مست
سينيئر رڪن
هڪ همراهه کي ڏاڍي بک لڳي۔۔۔ گڏ مهمان به هجنس، کيسي ۾ پنجاهه رپيا۔۔۔ هاڻي ڇا ڪري۔۔؟ هڪ مهمان ڏاڍو چالاڪ هجيس۔۔ ڳالهه سمجهي ويو، کانئس پڇا ڪيائين ته سڄي ڳالهه چٽي ڪري ٻڌايائينس، مهمان چيو اهو ڪو مسئلو ئي نه آهي۔۔۔ هل ته سهي پاڻ سڀئي ڪنهن مشهور هوٽل تي انهيءَ ئي پنجاهه رپين ۾ پيٽ ڀري ماني کائينداسين به۔۔ کڻنداسين به۔ همراهه کي خبر هئي پنهنجي مائٽ جي طبيعت جي۔ سو بسم الله ڪري ويا شهر جي مشهور هوٽل تي۔ پيٽ ڀري هوٽل تي ماني کاڌائون، هر ڪنهن لاءِ وري الڳ پارسل پيڪيٽ به ٺهرايائون۔
ان کان بعد ۾مهمان همراهه کان 50 رپيا وٺي انهن کي چيو توهان نڪرو مان بل ڏئي اچان ٿو۔۔
ٿوري دير ٽيبل تي ويٺل رهيو، جڏهن بيرو بل کڻي آيو ته بل ڏيڻ کان کتو جواب مليس۔۔ بيري هوٽل جي مينيجر کي سڏرايو، مينيجر به جواب ملڻ تي وري ٺڪاءُ پوليس واري کي سڏرايو۔۔۔ پوليس واري جي اڳيان به همراهه ساڳي ڳالهه ڪئي۔۔
پوليس وارو جيئن ئي هوٽل مان همراهه کي ٿاڻي وٺي وڃڻ لاءِ ٻاهر ڪڍي نڪتو، همراهه پوليس واري کي چيو مون وٽ نه ڪو رپيو اٿئي، نه ڪو مون کي جيل وٺي وڃڻ سان ڪجهه ملندئي۔۔ ٽي ڏينهن کان بکيو هئس ان ڪري هاڻي ان ئي پئسن سان مڙئي ڍوءِ ڪري ماني کاڌم۔۔ جيل وٺي وڃن سان توکي ڪو فائدو ناهي۔۔۔
پرديسي ماڻهو آهيان دعا ڏيندومانءِ۔۔۔۔ پوليس واري چيس، يار تنهنجي شڪل ڏسي رحم ٿو اچي، ڀلا خرچي ڪراءِ هتان ڦڙتي ٿي۔۔۔ همراهه کيس پنجاهه رپيا ڏئي اوڏي مهل روانو ٿيو۔۔ ان کي چئبو آهي ٿوري پئسن ۾ ماني کائڻجو صحيح طريقو۔۔۔