شاهه جي ڪلام ۾ پکين جو ذڪر

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏16 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    شاهه جي ڪلام ۾ پکين جو ذڪر​

    [​IMG]
    بشير احمد ڏاهري
    سنڌي ٻولي دنيا جي عظيم ٻولين مان ليکي وڃي ٿي. ڇو ته کيس شاهه عبداللطيف ڀٽائي جهڙو عظيم شاعر مليو. جنهن پنهنجو فڪري پيغام پوري انسان ذات تائين پهچائڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جو انتخاب ڪيو. سندس عظمت جي ڪري سنڌي ٻولي به عظيم بڻجي ويئي.علامه آءِ آءِ قاضي مطابق ”دراصل اها لطيف جي هٿ جي برڪت هئي، جو ارڙهين صديءَ واري سنڌي زبان ايترو وسيع ۽ ملائم صورت اختيار ڪئي جو اهو سڃاڻڻ مشڪل ٿي پيو آهي. ته ڇا اِها اُها ٻولي آهي جيڪا انهيءَ دؤر اندر عام طور سنڌ ۾ ڳالهائي ويندي هئي؟ سنڌي زبان جڏهن لطيف جي هٿن ۾ پهتي ته شاهه کيس خوبصورتي بخشي وسيع ترين زبان بڻجي ويئي. ايتري قدر جو اهو سڃاڻڻ مشڪل ٿي پيو آهي ته اها ساڳي علاقائي محاوري واري ٻولي آهي يا ڪا ٻي!“
    سنڌي ٻوليءَ جي نامياري عالم ۽ لطيف جي پارکو محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي هڪ تحقيقي مضمون ”شاهه عبداللطيف“ ۾ لکيو آهي ته شاهه جي شاعريءَ ۾ هڪ ظاهري معنيٰ ۽ ٻي آهي ان جي اندروني يا حقيقي معنيٰ. پر اهي سالڪ جي هن وکر جا وينجهار آهن تن جو چوڻ آهي ته ظاهري معنيٰ کان سواءِ جا ٻي معنيٰ آهي سابه ٻن قسمن جي آهي:هڪ صفاتي معنيٰ ۽ ٻي ذاتي يا حقيقي معنيٰ. صفاتي معنيٰ اها آهي جا ڪنهن ڳالهه يا مثال تي مبني هجي. اهڙي معنيٰ کي علمي اصطلاح ۾ ”تمثيلي“ معنيٰ سڏجي ٿي. ذاتي يا حقيقي معنيٰ اها آهي جا صرف طالب ۽ حقيقي مطلوب، بنده ۽ خدا جي ذات پاڪ يا درويش شاعر ۽ سندس موليٰ سان محبت واري مام تي مبني هجي. انهيءَ لحاظ سان ذاتي يا حقيقي معنيٰ هڪ راز آهي، جنهن کي طالب شاعر پاڻ ڄاڻي ٿو تحقيق ”المعنيٰ في بطن الشاعر“ انهيءَ ڪري حقيقي معنيٰ جيتوڻيڪ ورجائي سگهجي ٿي. مگر ان کي يقيني طور سمجهڻ جي دعويٰ اجائي آهي. ان جي برعڪس ”نقلي“، ”تمثيلي“ يا ”صفاتي“ معنيٰ نسبتن سولي آهي ڇو ته اها ظاهري معني ٰ جي قريب تر ۽ عقلي دليلن جي مار ۾ آهي.“ محمد ابراهيم جويو صاحب پنهنجي ڪتاب ”شاهه سچل، سچل، سامي“ ۾ لکيو آهي ته:
    ”ڪنهن قوم ملڪ يا سماج ۾ عظيم انسان روز به روز پيدا ڪونه ٿا ٿين ۽ جڏهن پيدا ٿين ٿا تڏهن اهي ان جي نئين جنم جا ساکي ۽ سبب بڻجن ٿا. هنن جي پنهنجي دؤر سان ڪا تِٿِ ٻڌل هوندي آهي ۽ اهي تاريخ جي ان گهڙيءَ لاءِ پنهنجي ذات ۾ پراڻي ۽ نئين ٻنهي جا ترجمان بڻجي بيهندا آهن. اهي نمايان صلاحيتن جا مالڪ ٿين ٿا. طاقتور ۽ بيحد اهم ۽ پنهنجي ماڻهن لاءِ نيون راهون گهڙي وڃن ٿا. جن تي ڪنهن دؤر بلڪ آئيندي لاءِ هميشه انهن کي هلڻو پوي ٿو ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ راهن جا ٻيا ڪي رخ انهن لاءِ سڃاڻڻ جهڙا يا هلڻ جهڙا رهندا ئي نه آهن. اهي پاڻ سان ڪو خواب. ڪو آدرشي فڪر، ڪا فطري ڏاهپ کڻي ايندا آهن. جنهن سان هو پنهنجن ماڻهن کي ٻڌائيندا آهن پر ثابت ڪري ڏيکاريندا آهن ته انهن کي ڪهڙيءَ طرح پاڻ کي تيار ڪرڻ کپي، جو پنهنجي اجتماعي زندگيءَ ۾ هو راهه جي سڀني هيٺ مٿانهين، ڌوڪن ۽ فريبن کان بچي سگهيا ٿي ۽ بچي سگهن ٿا. مهذب قومن هميشه اهڙن عظيم شخصن کي سڃاتو آهي، انهن سان پنهنجا پيوند پختا ڪيا آهن ۽ انهن کي پنهنجي لاءِ املهه نعمت سمجهيو آهي.“
    سنڌي ٻوليءَ جا عاشق ۽ نامياري اديب محترم ڪلياڻ آڏواڻي صاحب پنهنجي مرتب ڪيل ”شاهه جو رسالو“ ۾ لکي ٿو ته:
    ”شاهه، تشبيهون به اهي ڪم آنديون آهن. جي ديسي حالتن مطابق آهن. شاهه جي محبت هئي سنڌ ۽ سنڌ جي شين سان. هو گل ۽ بلبل جي عشق کي ڇڏي. ڪنول ۽ ڀونر جي پريم جي مهاما ٿو ڳائي. مطرب جي بجاءِ ”چارڻ“ کي شرف ٿو ڏي. بادِ صبا جي بجاءِ ڪانگل ۽ قمر کي قاصد ٿو ڪري. شراب ۽ ساقيءَ کي وساري، ڪلاڙ ۽ ڪڪوهه جي واکاڻ ٿو ڳائي.“شاهه پنهنجي هيٺين بيتن ۾ پکين جو ذڪر ڪيو آهي...

