• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بک انقلاب يا ڏوھن کي جنم ڏيندي آھي:بشير قريشي

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
حيدرآباد (پ ر ) جسقم چيئرمين بشير خان قريشي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، آصف بالادي، فقير امداد منگي، ڪيھر انصاري، ساگر حنيف بڙدي، نجف لغاري ۽ نعيم منڌرو چيو آھي ته اھا تاريخي حقيقت آھي ته بک انقلاب کي جنم ڏيندي آھي يا وري ڪرائيم کي، حڪمرانن جي وڌ کان وڌ اھا ڪوشش آھي ته ٻوڏ متاثر انقلابي راهه کان پري رھن، اھو ئي سبب آھي جو متاثر ڪئمپن ۾ ڪا به ترتيب ناھي ۽ سموري دنيا ۾ ميڊيا جي ذريعي سنڌين جو تھذيب پڻو ڪئمپن ۾ ڏيکاريو پيو وڃي، پنجاب ۾ جيڪڏھن ٻوڏ متاثرن کي ترتيب سان رھايو ويو آھي پوءِ سنڌ ۾ آخر ڇو نه ٿو رھايو وڃي، سنڌي ساڃاهه وند سياسي پارٽين کي گھرجي ته ٻوڏ متاثر ماڻھن کي ڪرائيم ۽ انارڪي جي راهه تي ھلڻ بدران انقلاب ۽ ترقي جي راهه تي ھلائڻ لاءِ حڪمت عمليون جوڙين، ھوڏانھن ڪشمور ۾ جسقم اڳواڻ ارصلاح کوسي کي تشدد جو نشانو بڻائيندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ جسقم پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ڪاوش
 
Back
Top