ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
شاه جي ڪلام ۾ سندس شخصيت جو عڪس
پهرين وڃان لوءِ، پوءِ مر پڄنم ڏينهڙا.
شاه جي زماني ۾ عربي ۽ فارسيءَ کي شرف حاصل هو. شاه، سنڌي زبان کي شاعرانه پرواز ڏيئي، پنهنجي حب الوطنيءَ جو ثبوت ڏنو. سنڌي ٻولي، سنسڪرت جي فاسد يا بگڙيل صورت آهي، ۽ ان جو بنيادي طرح، عربيءَ ۽ پارسي سان ڪوبه تعلق ڪونهي. البت، پارسي ۽ عربيءَ جو مٿس اثر ٿيو آهي. شاه جي سنڌي، تلفظ ۽ نحوي بناوتن جي لحاظ کان، پراڪرت کي نهايت ويجھي آهي؛ ۽ ساڳئي وقت، منجھس پارسي ۽ عربي ٻوليءَ جي به نهايت سهڻي نزاڪت ۽ رونق آهي. هن صاحب جي ٻوليءَ ۾ هندن توڙي مسلمانن جي تهذيب ۽ تمدن جو لحاظ رکيل آهي، جا هڪ وڏي قومي خدمت آهي. مثلن، شاه جي هيٺئين بيت جو لباس سنسڪرتي آهي ۽ منجھس سمايل خيال ويدانتي:
ڪوڙين ڪايائون تنهنجون، لکن لک هزار،
جيُ، سڀڪنهن جي سين، درسن ڌارو ڌار،
پريم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪئن چئان.
جيُ، سڀڪنهن جي سين، درسن ڌارو ڌار،
پريم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪئن چئان.
وري هيٺئين بيت جو ويس عربي ۽ پارسي آهي ۽ خيال صوفياڻو:
پاڻهين جل جلاله پاڻهين جان جمال،
پاڻهين صورت پرينءَ جي، پاڻهين حسن جمال
پاڻهين صورت پرينءَ جي، پاڻهين حسن جمال
شاه، شعر جي نظم ڪرڻ ۾ به، حب الوطني ڏيکاري آهي. سنڌي شاعر پنهنجو شعر اڪثر علم عروض تي ٿا ٻڌن، پر شاه، وزن (دوهي) جي باري ۾ به، ديسي نمونو ورتو. اهڙي طرح، پاڻ کي هڪ ڌارئي ۽ مصنوعي طريقي کان آزاد رکيائين. هندستان جي مشهور سنتن جون ٻاڻيون، دوهرن ۾ لکيل آهن ۽ شاه به اهو ساڳيو طريقو اختيار ڪيو؛ پر دوهري ۾ نيون ۽ نهايت نزاڪت واريون تبديليون آندائين. شاه کي ”سنڌ جو حافظ“ ڪري سڏيندا هوا. سو شايد اِنهيءَ ڪري جو شاه، سنڌين کي اَهڙو پيارو آهي، جھڙو ايرانين کي حافظ، ۽ ”ديوان حافط“ اَهڙوئي الهامي ڪتاب آهي، جھڙو ”شاه جو رسالو“؛ ورنه حافظ ۽ شاه هم خيال شاعر ناهن، نڪي ڪي شاه، حافظ وانگر غزل چيا. شاه، روميءَ جو شايق هو ۽ روميءَ جي مثنوي هميشه ساڻ هوندي هيس. چاهي ها ته پنهنجو شعر، مثنويءَ جي صورت ۾ چئي سگھيو ٿي، پر سندس حب الوطنيءَ جي جذبي کيس اِئين ڪرڻ نه ڏنو. تنهن هوندي به سندس ڪلام ۾ اَهڙي مستي آهي، جھڙي روميءَ جي ڪلام ۾، خمار هميشه شراب مان پيدا ٿيندو آهي ۽ نه پيالي مان؛ ته به شراب کي جھلڻ لاءِ پيالو ضرور گھرجي.
مستي ز باده مي رسد و از اياغ نيست
هر چند باده را نتوان خورد بي اياغ.
(اقبال
هر چند باده را نتوان خورد بي اياغ.
(اقبال
شعر آهي شاعر جي دل جو پاڻي، جو ڪهڙي به پيالي (نظم) ۾ پنهنجو جور نه وڃائيندو. شاه، دوهري ۾ به اهڙي شاعرانه نزاڪت ۽ خيالات جي بلندي رکي سگهيو آهي، جھڙي روميءَ مثنويءَ ۾ ڏيکاري آهي.