    مورُ:​

    ويا مورَ مَري، هَنجُ نه رهيو هيڪڙو
    وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانيرن جو.
    (سر ڪارايل).​


    هَنجُ:​

    اکڙيُون اوڙان ۾، اُڀو تَڪي تارِ،
    پِٿُون جي پاتارِ، هنج تنين جون هيرئون.
    (سر ڪارايل)​


    ڪانير:​

    ويا مور مري،. هنج نه رهيو هيڪڙو،
    وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانيرن جو.
    (سر ڪارايل)​

    ٻَگههُ:​


    هنجن سين هيڪار، جي ڳڻ ڪري نِهارِئين،
    ٻَگهنِ ساڻ ٻيهارَ، ٻيلهه نه ٻَڌين ڪڏهن.
    (سر ڪارايل)​


    شهباز:​

    تانُ نه آهي تند جو، رُون رُون ڪري رازُ،
    هَڻَندَڙ سندا هٿڙا، سَڀڪو چئي سازُ.
    سَٽَ ڏيئي شهبازُ، ٿيءُ ته ٿوڪُ پِرائِيين.
    (سر سورٺ)​


    زاغ:​

    زاغ! تنهنجي ذاتِ جو، ٿورو مَٿي موُن،
    اُڏامج عبداللطيف چئي، صبح سيڻن ڏوُن،
    ڪج ويٽيئون وِئريُون ٻاجهائج ٻَهُون،
    ته لالڻ! ڪونهَ لَهوُن، جِهو تو جهان ۾.
    (سر پورب)​


    ڪوئل:​

    رُڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرِ ڪوئلَ جي ڪوڪ،
    وَلولو ۽ ووڪ، اِيءَ تان آهه عشق جي.
    (سر معذوري)​


    ڪُونجَ:​

    ڪُونجَ نه تکِيو ٻاڻ، مارِيءَ سندي مَنَ ۾،
    اوچتي پَرياڻ، وَڳَرَ هَڻي ويڇُون ڪَيا.
    (سر ڏهر)​


    ڪبوتر (پکي)​

    پِرههَ پکي آئيو، ڪربلا مان ڪهي،
    روضي پاڪ رسول جي، تنهن هلي هاڪ هنئي،
    ڏنم رُڪ رئي، چڙهه مير محمد عربي!
    (سر ڪيڏارو)​
    هماءُ​

    جئُن سو هَرَڻُ هُماءُ، سرگردان سنسارَ ۾،
    هِيءُ پڳ نه کوڙي پَٽِئين، هُو ڌَڙَ سِرِ ڌَري نه ساههُ،
    جيڪسِ تن مُلاءُ، سسئيءَ سُورَ پِرائيا.
    (سر ديسي​
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: شاهه جي ڪلام ۾ پکين جو ذڪر

    شاهه جي ڪلام ۾ پکين جو ذڪر
     
  3. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: شاهه جي ڪلام ۾ پکين جو ذڪر

    سائين ممتاز صاحب اوهان جون ڪوششون قابلِ ستائش هونديو آهن اوهان وري هن ڱڻ تي موٽي آيا اوهان جا احسان ۔
    وسلام
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: شاهه جي ڪلام ۾ پکين جو ذڪر

    لطيف سهڻي جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، تمام سهڻن پکن جي چونڊ ڪئي اٿس جيڪي سندس پيغام ۾ ٺهڪي اچن ٿا ۔۔۔ ڄاڻ ڏيندڙ ۽ سهڻو ونڊ

    دوست ممتاز جا ڪم به ممتاز ۔۔۔

    سدا جڙيل هجو
     
  5. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: شاهه جي ڪلام ۾ پکين جو ذڪر

    ادا ممتاز وگهيو صاحب اسلام عليڪم۔توهانجا لک لائق جو محترم بشير احمد ڏاهري جن جو ليک جيڪو شاه سائين جي شاعري ۾ پکين جي حوالي سان آهي ،کي هن محبتي اڳڻ جي ڪينئوس تي چٽيو آهي۔ماشاالله بهترين قسم جي معلومات تي مبني ليک آهي۔اسان جي معلومات ۾ ڪافي حد تائين اضعافو ٿيو آهي۔توهان سڄڻن جون مهربانيون۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شاهه جي ڪلام ۾ پکين جو ذڪر

    تمام بهترين شيئرنگ

    لطيف سائين پنهنجي شاعري ۾ ماحول ، ثقافت، پکين، ٻولين ، وڻج واپقار، مقامي قصن مطلب ته پنهنجي ڌرتي جي هر شيء کي اهڙي ته سريلي انداز سان ڳايو آهي جو عقل دنگ رهجيو وڃي۔

    جيئي لطيف ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ شل سنڌڙي آباد هجئي
     
  7. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    شاهه جي رسالي ۾ پکين جو ذڪر

    ابراهيم لاشاري ( وارهه)

