ٻڏندو؟ جيڪڏهن پاڻي ايترو وڌيو جو سيتا ٻڏي ويو ته پوءِ راڌڻ ۽ ٿرڙي محبت ڪيئن بچندا؟ اهي شهر به جوهي بئراج ۽ رائيس ڪئنال يا الهندي ناري جي وچ ۾ آهن، سنڌي پٽڙن جو شهر آهي ۽ ٻيا سوين ڳوٺ آهن.
هاڻ چيو ٿو وڃي ته دادو، خدا آباد، ڀان سعيد آباد، ڪڪڙ ۽ مخدوم بلاول جي شهر باغبان، محمود خان ۽ مٺڻ خان جي شهر ٽلٽي کي خطرو آهي، ڪي ته اهو به چون ٿا ته سيوهڻ کي به خطرو آهي! ايف پي بند کي ٻه ڪٽ ڏنا ويا آهن جن لاءِ چيو ٿو وڃي ته اهي روڻ ٻئي کنڊ لڳايا آهن، هڪ فريد آباد ويجهو، مارو ٺل وٽان ۽ ٻيو جوهي شهر کان هيٺ. چيو پيو وڃي ته حمل ڍنڍ جي صورت حال خطرناڪ ٿي وئي هئي، انهي ڪري اهي ڪٽ ضروري هئا، انهي تي پاڻي جا ماهر بحث ڪري سگهن ٿا. هاڻ بحث هلي رهيو آهي ته ته ڊرين (ڇنڊڻ) جا بند ڪمزور آهن ۽ منڇر جي سطح وڌيل آهي هن پاڻي سان اها اڃا وڌندي ان ڪري پاڻي کي باغبان جي سامهون يا خدا آباد ۽ ڀان جي وچ تي ڪٽ هنيو وڃي پر انهي تي رفيق جمالي، پير مظهرالحق ۽ سيد مراد علي شاهه ۾ اتفاق ٿي نه سگهيو آهي. چيو وڃي ٿو ته رفيق احمد جمالي صاحب وڏي مڙسي ڪئي آهي! هن ڪڪڙ کان خداآباد تائين ڇنڊڻ تي ماڻهو بيهاري ڇڏيا آهن! جيڪي رات ڏينهن چونڪي به ڏين ٿا ۽ بندن کي مضبوط به ڪن ٿا.هن جي تمام وڏي ڪوشش آهي ته سندس ڳوٺ به بچي ۽ بي ايڇ پي ڪمپني به بچي! ڏاڍي سٺي ڳالهه آهي پر ”جوهي“ شهر وارن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو هنن جي مدد نٿي ڪئي وڃي؟ بي ايڇ پي تي مشينون بيٺيون آهن، سرڪاري ڪامورا آهن، ماڻهو آهن، پر جوهي شهر لاءِ نه مشينون آهن ۽ نه وري سرڪاري ڪامورا ۽ آبپاشي جا عملدار آهن؟ جوهي جي شهرين کي ريڊ وارننگ ڏنل آهي پر هو نٿا لڏين! هنن وٽ مشينون آهن پر هنن وٽ جذبو آهي ته هي زنده رهي سگهن ٿا. پوڙها، ٻار، عورتون سڀ گڏجي بند ٻڌي رهيا آهن. واقعي اهو جذبو آهي جنهن سان منزل ماڻي سگهجي ٿي. هر مصيبت سان منهن ڏئي سگهجي ٿو. سنڌ جي ماڻهن کي ”جوهي“ شهر جي ماڻهن جهڙو جذبو پئدا ڪرڻو پوندو جنهن سان نه رڳو ٻوڏن جي مصيبت کي منهن ڏئي سگهجي ٿو پر سنڌ مٿان ايندڙ هر مصيبت کي منهن ڏئي سگهجي ٿو.
ايف پي بند، ڊرين ۽ سپريو جو پاڻي منڇر ۾ ڇوڙ ڪري چڪو آهي ۽ تمام وڏي تيز رفتاري سان اهو پاڻي منڇر ۾ داخل ٿي رهيو آهي، پاڻي کي ٻيو رستو ڏيڻ لاءِ رفيق احمد جمالي، پير مظهر الحق ۽ سيد مراد علي شاهه ۾ اتفاق نه ٿي سگهيو آهي. هاڻ بوبڪ ۽ آراضي ۽ آس پاس جي علائقن کي علائقا خالي ڪرڻ جي وارننگ ڏني وئي آهي، پر اڃا تائين ڇنڊڻ جا دروازا درياهه طرف کوليا نٿا وڃن، هي سمجھڻ جي ڳالهه آهي ته جيڪو پاڻي اڙل ۽ دانستر مان سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪري سگهي ٿو ته اهو ڇنڊڻ مان ڇو ڇوڙ نٿو ڪري سگهي؟ ڇا اها حقيقت آهي ته ڇنڊڻ وٽان درياهه جو پاڻي منڇر جي پاڻي کان مٿي آهي؟ يا ڇنڊڻ جي دروازن جا رسا ٽٽل آهن ۽انهن کي زنگ لڳل آهي اهو مٿي ٿي نٿا سگهن!! ڀلا جي پاڻي اڙل ۽ دانستر مان درياهه ۾ ويندو ته پوءِ ڇنڊڻ مان ڇو نه ويندو؟ پهريان چيائون ته لال باغ واري پاسي ٽڪو ڏينداسين، پوءِ وري چيو ويو ته پاڻي گهڻو آهي ڇنڊڻ جا دروازا کلندا ته پاڻي جي وهڪري جي ڪري نقصان گهڻو ٿي سگهي ٿو!