شاه جي سنڌيءَ سان ايتري ته محبت هئي، جو ڪٿي به پارسي شاعر جي ڪابه تڪ، تضمين طور پنهنجي ڪلام ۾ نه آندي اٿس. ٻيا شاعر ڇڏيو پر رومي۽ جي مثنويءَ مان به، ڪوبه سخن، تضمين طور نه کنيو اٿس، جيتوڻيڪ روميءَ سان بيحد محبت ۽ عزت هئي. رومي ئي آهي، جنهن جو نالو پنهنجي شعر ۾ آندو اٿس؛ پر هن جي فيلسوفيءَ کي به سنڌي لباس پهرايو اٿس:
طالب ڪثر، سونهن سر، اِي رومي جي رهاڻ،
پهرين وڃائڻ پاڻ، پسڻ پوءِ پرين کي.
(سر يمڻ ڪلياڻ)
پهرين وڃائڻ پاڻ، پسڻ پوءِ پرين کي.
(سر يمڻ ڪلياڻ)
سر در قدم يار فدا شد چه بجا شد، وصل اهوئي ونگ.
رڳو هڪ ئي هنڌ، شاه ڪجھه نهايت مختصر پارسي پنهنجي شعر چئي آهي:
بر خيز بده ساقي، پيار کي پرين.
(سر يمڻ ڪلياڻ)
(سر يمڻ ڪلياڻ)
شاه، سماع تي فدا هو ۽ هندستان جي گائن وديا جو اونهو علم هوس. سندس جدا جدا سرن تي هندستاني راڳن ۽ راڳڻين جا نالا رکيل آهن، جنهن مان سندس حب الوطنيءَ جو ثبوت ملي ٿو. البت، رسالي جي ڪن سرن تي، اُنهن جي مضمونن جي مدنظر نالا رکيل آهن، پر اهي مضمون خود ديسي آهن ۽ شاه جي وطن پرستيءَ تي ڪافي روشني اُڇلين ٿا. هر هڪ سر، داستانن ۾ ورهايل آهي ۽ هر هڪ داستان جي پٺيان وائي آيل آهي. ”وائي“ شاه جي ايجاد ڪيل آهي، پر اُن جي بناوت هندستاني ٺمريءَ جھڙي آهي. ”سر حسيني“، جنهن ۾ شاه سسئَي جي درد ناڪ صدائن ۽ سياپن جو ذڪر ڪيو آهي، سو هڪ مشهور عربي ۽ فارسي سر آهي، پر اهو سر به هندي گائن وديا ۾ جذب ٿي ويو آهي.
شاه، تشبيهون به اُهي ڪم آنديون آهن، جي ديسي حالتن مطابق آهن. شاه جي محبت هئي سنڌ ۽ سنڌ جي شين سان. هو، گل ۽ بلبل جي عشق کي ڇڏي، ڪونر ۽ ڀونر جي پريم جي مهما ٿو ڳائي. مطرب جي بجاءِ ”چارڻ“ کي شرف ٿو ڏئي. باد صبا جي بجاءِ ڪانگل ۽ قمر کي قاصد ٿو ڪري. شراب ۽ ساقيءَ کي وساري، ڪلاڙ ۽ ڪڪوه جي واکاڻ ٿو ڳائي.
شاه جي سونهن ۾ سرس ۽ سورميون، بزم يا محفل ۾ نمائش جي لاءِ نٿيون اچن، پر هو آتڻ منجھه ويهي، بلبلن وانگر لاتيون ٿيون لنون. شاه جي رڳ رڳ ۾ وطني پريم سمايل هو. شاه جي ڪلام ۾ شيخ شبلي ۽ شيخ صنعان جو نالو به ڪونهي؛ هو پنهنجي ديس جي جوڳين ۽ سنياسين تي مست آهي. شاه، هندستاني ڪوين وانگر، اِستريءَ کي عاشق بڻائي، سندس دل جي اُمنگن جي ترجماني ڪئي آهي. ايراني شعر ۾ مجنون ۽ فرهاد جون، ۽ مومل، مجنون جون سڪون ٿي لاهي. سورمين جي سيرت نگاريءَ ۾ به شاه هندستاني دستور موجب هليو آهي ۽ پارسي شاعرن جو نمونو هرگز نه ورتو اٿس.