    لطيف سائين جو رسالو سنڌي ٻولي جو انمول سرمايو آهي ڀلاري ڀٽائي جي شاعري جي مطالعي ڪرڻ بعد ائين معلوم پيو ٿئي ڄڻ لطيف سائين جئرو آهي هو هڪ ئي وقت مورخ سياح درويش دستان گو الهه لوڪ صوفي عاشق ۽ تجربي جو هڪ آڻ کٽ خزانو پڻ آهي شاه سائين جي شاعري ڪتابن مطالعي بدراب فطرت جي مشاهدي مان ڦٽي نڪتي آهي لطيف سرڪار پنهنجي چوڌاري آباد ٿيل دنيا کي چگي طرح ڏٺو سونهاري سنڌ ڌرتي جو هر نظارو سندس ڪلام ۾ موجود آهي ٿر بر رڃرائو ڏنگا چارا ڍنڍون پاڻي تي ترندڙ ٻيڙيون ترندڙ پکي ڪنول جا گل سامونڊي ٻيڙا اٺن جون قطارون پکين جا ولر ڪونجن ڪان هنج درياءَ درياءَ جي مستي جون ڇولين جو تصور سن چنڊ تارا ڪتيون لهندڙ سج ڦٽنڙ نک موکي جا مٽ مينهن جا وسڪارا ڪنڊيون مينهون ڀنل نيڻ ڀنڀا وار ۽ ٻيئن ڪيترن ئي عڪسن کي قدرت جي هر ڪرشمي کي پنهنجي نوراني ۽ باريڪ نظر سان جاچي ان جي جمال ۽ جلال تي اونهو تصور ڪيو اٿس .۽ پوءَ انهي جي هوبهو تصور پنهجي شاعري ڪلام ۾ پيش ڪيو اٿس لطيف سرڪار ان وقت بح سٻاجهڙي سنڌڌرتي آيپ مهمانپکين کي به پنهنجي شاعري جي سونهن بڻايو آهي اهي قسمن قسمن جا پکي جيڪي مختلف سردي جي علائقن کان سفر ڪري يعني سائبيريا يورپ آسٽريليا روس ۽ ٻيئن ملڪن منجهان سياري جي مند ۾ سنڌ ڌرتي جي پاڻي وارن علائقن جاين هنڌن تي جهڙوڪ سنڌو درياءَ بادشاه منڇر ڍنڍ ڪينجهر ڍنڍ حمل مياڻي ڍنڍ ڪاڇڙي ڍنڍ چنگڙو ڍنڍ لنگهه ڍنڍن سميت سنڌ جي ڪيترن ئي مختلف ڍنڍن جا سير ڪندا رهن ٿا انهن پکين جي ولرن کي لطيف سرڪار ناهي وساريو پنهنجي نج سنڌي زبان ۾ شاههسائين پکين جي درد کي هن طرح بيان ڪري ٿو

    اصل سندي آسري آيون ڍورو ڍري

    کنڀڙان ڀون پاڻان پير ڏکويا پکڙينجا

    لطيف سائين دل جو ڪومل انسان هو . هو رڳو انسان ذات لاءِ نه پر پکين ۽ پسڻ سان به تمام گهڻو قرب هيس شاهه سائين پنهنجي حياتي ۾ ڪڏهن به ڀلئي ڀلائي به ڪنهن پکي پرندي کي ڪو ڏک نه رسايائين شڪارين کي اجل جي يادگيري ٿو ڏياري جئين ويچارن گگدامن کي مارڻ کان باز اچن ( اها عام انسانن لاءَ به ڪه هدايت آهي ) شاهه سائين فرمائي ٿو ته شڪار تون شهباز جو

    تون تان منجهه شڪار!

    لطيف سرڪار سر ڏهر ۾ فرمائي ٿو ته ـ“انسانن کان وڌيڪ پکين ۾ ساڃاهه آهي جو وڳر ڪيو پاڻ ۾ پريت ونڊين ٿا پر هيڏانهن انسان انسان کان وئون پيو وڃي ؛

    وڳر ڪيو وطن پري نه ڇنن پاڻ ۾

    پيو پکيئڙن ماڙهئنان ميٺ گهڻو

    سڄي دنيا ۾ انيڪ قسمن جا تقريبن 8600کان مٿي جدا جدا قسمن جسامت جا نرلن رنگن ۾ پکي هن سونهن ڀري ڪائنات ۾ پر کولي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ولرن جي صورت ۾ نظر اچن ٿا جئين ته لطيف سرڪار جهر جهنگ جبل ڍنڍون ڍورا واهڙ وڪڙ سمنڊ ۽ درياءَ گهمئي ڏٺا جتي هن ڪيترا ئي پکي پکڻ ڏٺا شاهه صاحب ان جيو سر شي بيان ناهي ڪيو مگر انهن جو گهرائي سان ويهي اڀياس ڪيو اٿس .انهن جون ويهي چگي نموني عادتون ۽ خصلتون پرکيون اٿس اهڙي طرح ڀلاري ڀٽئي به انهن مختلف پکين کي پنهنجي شاعري ۾ بيان ڪيو آهي

    (1)شهباز ؛ هي پکين جو بادشاهه آهي شهباز گوشت خور پکي آهي هن جو هذران اڪثر ڪري تتر تلور ڪانگ ڪٻر جهرڪي ڳيري پاليهر ڪٻوتر هرڻن ننڊن گهيٽن سهن ۽ ڍانڍي پکين جو شڪار گهڻي انداز ڪندو آهي جنس طور هي باشي باز جي مادي آهي جنهنڪري سنڌي زبان ۾ پهاڪو به مشهور آهي ته “مادي کاڌو ڪڏهن به نه بچي ؛ شهباز جو نر باشو چورائيندو آهي مادي ان ڪري نالو اٿس جو هو شڪار جهلڻ ۾ سڀني پکين کان وڌيڪ تيز ۽ چالاڪ ۽ هوشيار آهي هن جا چنبا تيز ۽ چنهبمڙيل هوندي اٿس هي پرديسي پکي آهي جيڪو پاڪستان جي اترين علائقن واري سر زمين مان اچي ٿوچترال سوات هندوڪش ۽ قراقرم جبلن مان شهباز اونهاري گذرڻ کنپوءَ سيپٽبر مهيني ڌاري سياري جي مند ۾ شڪار سنگي سونهاري سنڌ سرزمين تي ايندو آهي سنڌ ۾ اڪثر ڪري جابلو لاڙ اتر جي علائقن ۾ پيو لامارا ڏيندو آهي مند ختم ٿيڻ شرط پنهنجي ديس تي واپس هليو ويندو آهي باز جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا جهڙوڪ ذرو باشو سيچاڻو چٻڪ چرل شاهين لفڙ ملهالو روانو شڪرو سامونڊي باز خاص آهي امير ماڻهڳ عمومن عرب شاهين ذرو شڪرو ۽ لفڙ پاليندا آهن انهن کان هرڻن تترن ۽ ڍانڍي پکين جو شڪار ڪرائيندا آهن شهباز جي پيرن کي ( وير ) چئبو آهي جڪي قدرتي طور تيز رکا ٿيندا اٿس شهباز قد بت باشي کان وڏو ٿيندو آهي سندس چنهب ڪنڊي اکيون وڏيون نظر تيز هن جا پر وڏا ۽ زور ڀريا ٿين ٿا . جنهنڪري هي پکي 80 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان پرواز ڪندو آهي شهباز جڏهن به پنهنجي شڪار تي حملو ڪندو آهي ته شڪار ٿيندڙ پکي جو ساهه ست چڏائي ويندو آهي شاهه سائين پنهنجي شاعري ۾ شهباز کي هن طرح بيان ڪيو آهي ڪي تو ڪنين ته سهو شهباز جو سٽڪو

