ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
وسندڙ شهر ويران ڪرين وسائين واهڻ

جڏهن 1965ع ۾ ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ پرائمري اسڪول حاجي لعل بخش شيخ ۾ داخلا ورتي تڏهن مون کي پوري سانڀر آهي، ٻلهڙيجي تاريخي ماڳ موهين جي دڙي کان ڏکڻ طرف ٽي ڪلوميٽر تي آهي ۽ اوڀر کان سنڌو درياهه آهي، هر سال درياهه موج ۾ ايندي ڪچو ٻوڙيندو هو، مون نصابي تعليم سان گڏ سياسي تعليم به مان اتان حاصل ڪئي آهي. 1980ع جي ڏهاڪي ۾ ٻلهڙيجي لٽل ماسڪو جي نالي سان مشهور هئي. 1970ع ۾ انور صاحب ايئر فورس ۾ پائليٽ هوندي شيخ مجيب جي حمايت ۾ خط لکيو جيڪو پڪڙجي پيو. انهيءَ وقت کيس پاڪستان جو غدار قرار ڏئي جيل موڪلي سزا ڏني وئي، سڄي عمر جي لاءِ سرڪاري نوڪري تي بندش وڌي وئي، اهڙي طرح 1983ع ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ جي دوران سکر ۾ ڊان اخبار جي رپورٽر جي حيثيت ۾ سخت رپورٽنگ ڪرڻ تي جيل موڪليو ويو. لطف پيرزادو ضياءَ جي مارشل لا دور ۾ سياسي هلچل ۾ 6 سيپٽمبر 1980ع ۾ ڪراچي جيل ۾ 15 ڪوڙا ۽ هڪ سال سزا ڪاٽي.
دهشت دم درياهه ۾ جت ڪڙڪو ڪن ڪري
توڏي تاڪڻ وچ ۾ مٿان وير وري (ڀٽائي)
اهڙي طرح طرح ٻلهڙيجي بچاءَ بند وٽ پاڻي ايندو هو جنهن ڪري ڳوٺ جا ننڍا وڏا ماڻهو خوش ٿيندا هئا، ڪچو سڄو آباد ٿيندو هو ۽ سر سبز ٿيندو هو، جوئر، ٻاجهري، ڪڻڪ، سرنهن، چڻا، مٽر، مطلب ته هر فصل ٿيندو رهيو درياهه جي ٻنهي پاسن وارا ماڻهو خوش ٿيندا هئا. درياهه لهي وڃن کان پوءِ کڏون ۽ ڍنڍون ڀرجڻ کان پوءِ ان ۾ وڏي مڇي ٿيندي هئي، جيڪي ڳوٺ جا ماڻهو ٽولن جي صورت ۾ ڄاريون ۽ ڪڙهيون کڻي نڪرندا هئا. چڻن جي پلي پٽڻ لاءِ عورتون ۽ ننڍا ٻار پڻ ٽولا ڪري نڪرندا هئا.
آءُ پاڻ پلي پٽيندو هيس، درياهه جي ٻنهي پاسي سرڪاري ٻيلا هوندا هئا، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ ماکي هوندي هئي، ان ٻيلن جي حفاظت لاءِ فاريسٽري ملازم موجود هوندا هئا. ڳوٺاڻا رسائي ڪري ماکي گڏ ڪندا هئا، ڪچي جا ماڻهو مال وند هوندا هئا، کير کپائڻ کي عيب سمجهندا هئا، مهمان ڪنهن وٽ لڙي ايندو هو ته ان کي نيرن تي ماکي مکڻ ضرور ملندو هو ۽ رات جو کير ڍَوَ تي ملندو هو، جڏهن ڳوٺن ۾ شاديون ٿينديون هيون ته هڪ ڳوٺ جا ماڻهو شادي لاءِ ٻئي ڳوٺ جي شادي واري ڄڃ لاءِ کير جون گهاگهرون ۽ دلا ڀري ڏيندا هئا، مان سمجهان ٿو ته سنڌ جي اندر جيڪا مهمان نوازي مشهور آهي اها سنڌو ندي جي حوالي سان آهي، هر سال پاڻي اچڻ کان مهينو اڳ ايريگيشن وارا بچاءَ بندن جي حفاظت لاءِ تياري ڪندا هئا ۽ سڏ پنڌ تي ڪچا منهه ٺاهي ٽن مهينن لاءِ هر سال ڪچا ملازم ڀرتي ڪندا هئا. پاڻي اچڻ کان پوءِ رات جو باقائدي چوڪيون ڏيندا هئا، لالٽين، بتيون هر ملازم وٽ هونديون هيون ۽ ٻوريون لڪڙا ڪاٺي جون ڇپرون ايمرجنسي لاءِ هر منهه تي موجود رکندا هئا ۽ وائرليس سسٽم هوندو هو متان ڪا بند کي روڻ پئي. درياهه ۾ موج دوران ڳوٺ جا ماڻهو به ايمرجنسي وارن جي مدد ڪندا هئا، پر پوءِ ڪنهن سال درياهه بادشاهه وڌيڪ مست ٿيندو هو يا گجگوڙ ڪندو هو ته ڪنهن سال گهٽ ايندو هو. مطلب هر سال ڪچو ضرور ٻوڙيندو هو. درياهه جي موج دوران ملاح ٻيڙين کي سڙهه ٻڌندا هئا. ملاح هڪ ٻئي کي هوشيار ڪري اطلاع ڏيندا هئا هن پاسي ڪن آهي هڪ ٻئي کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ۽ ايريگيشن وارا هر لحاظ جو بندوبست ڪندا هئا. ايتري قدر جو ڪو ڍور بند تي چڙهڻ نه ڏنو ويندو هو ۽ ڪا به بيل گاڏي يا ڪا به ٽرانسپورٽ بند تي منع ٿيل هئي. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته جيئن ٻيا سرڪاري ادارا تباهه ٿي چڪا آهن، اهڙي طرح ايريگيشن کاتو به تباهه ٿي چڪو آهي، جو درياهه جي حفاظت نه هجڻ ڪري سڄي سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ٽوڙي بند ٽٽڻ سان درياهه جو رخ تبديل ٿيندو ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد، شهدادڪوٽ، قمبر، دادو آخر ۾ ڄام شوري تعلقي جي سيوهڻ منڇر پهتو آهي. اهڙي طرح بلوچستان جي ضلعي جعفرآباد ۽ جهل مگسي درياهه پنڌ ڪري پهتو، جنهن جو ماڻهو تصور نه ٿو ڪري سگهي ته درياهه هيڏانهن ايندو؟ منهنجي خيال ۾ درياهه بادشاهه پنهنجي ميار لاهيندي هنن ضلعن جو پنڌ ڪيو آهي ڇو جو هنن ضلعن ۾ ماڻهو احتجاج ڪندا هئا ته اسان وٽ پاڻي ڪو نه آهي. سنڌ جو هر سياسي سماجي اديب دانشور ۽ هر ڏاهو ماڻهو درياهه کي ميار ڏيڻ لڳو ته تو کي ايئن ٿيڻُ هو ته اسان جي سهڻي ۽ ميهار کي پنهنجي ڪنن ۾ ڇو لوڙهيو هيئي؟ ڇو ته 20 سالن جي عمر وارن نوجوانن کي درياهه جو ايترو وڌڻ جو تصور به نه هو، ڇو ته انهن صرف درياهه ۾ واري اڏامندي ڏٺي هئي پر 2009 ۾ اڳ ڪٿي ڪئي وئي هئي ته 2010 ۾ وڏي برسات پوندي، ملڪ ۾ ٻوڏ ايندي، اسان جي سرڪار ۽ ايريگيشن وارن ڪن لاٽار ڪري ڌيان نه ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ عام مسڪين ماڻهن لاءِ قيامت اچي وئي. ڪيترن ڳوٺن جا ماڻهو لڙهي ويا ۽ ڪنهن جا مال متاع ۽ ڪنهن جا گهر گهاٽ ۽ قيمتي سامان لڙهي ويا، پر ان جو 20 سال اڳ جيان بندوبست ٿئي ها ته اهڙو ڪلور نه ٿئي ها. درياهه جي اندر پڪا گهر ٺاهي بند جي مٽي ڪڍڻ جي ڪري بند ڪمزور ٿي پيا جنهن جي ذميواري ايريگيشن کاتي تي اچي ٿي، جيڪي به شهر بچيا آهن، اهي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ ڪري بچايا آهن. شهدادڪوٽ ۾ پاڻي جڏهن آيو ته 9 کان 10 فوٽ پاڻي هو اسان جي چونڊيل نمائندن پاڻ ملهايو ان ۾ خوراڪ واري وزير مير نادر خان مگسي، رميش لال ۽ ٻين شهر جي سماجي سياسي ۽ شهر وارن وڏي همت کان ڪم ورتو، اهڙي طرح شهر بچايو ويو جتي به شهرين همت ڪئي ته اهي شهر بچي ويا آهن. مان ته ايئن چوندس ته حڪومت پاڻ مرادو نوٽيس وٺي انهن ذميوار ماڻهن کان پڇاڻو ڪري متاثر ماڻهن جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪري، حڪومت هن حالتن کي سامهون رکي آزاد ڪميشن ٺاهي تحقيقات ڪري ته آئنده اهڙا واقعا پيش نه اچن ۽ اهڙي حڪمت عملي جوڙي جنهن سان قدرتي آفتن کي منهن ڏئي سگهجي.
نه سي وونئڻن وڻن ۾ نه سي ڪاتياريون
پسو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي (ڀٽائي)
پسو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي (ڀٽائي)