ڪيترن ئي شاعرن، وطن پرستيءَ جا نهايت سهڻا خيال ظاهر ڪيا آهن. پر شاه جيڪا مارئيءَ جي ويس ۾ وطني حب ظاهر ڪئي آهي، تنهن ۾ جادوءَ جھڙو تاثير آهي. شيڪسپيئَر، انگلنڊ کي هڪ ”بي بها هيرو“ ٿو سڏي، جو ”چانديءَ جھڙي سمنڊ“ ۾ جڙيو پيو آهي. شاه، وطن جي خاڪ کي تاتار جي مشڪ ۽ وطن جي پاڻي کي آب ڪوثر کان وڌيڪ ٿو سمجھي. پنهنجي وطن جي خاڪ ۾ دفن ٿيڻ، سندس نظر ۾ ابدي حياتي ماڻڻ آهي. ”سر ڪاپائتي“ ۾ شاه چرخي چورڻ جو پرچار ڪيو آهي، جو قوم جي آسودگيءَ جو هڪ اهم وسيلو آهي. سنهي سُٽ جي ڀيٽ ۾، ماڻڪن کي به تڇ ٿو سمجھي.
جي ماڻڪ موٽائين، توءِ ملهه اُن جو.
ململ منجھان، ماءِ! جي سکيون، تن سون ڪيو.
ڪي اوبين عرب ۾، ڪي ڪابل منجھه ڪتن،
سٽ اُن جو سڦڙو، مٽيو ماڻڪن
سٽ اُن جو سڦڙو، مٽيو ماڻڪن
”سر سارنگ“ ۾ ساري عالم جي آبادي ۽ آسودگيءَ لاءِ دعا ٿو پني. پنهنجي پياريءَ ۽ مٺيءَ سنڌ کي دليون دعا ٿو ڪري. سارنگ جي مرحبا ڪندي چوي ٿو:
اڄ منهنجي يار وسڻ جا ويس ڪيا.
شاه، سارنگ ۾ پنهنجو پرين ٿو پسي، جو ”رب العالمين“ آهي ۽ جو ڪنهن به ديس کي پنهنجي نوازش کان محروم نٿو رکي. سارنگ جي ورکا رڳو سنڌ تي نٿي ٿئي، پر سڀني ملڪن تي. شاه، ساري عالم، پر خاص طرح سنڌ لاءِ، حق جي درگاه ۾ دعا ٿو پني:
موٽي مانڊاڻ جي، واري ڪيائين وار،
وڄون وسڻ آئيون، چوڏس ٿي چوڌار،
ڪي اُٿي ويون استنبول ڏي، ڪي مڻيون مغرب پار،
ڪي چمڪن چين تي، ڪي لهن سمرقندين سار،
ڪي رمي ويئيون روم تي، ڪي ڪابل قنڌار،
ڪي دهليءَ، ڪي دکن ڪي گڙن مٿي گرنار،
ڪنهين جنبي جيلسمير تان، ڏنا بيڪانير بڪار،
ڪنهين ڀڄ ڀڄائيو، ڪنهين ڍٽ مٿي ڍار،
وڄون وسڻ آئيون، چوڏس ٿي چوڌار،
ڪي اُٿي ويون استنبول ڏي، ڪي مڻيون مغرب پار،
ڪي چمڪن چين تي، ڪي لهن سمرقندين سار،
ڪي رمي ويئيون روم تي، ڪي ڪابل قنڌار،
ڪي دهليءَ، ڪي دکن ڪي گڙن مٿي گرنار،
ڪنهين جنبي جيلسمير تان، ڏنا بيڪانير بڪار،
ڪنهين ڀڄ ڀڄائيو، ڪنهين ڍٽ مٿي ڍار،
اچي عمر ڪوٽ تان، وسايا ولهار،
سانئَيم! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،
دوس! مٺا دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين
سانئَيم! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،
دوس! مٺا دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين
شاه صاحب جي اخلاقي سکيا جو بنياد تواضع آهي. تواضع سڀني گڻن ۾ مول گڻ آهي. نئڙت جي صاحب کي صبر، شڪر، صداقت ۽ ساري مخلوقات سان همدردي ۽ محبت ضرور هوندا. شاه، قدرت جي هر هڪ چيز کي اخلاقي نگاه سان ڏسي ٿو. سندس نظر ۾، جيڪي خاڪ ۾ آهي، سو ٻيءَ ڪنهن به چيز ۾ ناهي.
سو نه ڪنهن شي ۾، جيڪي منجھه تراب
(سر سهڻي)
(سر سهڻي)
پايو منهن مونن ۾، غربت ساڻ گذار،
مفتي منجھه وهار، ته قاضي ڪانيارو ٿئين.
(سر يمڻ ڪلياڻ
مفتي منجھه وهار، ته قاضي ڪانيارو ٿئين.