    ڪوڙي راند ڪوڙو چٽڪو .(2) ٻاٻيهو لطيف سرڪار هن پکي جي فطرت جانچي ۽ ان تي غور ڪيو آهي هن پکي کي سارنگ چاتڪ تارڙا مينهڻ به سڏيندا آهن ٻاٻيهو ڪاري ڪڻڇي کان سنواليرو ٿيندو آهي ٻاٻيهو جو رنگ هلڪو بلو چانهه پکي جي رنگ سان ملندڙ جلندڙ محسوس ٿيندو آهي .۽ پڇ به ڊگهيرو ٿيندو اٿس هي خشڪي جو پکي مينهوگي جي موسم اچي پرگهٽ ٿيندو آهي رات ڌينهن لٽ پئي پوندي اٿس “ته مينهن پوي “سندس تنوار ايڏي سهڻي ۽ مٽڙي هوندي اٿس جو من پاتال ۾ پيهي ويندو آهي سندس تنوار ٻڌي ماڻهو چوندا آهن ته اجهو تارڙي (ٻاٻيهي ) هاڻ تنواريو آهي جھاڻ ته مينهن پيو ڊڪٽر گربخشاڻي پنهنجي رسالي ۾ لکي ٿو ته سنسڪرت ساهته ۾ هن پکي جو وڏو وستار ڪيل آهي هي پکي هميشه مينهن جي ڦڙن تي گذران ڪندو آهي ۽ تر برابر جيتري گرمي به سهي نه سگهندو آهي ٻاٻيهو پکي طور ۾ صرف (ٻه) (2) آنا ڏيندو آهي هن پکي جو آکيرو تمام ٿورڙن ڪاٽين جو ٽهيل هوندو آهي ڇو جو ٿورڙي به تيز هوا اچي وڃي ته آنا رڙڪي رڙڪي آکيري مان ڪي پوندا اٿس هي پکي تمام سهڻو آکيرو ٺاهيندو آهي . خاص ڪري جابلو علائقن ۽ ٿر جي وارياسي ميدانن ۽ اتي جيڪي لڪون لڳنديون آهن ٻاٻيهي پکي لاءَ اهي موت جو ڪارڻ بڻبيون آهن شاهه سائين ٻاٻيهي پکي جو ذڪر سر حسيني ۾ هن طرح ڪيو آهي

    منجهان منهنجي روح جي وڃي ساجن وسري

    ته مر لڳي لوهه ٿر ٻاٻيهو ٿي مران .






    ابراهيم لاشاري( وارهه )

    ( 3) ڪانئيرو هي ڍنڍ جو پکي آهي جنهن جو رنگ ڪارو مائل ٿيندو آهي هي آڙي جهڙي پکي کان ٿورو ننڍو ٿيندو آهي ڳچي ڊگهي ٿيندي اٿس ڪانئيرو جا پير بدڪ جي پيرن جهڙا هوبهو هوندا اٿس هميشه ڍنڍن دٻن ۾ رهندو آهي هن جي پند جي خوراڪ جيت ۽ مئل مڇي ۽ گاه هوندو آهي هي پکي طبيت ۾ سست ۽ ڪاهل هوندو آهي . ڪانيئرو ٻين پکين کان گهٽ اوڏمي سهگندو آهي لطيف سرڪار به سر ڪارايل ۾ ڪانئيري کي اهڃاڻ بڻائي انسان ذات کي سستي ۽ ڪاهلائپ کان روڪيو آهي هو به سست ۽ ٽوٽي ماڻهو وٽ حلال ۽ حرام جي تميز (لياقت) گهٽ هوندي آهي لطيف سرڪار ڪانيئري کي پنهنجي شاعري جي سٽن ۾ هن طرح سمايو آهي .

    ويا مور مري ؛هنج نه رهيو هيڪڙو

    وطن ٿيو وري ؛ڪوڙن ڪانئيرن جو.

    (4 ) ڪانءَ ڪانگ ڪنگل هڪ چالاڪ هوشيار پکي آهي هن جو رنگ ڪارو ڪن ملڪن ۾ اڇا ڪانءَ به ڏٺا ويا آهن هي پکي ٻارڙن جو ويري دشمن آهي کانس هٿن مان لولا يا کائڻ جون شيون به زور تي کسي ويندو آهي عمومن ٻارڙا ننڍين ننڍين ڳالهين تي پاڻ ۾ وڙهي پوندا آهن ۽ ڌمچر مچائيندا آهن ڪانو وري ان لڙ جو فائدو وڳي ٻارڙن کان کائڻ واريون شيون هڪدم جهپي کڻي ويندو آهي اڪثر ماڻهو انهي ڪري چوندا آهن ته “ڪانءَ کي لڙ ۾ مزو ؛! ڪانو جڏهن ڪنهن خاص انداز ۾ ڪانءَ ڪانءَ چوندو آ تي تمام گهڻا ڪانونءَ اچي هڪ ٻئي مٿان پيا لامارا ڏيندا آهن ۽ هڪ وڏو هل بکيڙو مچي ويندو آهي البته ڪانءَ جي هڪ خوبي کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي جڏهن ڪانءَ وڻ جي لامن تي لنوندو آهي ته اهيا لات گهڻ ماڻهن جو من موهي وجهندي آهي سندس انهي لات ۾ ڪي سنهيا سمائل هوندا آهن . جيڪي انتظار ڪندڙن لاءَ کڻي ايندو آهي شاهه سائين ڪانءَ کي مختلف ڇهن (6) نالن سان ڪانئيرو ڪانگ ڪانگرو ڪانگو ڪانگل کنياتو ڪري سڏيو آهي سنڌي سماج ۾ سنڌ جي ماڻهن جو ڀرم آهي ته ڪانوءَ مهمان جي اچڻ يا سفر تي ويل ماڻهو جي موٽڻ جي ازغيبي خبر پوندي آهي جنهن ڪي هن کي (کنياتو) يعني (خابرو)ڪري چوندا آهن. جڏهن ڪنهن جي ڀت تي ڪانءَ ويهي ڪجهه لنوندو آهي ته سنڌي عورتون ڪجهه هن طرح ڪانون سان ڳالهيون ڪنديون آهن آءَ ڪنگ ( اي ڪانگ اچ) ويهه وڻ تي توکي ٽڪي (لولو) ڏيان ! منهنجو ور ( مڙس) ٿو اچي يا منهنجو ڀاءَ (ڀائڙو ) ٿو اچي يا منهجو پٽڙو ٿو اچي ! ائين چوڻ کانپوءَ ڪانو وري وري ساڳي ٻولي ڪندو آهي ته يقين ٿيندو اٿن ته مهمان يا ڪو مسافر جلد ايندو ڪو زمانو اهڙو به هيو جنهن پيغام رسائڻ جو ڪم پکين ڪانون ڪٻوترن ۽ ڪونجن کان ورتو ويندو هو ڪانو پکي سڄي ڪائنات جي هر حصي ۾ ملي ٿو هي پکي پنهنجي ٻچن لاءَ هڪ مضبوط ڪٺين جوسهڻو آکيرو پڻ ٺاهيندو آهي ائين ڪان ءَ بابت سسئي ماءَ کان پڇي پئي ته اهو ساڳيو وقت ڪڏهن ايندو جڏهن ڪان ءَ (کنياتو ) پنهون جي موٽي اچڻ جي لات لنوندو انهي حقيقت جي تصديق ڀلاري ڀٽائي گهوٽ پنهنجي مٺڙي زبان سان هن طرح فرمايو آهي .

    گهوڙا! گهڻي ڀون ووءِ وڃن نگئا

    مادر ! مٿامون ڪنگ لوندا ڪڏهن

    شآهه صاحب سر پورپ ۾ فرمائي ٿو ته

    قريبن جو ڪنگڙو مٿي ٽار ٽلي

    کڻيو کنياتو خبرون کيرون ڏيون کلي

    لائي جنهن لالن سان منهنجي بات بلي

    سو ور چشمن تي چلي جو درباري دوس جو .

    ( 5) گاروڙين واحد گاروڙي ( سن گارڊڪ ) گاروڊ لفظ جي اصلي سنسڪرت ۾ آهي منتر يا منڊ جو نانگ جي ڏنگيل ماڻهو تي پڙهيون ويندو آهي خود گاروڊ لفظ سنسڪرت (گرڊ ) مان نڪتل آهي جنهن جي معني آهي گرڙ پکي جيڪو نانگ جو جاني دشمن آهي انهي لحاظ ڪري گاروڙي سڏيو ويو آهي ڀٽائي گهوٽ پنهنجي شاعري سر حسيني فرمائي ٿو ته . گجر گاروڙين اچو اڏي اڀيي

    مٿان ٻئي تن ٻڌا پاڻ هڻن جي .

    ( 6) هماءَ هڪ قسم جو وهمي پکي آهي جيڪوهو بهو عقاب جهڙو ٿيندو آهي ۽ هميشه پيو هوا ۾ اڏامندو وتئندو آ. هماءَ هڪ اهو خيالي پکي آهي جنهن لاءَ چوندا ٿا ته هو ڪڏهن به زمين تي نه اچي سگهيو آهي اڪثر ڪري چوندا آهن ته هماءَ جو پاڇو جنهن به شخص تي پوندو آهي سو ته يا بادشاهه ٿيندو يا وري وڏي بخت واري بڻجي پوندو آهي هماءَ بابت مشهور آهي ته هو ماس جي ويجهو به نه ويندو آهي چهنب سان هڏيون ڇلهي کائيندو آهي اهڙي طرح شاهه لطيف به سر ديسي ۾ هماءَ کي پنهنجي ڪلام جي سونهن هن طرح بڻايو آهي .

    جئن سو هرڻ هماءَ سرگردان سنسار ۾

    هي پڳ نه کوڙي پٽئين هو ڌڙ سرڌري نه ساهه

    جيڪس تن ملاءَ سسئي سور پرائيا .

    هن پکي لاءِ چوندا آهن ته هي پٽ تي پير نه کوڙيندو آهي ۽ هميشه پيو پرواز ڪرڻ لاءَ آسمان سان لامارا هڻندو وتندو آهي .

    ( 7) ڪنگ ( سن ڪنڪ ) هي هڪ قسم جو پاڻي وارو پکي آهي ڪنگ جو رنگ اڇو ٿيندو آهي.ان پکي جي ڳچي ۽ ٽنگون ڊگهيون ٿينديون آهن پير به هارا ته چهنب به صفا ڪاري ٿيندي اٿس هي پکي ٻگهه پکي جو هڪ قسم آهي ڪنگ پکي ٻگهه پکي کان وزن ۾ ننڊو ٿيندو آهي ڪنگ پکي جي خوراڪ در مڇي ڏيڏر تڏ وغيره اٿس ڀلاري ڀٽائي سر سهڻي ۾ ڪنگ ۽ ٻگهه تي نظر هن وڌي آهي .

    ڪنڌي ڪنگ ٿياس وهڻ جنازو سهڻي

    ٻگا جي ٻيٽن جا ڪلها تن ڏناس

    اکين ملڪ ڏٺاس پوءِ من ڪڍو ميهار ڏي.

    ( 8) ڪونجون ؛ وحد ڪنج (يا ڪونج)( سنسڪرت ۾ ڪرنچ)هتي هڪ قسم جو پکي آهي جيڪو قدبت ۾ مور پکي کا سنواليرو ٿيندو آهي بدن اڇي (سفيد) رنگ جو ٿيندو اٿس ۽ چنهب به ڊگهي ٿيندي اٿس ڪونجون هميشه وڳر ڪيو وتنديون ولرن ۽ قطارون ۾ اڏام ڪنديون وتنديون آهن . خاص ڪي سنڌ ۾ سارين جي موسم سخت سردي ڪائنات ۾ ملڪ مولا جا ٻيا به گهڻا مگر هن پکي جي نظر سڀ کان پهريان سنڌ تي ئي پوي ٿي ڪونج کي شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ بار بار ياد ڪيو آهي سندس هڪ خوبي اهيا به آهي ته هو هميشه پنهنجي ڪڙم (خاندان ) سان گڏ گّارينديون آهن هي پکي ڪڙم کان علاوه ڪنهن ٻئي پکي سان گڏجي ناهي رهندو جا ڏي به وينديون آهن ته ولر ڪري وينديون آهن ولر کان وڇڙڻ ڪونج لاءَ قيامت برابر آهي . وڳرويا وهي ڪال تنهنجا ڪونجڙي ڪندين ڪوه رهي سر ۾ سپرين ري ؟ ۽ ساريون کائي سنڌ جي پياري سهڻي ڌرتي گهمي سگهو ئي پنهنجي اباڻي وطن (روهه) ڏي روانيون ٿي وينديون آهن لطيف سرڪار ڪونجن کي هن طرح ياد ڪيو آهي

    جر ۾ سپيون جئينءَ آهين آبر اسري

    جن ڪونجون سارن روهه کي مون تن اندر تئينءَ .

    ڪونج جي هڪ خاصيت اها به آهي ته سنڌين وانگر هن پکي ۾ به ويساهه گهڻو آهي پر جڏهن شڪاري سندس شڪاران ويساهه واري خاصيت جو ناجائز فائدو وٺي ۽ پنهنجي حوس جو نشانو بڻائيندا آهن ته تڏهن سنڌ ۽ سڄي دنيا جي عظيم شاعي شاهه لطيف ڀٽائي کي به ارمان ٿئي ٿو ۽ فرمائي ٿو ته

    ڪونج نه لکئو پاڻ جو ماري سندي من ۾

    اوچتي ٻرياڻوٻر هڻي ويڇون ڪئا

    ماري شڪاري جي اهڙي بيڪار ڪڌي عمل ڪردادر تي لطيف سائين کي به نهايت ڏک ٿو ٿئي انڪري شڪاري (ماري ) کي پاراتو ڏيندي فرمائي ٿو ته ماري مرين شال ڍٻ وڄنئي ڍٻيون

    جن تون اچي ڪال وڌو وچ ورهن کي


    ڪڪڙ ؛ ڪڪڙ گهريلو پکي آهي ڪڪڙ جي نر کي ٻانگو چئيبو آهي ڪڪڙ جا مختلف قسمن جا رنگ جهري خاڪي پيلي ڳاڙهي اڇي سرمائي ٿئي ٿي نر ڪڪڙ جون سموري سنڌ کان علاوه دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ميليون ٿينديون آهن مختلف خفتي سون رووين کان وڳي لکين روپين جون شرطون رکندا آهن.مادي ڪڪڙ سال ۾ ٻه ڀيرا آنا ڏيئندي آهي ۽ سال ۾ ٻه تور ڏيندي آهي آنن جو تعداد 5 کان 15 ٿيندو آهي ڪڪڙ جي خوراڪ ۾ ساريون جوٻاجهري ڪڻڪ جيت جڻيان ڪن ڦت به کائيندي آهي ڪڪڙ جي آري تي ويهڻ جو ٽائيم اٿر ڪري 21 ڏينهن هوندو آهي اڄڪلهه سڄي دنيا ۾ فارمي ڪڪِڙجو گوشت کاڌي طو گهڻو واپرايو وڃي پيو . هن گريلو پکي کي ڀلاري ڀٽائي پنهنجي ڪالم هن طرح ذڪر ڪيو آهي .

    سپ موتي پيٽ ۾ ڪڇي ڪين مهاءَ

    ڪڪڙ آنو ڪڙهه ۾ گهر گهر ڪي گواهه .

    هنج هنج پاڻي جو پکي آهي هنج پکي ٻين ڍنڍ وارن پکين جيان خوراڪ کائڻ ۾ منفرد آهي سندس خوراڪ ۾ مڇي جي در گاهه تي گذران ناهي ڪندو هن جو چوڻو (ماڻڪ ۽ موتي ) هوندا آهن هنج اونهي جو اسرار ڄاڻيندو آهي سوين ڦوٽن جو غوطو هڻي وڃي موتي کڻي موٽيندو آهي هنج پکي پٿر کي پاڻي ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو.هو هڪ موتي چھي پيٽ ۾ ڳهي پنهنجي اڃ بک لاهيندو آهي اهو موتي ڳري کاڄ بڻجي ويندو آهي ته هفتن جو ڍوءَ پنهنجي جسم ۾ ڀري ڇڏيندو آهي لطيف سرڪا هنج لاءَ فرمائي ٿو ته

    ماڻڪ چوڻو جن جو هنج حضوري سي

    چلر ۾ چنهب هڻي مڇي کين نه اي

    لوڪ نه لکئا تي جيلاههپوڻن ٻگهنٽه گڏئا .

    هن پکي کي ڪڪڙ وانگر کڙهون ٿين ٿيون راج هنس گهڻو ڪري عام هنج جهڙو ٿيندو آهي البت قد ۾ ٿورڙو ننڊ ڙو ٿئي ٿو ڀلاري ڀٽائي به هن پکي هنج جي زبردست پنهنجي ڪلام ۾ ساراهه ڪئي آهي ۽ هنج پکي کي ٻين پکين مجنهان کيس (بادشاهه ) پکي جو درجو ڏنو اٿس پاڻ فرمائي ٿو ته

    هنجن سين هيڪار جي ھڻ ڪري نهاريين

    ٻگهن سين ٻيهار ٻيلهه نه ٻڌين ڪڏهن

    هنج پکي لٻڙيل ۽ گندي پاڻي تي نه ايندو آهي هنج جي سونهن به شاهه سائين کي وڻي ٿي هنج جي سونهن سان گڏ صفائي به هنج جو ايمان آهي شاهه سائين کيس عمدو پکي سڏيو آهي هنج پکي منجهان ٻين پکين جيان بدبوءَ نه هوندي آهي صفائي جي ڪري جتي به رهندو آهي اتي خوشبوءَ ۽ هگاءَ ڦهلائيندو آهي لطيف سائين فرمائي ٿو

    اڇو پاڻي لڙٿيو ڪالورئو ڪنگن

    ايندي لڄ مرن ته سر مٿي هنجڙا.


    لل هنج هنج پکي جو هڪ قسم آهي .۽ ڍنڍ جو پکي آهي رنگ جو اڇو آهي هن جي ٻلڻ ۾ ايرتو ته سرور آهي جو سر ۾ سوجهرو ٿي ويندوآهي هي ٻين پکين کان ڌار رهائش ڪندو آهي لل هنج جي خوراڪ در مڇي گاهه به ناهي کائيندو لل هنج اونهي پاڻي ۾ رهندو آهي سندس خوراڪ جو جيائپو ماڻڪ آهن هن پکي جي ساراه شاه سائين هن طرح ڪئي آهي .

    ويٺوجن وياسين حيرت پوءَ م هاڻي

    للن کي لطيف چئي اڇي ساڻاراڻ

    ڪنگن لٿي ڪاڻ گڏيو هنج حبيب کي .

    مور مور خشڪي جو پکي آهي سڪي زمين (خشڪي ) جا ٻيا به پکي تمام گهڻا اهن مگر مور پکي جي مقابلي ۾ گهٽ درجي جا آهن مور جي خوراڪ به عجيب آهي سندس خوراڪ (نانگ) کائي جيئڻ جي سگهه رکندو آهي مو پکي هڪڙو نانگ شڪار ڪري کائي سڄو هفتو خمار واري ڪيفيت ۾ گذاريندو آهي .ان زهر جي زور تي پيو لوليون ۽ مستيون ڪري نچندو آهي ۽ نه وري سڄو هفتو ڪا اڃ ۽ بک جي ڪا طلب ٿيندي اٿس . جئين جئين زهر جسم ۾ ولوٽيون ڏيندو اٿس تئين تئين هو موج پيو ڪندو آ توڙي جو مور پکي تتر ۽ ڪڪڙ جي نسل (فيملي ) جو پکي آهي پر هو هميشه ڪن ڦٿ جيت جڻيان کان کان پري رهندو آهي ڀلاري ڀٽائي مور بابت هين ٿو فرمائي .

    ڪنهن ڪنهن ڪاري ذات کي مور به مٽائين

    جي چترا چکيا ته وڳ ورائي ڏين

    ساٿ سمورا نين مٺن ڀائي موٽيا .

    سنڏ ڌرتي تي مور پکي جام ٿين ٿا اڪثر ڪري ٿرپارڪر ۽ حيدرآباد مور ملن ٿا ٿر ته مور پکي جي سونهن سان ڀريو پيو آهي باقي مور پکي نانگ جو جاني دشمن آهي .مور کي ڪارايل به چوندا آهن سندس مادي کي ( ڊيل ) چئبو آهي

    ٻگهه ٻگهه واحد ٻگهو (سن بڪ) هي به ڪنگ وانگي هڪ پاڻي وارو پکي آهي رنگ جو اڇو ٿيندو آهي ڳچي ڊگهي پير ۽ چنهب ڦڪي رنگ جي ٿيندي اٿس گهڻ ٻگهه پکين جي ٽڪڻ (مٿو) به ڦڪي رنگ جو ٿيندو آهي گهڻ ٻگهن پکين کي ست (مٿي) تي گل جهڙي چوٽي به ٿيندي آهي عمومن ڪر ٻگهه پکي ٻيٽارين تي لهبو آهي ٻگهه پکي جي هڪ نرلي حقيقت هي به آهي ته جڏهن به بيهندو آهي ته هڪ ٽنگ مٿي کڻي بيهندو آهي .ٻگهه پکي جو اکيون هميشه پوريل ( بند) هونديون اٿس ته اوچتو (امالڪ) ٽپ ڏي مڇي يا ٻيو ڪو شڪار هٿ (ور ) پوندو اٿس ته ان جو شڪار جلدي ۾ آساني سان ڪري وٺندو آهي .ٻگهه جي خوراڪ ۾ مڇي در ڏيڏر گاه جيت ۽ ڪن ڦت دٻن مان کائي ڍوءَ ڪندو آ .انهي ڪري پاکنڊي ماڻهو کي ٻگهه يا (بگلوڀڳت) ڪري چوندا آهن لطيف سرڪار به ٻگهه جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي

    .ٻگهن سين پاڻ هڻي اڏاڻو آڪاس

    جتي پرين سنداس سو سر مٿي هنجڙو .

    ڪوئل

    هن پکي جو تعلق ڪانو فيملي سان .رنگ ڪارو لسو ۽ چلڪڻو ٿيندو اٿس رنگ پڻ ڪاري ڪڻڇي جهڙو ٿيندو اٿس سندس آواز دلفريب من موهيندڙ ٿيندو اٿس .هميشه باغن ۾ رهندو آهي هن پکي جو قد ڪانو کان ننڊڙو ٿيندو آهي هي پرديسي پکي آهي ٿمومن بهار جي موسم ۽ سرءَ جي موسم سنڌ ۾ گذاري جلدي پنهنجي ماڳ ورڙڻ جي لڳندي اٿس ڪوئل پکي جو آواز سوز ۽ درد ڀريو ٿيندو آهي سندس آواز ۾ سڪ ۽ سوز سمايل هوندو آهي اڪثر شآعر سندس آواز کي محبوب جي آواز سان تشبيه ڏيندا آهن شاهه سائين به سسئي جي سڏِن روڄ راڙي ڪيهن کي سر معذوري ۾ ڪوئل جي ڪوڪ سان تشبيهه ڏيندي فرمائي ٿو ته

    رڃن ۾ رڙ ٿي ڪر ڪوئل جي ڪوڪ

    وولو۽ ووڪ اي ته آهه عشق جي .

    ڪٻوتر ڪٻوتر نهايت سهڻو وڻندڙ پکي آهي اهو ئي سبب آهي جو ماڻهو سندس دلچسپي سان پاليندا آهن سنڌ جي اڪثر شاعرن پنهنجي شاعري ۾ کيس قاصد بڻائي نياپا سنيها پرين جي پار پهچايا آهن ان کان علاوه سڄي دنيا ۾ ڪٻوتر کي ( امن ) جي علامت سمجهو وڃي ٿو ڪٻوتر جو رنگ رک جهڙو هلڪو ٿيندو آهي جهڙو اڇو ۽ پاليهر ڪاري رنگ ۾ اکيون ڳاڙهيون ۽ گول ٿين ٿيون چنهبننڊڙي ۽ نرم ٿيندي اٿس شاهه سائين ڪرنلا جي واقعي کي بيان ڪندي ڪٻوتر کي خاطو جو ڪم ورتو آهي .

    چيهو هڪ قسم جو ننڊڙو پکي جيڪو جهرڪي کان ٿورو ننڊڙ رنگا رنگي ۽ خوش آواز پکي آهي چلڪندڙ پکي جو پيٽ هيٺيان ٿورو اڇيرو ٿيندو اٿس . پڇکڙو تيندو اٿس جيڪو کائڻ مهل هيٺ مٿي پيو ڪندو آهي چيهو گهاٽن وڻن ۽ پاڻي جي ڪنارن تي رهڻ پسند هندو آهي ۽ لات ٻه مٺي لوندو آهي حڪمت جي لحاظ کان هن جو گوشت يرقان (سائي )پرهل صفراوي دستن ۽ جلندر جي بند ڪرڻ لاءَنهايت مفيد آهي هي پکي سنڌ ۾ جام ٿئي ٿو شاه سائين سر سسئي آبري ۾ فرمائي ٿو ته .

    وڏا وڻ وڻڪار جا چٻون جت چيها

    منزل دورمن تنها ات ٻوليون ڪن ٻيها

    رائي پير رت ڪئا لڳي لڪ ليها

    لڪن جيونليها لوڙهيا لال لطيف چئي .

    چيها تمام ننڊڙا پکي هميشه پوسل وارين جاين تي رهندا آهن ماڻهون اڪثر ڪي سندس حسن نزاڪت جي ڪري کيس شوق سان ڌاريندا آهن ۽ پڃرا ڀري پنهنجي باعن جي سونهن بڻائيندا آهن .

    چٻ وڏي چٻري کي ( چٻ ) چوندا آهن چٻرو تمام زورآور پکي آهي هو ڪاح ڪرڻ وارن دشمنن تي پري ايندو آهي ۽ چنبا وات کولي پٽي بيهندو آهي سندس خوراڪ گوشت ۽ جيت هوندا اٿس هن پکي کي بين پکين کان وڌيڪ ڏاهو ۽ داناءَ سمجهو ويندو آهي سنڌي سماج ۾ هن پکي کي نحس ۽ (نڀاڳو) سمجهندا آهن ڀلاري ڀٽائي هن پکي کي به ياد ڪيو آهي .

    وڏا وڻن وڻڪار جا چٻون جت چيها .

    چتون چتون نهايت دلفريب ۽ سهڻو پکي ٿيندو آهي سندس رنگ هلڪو سائو (طوطائي ) ٿيندو اٿس هي پکي گرم ملڪن واري علائقن ۾ رهندو آهي هي پکي به پنهنجي ڪڙم سان گ0جي رهندو آهي جنهنڪري سندس (ميلاپي ) به چيو ويندو آهي ۽ سنگت سان گڏجي رهندو آهي سندس خوراڪ باغن جا ميوا هوندا آهن چتون ۾ هڪ عمده صلاحيت اهيا به آهي ته جيڪو ٻڌندو آهي ان ورائي چئي سگهندو آهي ان کانسواءَ سيٺيون ٻه وڄائيندو آهي ۽ ٻڌل راڳن جا ٽڪرا به ورجائي چئي سگهندو آهي شاهه سائين به سسئي جي رڙين کيس معذوري ۾ چتون جي دلفريب آواز سان تشبيهه هن طرح ڏني آهي .

    رڃن ۾ رڙ ٿي ڪر چتون جي چانگار

    اي عشق جي اٻر ڪار نعرو آهي نيهه جو .

    چتون نهايت دلفريب ۽ سهڻو پکي آهي هن پکي جو رنگ هلڪو سائو (طوطائي ) ٿيندو آهي جنهنڪري کيس ( طوطو) مٺو پڻ چئبوآهي هن پکي جي چنهب ھاڙهي وڏي ٿيندي آهي ھچي ۾ ڳاڙهو ڪارو (ليڪو) پڻ ٿيندو آهي جنهن کي ڳاني چئبو آهي ڪافي ماڻهون گهر جي سونهن لاءِ پڃري ۾ بند ڪري پاليندا آهن ۽ پيوٻوليون ٻولائيندااٿس .

    ڳجهه

    گدلو ۽ بدشڪل پکي آهي برصغير جي سڀني حصن ۾ سندس رهائش اٿس هو زنده جانورن ٿي حملو ناهي ڪندي ڳجهه جو گذران هميشه ڍونڍ تي هوندو آهي جڏهن به اهڙي شڪار تي لهندي آهي ان جانور جو ماس جو ذرو به ناهي ڇڏيندي ايسن تائين هيڏي هوڏي چرندي به ناهي هن پکي جا چنبا باز جي چنبن جيان ٿيندا اٿس ۽ چنهب تمام تيز ٿيدي اٿس اهڙي نموني نظر به آسمان کان به پوندي اٿس .جتي ڍونڍ پيو هوندو آهي ڳجهه جو ماڳ مڪان به اتي هوندو آهي سر ڪيڏاري ۾ شاهه سائين هن طرح ذڪر ڪيو اٿس .

    ڳجهڙيون ڳارو راتو ڏينهان رڻ ۾

    ڀڻيو پڇن پاڻ ۾ ڪنهن منهن ڪيڏارو

    کائڻ کڳمارو ڪانئرو پيو ڪنو ٿئي .

    سيچاڻو هي شڪاري پکي آهي باز جي فيملي سان واسطو اٿس هميشه بک جي هوس ۾ هوندو آهي شينهن جيان گوشت کائيندو آهي اهو ئي سبب آهي جو شاهه سائين به کيس نيهن ۽ شينهن سان ڀيٽيو آهي پاڻ فرمائي ٿو ته

    نيهن سيچاڻو شينهن ٽنهين قصد ڪباب سين

    رات کاڌائون ڏينهن ته پڻ ڀوڻن بکيا .

    شڪرو هن پکي جو ڪٽب ڳجهه پکي سان آهي هي به گوشت خور پکي آهي سهڻي لطيف سندس ذڪر هن طرح ڪيو آهي

    هماءَ ڏي تون هل شڪرو ساڻ کڻي ​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو