• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پاڪستاني عوام کي جمهوريت يا مارشل لا سان مطلب ناهي:مشرف

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف چيو آهي ته مختلف مسئلن ۽ ڏکيائين جو شڪار پاڪستاني عوام کي ان سان ڪو به مطلب ناهي ته ملڪ ۾ مارشل لا آهي يا جمهوريت آهي، جمهوري نظام کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ عوام کي سجاڳ ٿيڻو پوندو، هڪ انٽرويو ۾ پرويز مشرف چيو ته ڪنهن به ملڪ ۾ مارشل لا عارضي نظام هوندو آهي، اصل شيءَ جمهوريت آهي، پاڪستان ۾ جمهوري نظام آهي ۽ جمهوري نظام جاري رهڻ گهرجي، هن چيو ته عوام ملڪ ۾ مجموعي ترقي، خوشحالي، ناانصافي، غربت، جهالت، بيروزگاري، مهانگائي ۽ معاشي ڏکيائين جو خاتمو چاهي ٿو، عوام نه ٿو ڏسي ته ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو آهي يا جمهوري نظام آهي.



 
Back
Top