ڇنڊڻ ۽ دانستر يا اڙل ڀلا ڪم نه ڪن ته پوءِ ٻيو ڪو به ذريعو نٿو ٿي سگهي؟ واپڊا اٿارٽي وٽ ايڏيون وڏيون پسمپنگ مشينون رکيا آهن جو جيڪڏهن ڏهاڪو کن يا ضرورت تحت جيتريون گھرجن آڻي ڇنڊڻ، دانستر ۽ اڙل وٽان رکجن ۽انهن ذريعي منڇر جو پاڻي نيڪال ڪجي ته اهو با آساني ٿي سگهي ٿو انهن جو استعمال ڇو نٿو ڪيووڃي؟ ڇا حڪومت جي نمائندن جو مقصد سنڌ کي هروڀرو ٻوڙائڻ آهي؟
سنڌ اندر اهي خبرون تمام وڏي پئماني تي گردش ڪري رهيون آهن ته سنڌ جي وزير 12 کان 15 ڪروڙ، ايم پي اي ۽ ايم اين اي 5 کان 6 ڪروڙ ورتا آهن اهو پئسو حڪومت کين ڏنو آهي ته عوام جي خدمت ڪن، جن کي ڏوڪڙ نٿا ملن اهي ظلم ظلم، گھوڙا گھوڙا ڪن ٿا، جڏهن کين پئسا ملن ٿا ته خاموش ٿي وڃن ٿا. ٻي ڳالهه جيڪا عام آهي ته جيڪب آباد جو ايئربيس بچائڻ لاءِ هڪ ارب رپيا ۽ بي ايڇ پي ڪمپني کي بچائڻ لاءِ نوي ڪروڙ رپيا وزيرن ۽ مشيرن کي ڏنا ويا آهن، انهيءَ تي ڪنهن کي به اعتراض نه هجڻ گھرجي ته ايئربيس ۽بي ايڇ پي ڪمپني کي ڇو بچايو ويو؟ بلڪل بچڻ گھرجن، انهي تي جيترو خرچ ٿئي ڪرڻ گھرجي، پر سنڌ جي عوام ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو ان جي بچاءَ لاءِ ڪي خاص، اپاءَ نه ورتا ويا؟ ۽ اڃا تائين نٿا ورتا وڃن! سنڌ جا ماهر ميڊيا کي ٻڌائي چڪا آهن ته سنڌ جو گهٽ ۾ گهٽ ست سئو ارب رپين جو نقصان ٿي چڪو آهي ۽ اڃا ته پاڻي پيو ٿوڦري ۽ نقصان پيو ٿو ٿئي.
هاڻ اسان اچون ٿا سجاول واري ٻوڏ تي اڃا پاڻي سکر ۾ هيو ته سسئي پليجو صاحبه خواب ڏٺو ته ٻيلو شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقا ٻڏي ويندا، اهي خالي ٿيڻ گھرجن ۽ پوءِ شيرازين جي ناراض ٿيڻ جي ڪري ٻيلي شهر وٽان درياهه کي ٽڪو نه ڏنو ويو ۽ دڙو، ٻٺورو، جھوڪ، شاهه ڪريم وارا علائقا ٻڏي ويندا، پر پاڻي پنهنجو رخ ٻيلي ۽ سجاول شهرن ڏانهن ڪيو جيڪو جاتي کي ٻوڙيندو اڳتي وڌندو پيو وڃي. سوال اهو آهي ته هاڻ درياهه مان ڪهڙي بئراج کي خطرو هيو جو ائين ڪيو ويو؟ ماڻهو چون ٿا ته سجاول وارا علائقا نه ٻڏن ها ته وزيرن ۽ مشيرن کي گھربل رقم نه ملي ها! ڇتو چنڊ کان جيڪو کنڊ لڳو جنهن سان ٺٽو شهر ٻڏڻ جو خطرو هيو اهو وڏي سرڪار ڪوششون ڪري ٻڌرايو نه ته ٺٽي جو تاريخي شهر ٻڏي وڃي ها ۽ ٺٽي جو اولاهون حصو سڄو متاثر ٿئي ها، جنهن سان ور شحر وٽ ايئربيس به متاثر ٿئي ها، بهرحال هي کنڊ ٻڌجي ويو نه ته وڏي تباهي اچي وڃي ها. (هلندڙ) ( بشڪريه عوامي آواز )
ٻو_ڏ جي ستايل ماڻهن لاء ادل سومرو جي شاعري​
http://www.youtube.com/watch?v=R_2fGrvzBNo
 
Back
Top