(سر يمڻ ڪلياڻ
غرور واري انسان جي صحبت کان هميشه ڪنارو ڪجي، ڇو ته اُن مان مورڳو اخلاق کي ضرر رسندو.
لاتيون جي لباس جون، سي ڇپائي ڇڏ،
”آئون“، ”اسين“ ڪن جي، پاسي تن م اَڏ.
(سر آسا) ڪينو ڪيرائيندڙ آهي ۽ کميا اڏيندڙ. کمندن جي هر حال ۾ سوڀ آهي ۽ هوڏين جي هار. ويڻ ڏيندڙ کي ورندي ته ڏيڻ آهي نجس نفس کي نهوڙڻ. هاديءَ جي هدايت اِها ئي آهي:
سڻي ويڻ ڪنن سين، ورائج م وري،
هاديءَ جي هدايت جي، اِي ڳري،
تن سڄي ساه سري، جن ماريو نفس ماٺ سين.
(سر يمڻ ڪلياڻ)
هاديءَ جي هدايت جي، اِي ڳري،
تن سڄي ساه سري، جن ماريو نفس ماٺ سين.
(سر يمڻ ڪلياڻ)
ڏمر پاسو ڏک سين، کاند کٿوري هوءِ.
(سر يمڻ ڪلياڻ)
(سر يمڻ ڪلياڻ)
ڇپر ڪين ڏئي، سوکڙيون ستن کي.
(سر کاهوڙي)
(سر کاهوڙي)
ڪي تران ڪي تار مون، ڪي سگھان ڪي سگھه.
(سر سهڻي)
(سر سهڻي)
ويٺلن ناه وراڪو، ستين ڪونهي سنگ،
هوت هلندن کٽيو، جن انگن چاڙهيو انگ.
(سر سسئي آبري)
هوت هلندن کٽيو، جن انگن چاڙهيو انگ.
(سر سسئي آبري)
سمنڊ جي سيوين، تنين ماڻڪ ميڙيا،
ڇلر جي چوئين، تن سانکوٽا ۽ ستيون.
(سر سريراڳ)
ڇلر جي چوئين، تن سانکوٽا ۽ ستيون.
(سر سريراڳ)
سوره مرين سوڀ کي، دل جا وهم وسار.
(سر ڪيڏارو)
(سر ڪيڏارو)
نڪو سک نکٽين، نه ويساند نئَين،
جيڪا اَچئي سامهين، ڀائين سا سئين،
موڙي ڪوه مئين؟ جئن سڄيون راتيون سمهين؟
(سر سريراڳ)
جيڪا اَچئي سامهين، ڀائين سا سئين،
موڙي ڪوه مئين؟ جئن سڄيون راتيون سمهين؟
(سر سريراڳ)
پره ڦٽي، رات گئَي، جھيڻا ٿيا نکٽ،
هاري! ويءِ وٽ، گھڻا هڻندينءِ هٿڙا.
(سر ڏهر)
هاري! ويءِ وٽ، گھڻا هڻندينءِ هٿڙا.
(سر ڏهر)
لک مڙيئي لٽيا، هنهين ويا هزار،
تو کي آرس اَکڙين ۾!
(سر سريراڳ)
تو کي آرس اَکڙين ۾!
(سر سريراڳ)
وکر وهائين لوڻ، رنگ کٿوري گھرين!
(سر سريراڳ)
(سر سريراڳ)
آدمين اِخلاص، مٽائي ماٺو ڪئَو،
هاڻ کائي سڀڪو، ماڙهونءَ سندو ماس.
(سر ڏهر)
هاڻ کائي سڀڪو، ماڙهونءَ سندو ماس.
(سر ڏهر)
وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن، ماڙهنئان ميٺ گھڻو.
(سر ڏهر)
پسو پکيئڙن، ماڙهنئان ميٺ گھڻو.
(سر ڏهر)
يار سڏائي سڀڪو جاني زباني،
آهي آساني، ڪم پئي ٿي ڪل پوي.
(سر بروو سنڌي)
آهي آساني، ڪم پئي ٿي ڪل پوي.
(سر بروو سنڌي)
ٻڏندي ٻوڙن کي، ڪي هاتڪ هٿ وجھن،
پسو لڄ، لطيف چئي، ڪيڏي کي ڪکن،
توڻي ڪنڌي ڪن، نات ساڻن وڃن سير ۾.
(سر سهڻي)
پسو لڄ، لطيف چئي، ڪيڏي کي ڪکن،
توڻي ڪنڌي ڪن، نات ساڻن وڃن سير ۾.
(سر سهڻي)
بشڪريه وائيس آف سنڌ