فيصلن ۾ دير جي اڏيءَ تي چڙهيل دادو، منڇر، خيرپور ناٿن شاهه!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏16 سيپٽمبر 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ٻوڏ جو پاڻي، جيڪو ٽوڙي بند کان هليو هو، سو هن وقت دادو ضلعي ۾ ڦاسي پيو آهي. خيرپور ناٿن شاهه ۾ پاڻي ڏينهون ڏينهن چڙهي رهيو آهي، پر ان کي دڳ ڏيڻ جو اڃا تائين ڪو فيصلو ناهي ٿي سگهيو. منڇر واري معاملي کي ڪيئن حل ڪجي؟ اهو سوال به هي سٽون لکجڻ تائين اڻ جوابيل آهي. پاڻي کي رستو نه ڏيڻ جا ڪهرا نتيجا نڪرندا، ان لاءِ اسان کڻي ڪجهه نه به چئون، پر خود حڪومتي ڌر جا وزير به چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن پاڻي جي نيڪال جا وقتائتا فيصلا نه ڪيا ويا ته ڪو وڏو نقصان به ٿي سگهي ٿو، يعني دادو شهر به ٻڏي سگهي ٿو. خدا نه ڪري جيڪڏهن منڇر مان پاڻي نيڪال جو ڪو ترت فيصلو نٿو ٿئي، ۽ ان جو ڪو بند ٽٽي ٿو پئي ته پوءِ اڃا به وڌيڪ نقصان ٿي سگهي ٿو.

    دادو ضلعي سان لاڳاپيل ان معاملي تي ڪجهه ڏينهن کان وڏي وزير صاحب جو دادو جو دورو رٿيل هو، جيڪو ملتوي ٿيندي ٿيندي نيٺ ڪالهه ان دوري عملي روپ ورتو. فضائي دورا ڪيا ويا ۽ ضلعي ۾ چونڊيل نمائيندن سان گڏجاڻيون به ٿيون. ان کان اڳ وڏي وزير پاران جوڙيل ڪاميٽيءَ فضائي دورا ڪيا، ان پنهنجيون سفارشون به ڏنيون. ايترن فضائي دورن کان پوءِ جيڪا گڏجاڻي ٿي آهي، ان جون ابتدائي خبرون اهي آهن ته ”دادو جا ماڻهو سک جي ننڊ ڪن.“ گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ وزيرن ميڊيا کي اها بريفنگ ڏني ته تفصيلي فيصلي جو اعلان وڏو وزير پاڻ ڪندو. پر ”سنجيدگي“ جو عالم اهو هيو، جو وڏو وزير صاحب ڪنهن فيصلي جو اعلان ڪرڻ کان سواءِ دادو مان خيرپور ميرس روانو ٿي ويو. سمجهه ۾ نٿو اچي ته ان کي ڇا سمجهجي؟ اهو سمجهجي ته ڪو فيصلو به ٿيو آهي يا ڪو به فيصلو ناهي ٿيو؟ جيڪڏهن ڪو فيصلو ٿيو آهي ته ان جو اعلان ذميوار وزيرن پاران ئي ڪرائي سگهجي پيو. وڏي وزير صاحب وٽ جيڪڏهن وقت نه هو ته هو انهن وزيرن کي فيصلي جي اعلان جا اختيار ڏئي ڇڏي ها. ان سان ڪهڙو فرق پئي ها؟

    وڏي وزير صاحب ته فيصلي جو ڪو اعلان نه ڪيو، پر چيو وڃي ٿو ته وڏن شهرن کي بچائڻ لاءِ ننڍين آبادين مان پاڻيءَ کي رستو ڏيڻو پوندو. هيءَ اها ئي ڳالهه آهي، جيڪا اسان هنن ئي صفحن تي ڪيترا ڀيرا ڪندا رهيا آهيون ته جڏهن ڪو نقصان اڻٽر ٿي وڇي، ۽ لازمي طور ڪٿان نه ڪٿان پاڻيءَ کي رستو ڏيڻو پئي ته پوءِ ڪنهن اهڙي آپشن جي چونڊ ڪجي، جتان گهٽ کان گهٽ نقصان ٿئي. يقينن جيڪا به آبادي متاثر ٿيندي، اهو ڪو سٺو لقاءُ ڪونهي، انسان ته انسان ئي هجن ٿا، اهي ننڍن ڳوٺن ۾ رهندڙ هجن يا وڏن شهرن ۾، پر جتي گهٽ آبادي هوندي، ان کي خود حڪومت لاءِ سنڀالڻ به سولو هوندو. لکين ماڻهن جي آبادين وارا شهر ٻڏڻ کان پوءِ ته حڪومت جي وس ۾ به نٿو هجي ته انهن جي ڪيمپن کي سنڀالي سگهي. اسان ٻي ڳالهه اها به ڪندا رهيا آهيون ته ايمرجنسيءَ جي ڏينهن ۾ سيڪنڊ سيڪنڊ قيمتي ۽ فيصلا ڪن هوندو آهي. ڇاڪاڻ جو ان سان سڌو سنئون انساني زندگيون جڙيل هونديون آهن، انساني آبادين جو مستقبل داءَ تي لڳل هوندو آهي. اهڙن موقعن تي ته اهو انتظار به ناهي ڪبو ته ڪورم پورو آهي يا ناهي، ڪير اڳئين سيٽ تي ويٺو آهي، ڪنهن کي پوئين سيٽ نصيب ٿي آهي، اهي سمورا پروٽوڪول اهڙن موقعن تي ڪا به معنيٰ ناهن رکندا. اهو به ضروري ناهي هوندو ته هروڀرو صوبائي چيف ايگزيڪيوٽو ان ضلعي ۾ پهچي گڏجاڻين بعد ڪي فيصلا ڪري، جيڪڏهن ان وٽ وقت ناهي، ان جون ڪي ٻيون مصروفيتون آهن ته هو گڏجاڻي ڪراچيءَ ۾ گهرائي به ڪي فيصلا ڪري سگهي ٿو. ٻي ڳالهه اها ته گڏجاڻيءَ ۾ سياسي ماڻهو ڀلي شريڪ ٿين، پر فيصلا نج فني بنيادن تي ٿيڻ کپن. جيڪي بدقسمتيءَ سان هن وقت تائين قطعي به ناهن ٿيا، جيڪي به فيصلا ٿيا آهن، سي سياسي بنيادن تي ٿيا آهن، جنهن ڪري ايترو گهڻو نقصان ٿي ويو آهي. جيڪڏهن فيصلا فني بنيادن تي ٿيڻا هجن ته پوءِ وڏي وزير کي پاڻ دادو اچڻ جي به ضرورت نه پئي، جو هو فني ماهرن تي مشتمل پنهنجي ڪنهن ٽيم کان راءِ وٺي فيصلا ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن سياست کي ملوث ڪبو ته پوءِ ايئن ئي ٿيندو، جيئن خيرپورناٿن شاهه سان ٿيو. اهو شهر ته جيڪو ٻڏو سو ٻڏو، پر هن وقت ان شهر ۾ جيڪو پاڻي ڦاسي بيهي رهيو آهي، ۽ ان کي ڪو رستو ڏيڻ لاءِ هي سٽون لکجڻ تائين ڪو به فيصلو ناهي ٿيو. اتي پاڻيءَ ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي، لکن جي آباديءَ واري ان شهر ۾ هن وقت ايئن ٻيڙيون هلي رهيون آهن، ڄڻ اهو ڪو شهر نه، پر صدين کان موجود درياهه هجي. بي حسي ته اها آهي، جو ان جي آسپاس جيڪي شهر آهن، انهن کي جيڪڏهن ڪو خطرو ٿئي ٿو ته چون ٿا انهن جو پاڻي به خيرپور ناٿن شاهه ۾ ڇڏيو وڃي، جو اهو شهر ته هونءَ ئي ٻڏي ويو آهي.

    جيڪو شهر فيصلن جي اهليت نه هجڻ سبب ٻڏو آهي ته ڇا ان کي مڪمل طور تباهه ٿيڻ کان بچائڻ جي ڪا به ڪوشش نه ڪجي؟ ڇا اها ڪوشش نه ڪجي ته اتي وري ڪا انساني آبادي ٿي سگهي؟ اهي ماڻهو، جيڪي هن شهر مان تڙجي ڪيمپن ۾ اذيت واري زندگي گذاري رهيا آهن، ڇا انهن جي واپسيءَ جا سمورا دروازا بند ڪري ڇڏجن؟ آمريڪا ۾ ڪترينا طوفان کان پوءِ جيڪي انساني آباديون تباهه ٿيون هيون، ڇا انهن کي بيهر آباد ڪرڻ لاءِ ڪي به ڪوششون نه ٿيون؟ اتي به اهو سوچي سگهجي پيو ته شهر ٻڏي ويا، آمريڪا وٽ تمام گهڻي ايراضي آهي، اتان جي ماڻهن کي ٻئي ڪنهن هنڌ آباد ڪري وٺو. پر ايئن ڪٿي به ناهي ٿيندو. شهر رڳو گهرن، بازارن ۽ درن دروازن جو نالو ناهن هوندا. شهرن کي ته تاريخ ٺاهيندي آهي، ۽ شهر وري ڪي تاريخون ٺاهيندا آهن. جيستائين خيرپور ناٿن شاهه جو تعلق آهي ته ڇا ان جي اها تاريخ اڄوڪي حڪومت کان وسري وئي آهي، جڏهن ان شهر جا رهندڙ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ گولين اڳيان ٿي بيٺا هئا. هڪ ننڍڙي ئي سهي، پر ان شهر تاريخ ته ٺاهي. هن وقت ان شهر جا رهواسي وڏن شهرن جي ڪيمپن ۾ دربدر آهن، اهي روز مظاهرا ڪري رهيا آهن ته انهن جي شهر مان پاڻي نيڪال ڪرڻ جو بندوبست ڪريو ته هو ڪيمپن واري اذيت ڀري زندگيءَ کان واپس ٿي پنهنجي ڊٺل گهرن کي ٻيهر اچي آباد ڪن.

    ڪاوش ايڊيٽوريل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو