خانبهادر قادر داد خان پٺاڻ خيرپور رياست جو پهريون وزيراعظم

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏16 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    خانبهادر قادر داد خان پٺاڻ خيرپور رياست جو پهريون وزيراعظم​

    [​IMG]
    ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو
    آغا قادر داد خان جو تعلق پٺاڻن جي ڪاڪڙ قبيلي سان هو، جن جو اصل وطن افغانستان آهي. شڪارپور ۾ افغانستان جا خان تڏهن کان اچي آباد ٿيا، جڏهن کان 1747ع ۾ شڪارپور ”دولت دُرانيه“ جي تابع ٿي ۽ مٿس افغاني گورنرن جو راڄ قائم ٿيو. 1824ع تائين انهن جو راڄ رهيو. ستهتر سالن جي انهيءَ عرصي دوران چوٽيهه گورنر وقت بوقت مقرر ٿيا. پهريون گورنر بوغرا خان نوروزئي هو ۽ آخري گورنر نواب منصور علي خان هو. شڪارپور ۾ افغاني راڄ ڌڻين کان علاوه عام ماڻهن جي آمد جا سبب اتان جي قبائلي رساڪشي، خانداني اختلاف ۽ سياسي عتاب جي نزول کان علاوه واپار جو سانگو پڻ معلوم ٿين ٿا. آغا قادر داد خان جا وڏا واپار جي سانگي سان شڪارپور آيا ۽ ڪِڙي عطا محمد خان ۾ اچي رهائش اختيار ڪيائون. مرزا قليچ بيگ لکي ٿو ته: ”آغا قادر داد خان جا وڏا اصل قنڌار کان آيل هئا، جي اچي شڪارپور ۾ رهيا. سندس پيءُ ۽ ڏاڏو ٻئي سوداگر هئا. اڳي گهڻا پٺاڻ سياري جي موسم ۾ قافلا ڪري ميوا ۽ ٻيو مال کڻي شڪارپور مان لنگهي سنڌ ۾ ايندا هئا ۽ گرميءَ جي موسم ۾ وري موٽي ويندا هئا. انهيءَ طرح هن جو پيءُ به آيو هو.
    آغا قادر داد خان، 16 جنوري 1844ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. سندس والد گل خان پٺاڻ سوداگر هو. هڪ دفعي هو سوداگريءَ جي سانگي پنهنجي اهل عيال کي شڪارپور ۾ ڇڏي دهليءَ روانو ٿيو. رستي ۾ ڦورن اچي کيس ورايو، جن کانئس مال ڦري قتل ڪري ڇڏيو. انهيءَ سانحي وقت آغا قادر داد خان اڃا ننڍڙو هو. والد جي سايي کان محروم ٿي وڃڻ کان پوءِ سندس سنڀال والده ۽ مامي رحمت خان جي نظرداريءَ هيٺ ٿي، جن سندس پالنا ۽ تعليم ڏانهن ڌيان ڏنو. چيو وڃي ٿو ته ننڍپڻ ۾ کيس فارسي ۽ عربي جي تعليم ڏيارڻ لاءِ ڪنهن ’خليفي‘ جي مدرسي ۾ ويهاريو ويو. انهيءَ زماني کي خيال ۾ رکي گمان ڪجي ٿو ته شڪارپور ۾ خليفي الهرکيي قريشي جو مڪتب تعليم جي حوالي کان مشهور هو. ٿي سگهي ٿو ته آغا قادر داد خان انهيءَ آخوند کان علم حاصل ڪيو هجي. خليفي الهرکيي جي پشت مان سندس پوٽو مولانا خليفو يار محمد قريشي مشهور استاد ٿي گذريو آهي. آغا قادر داد خان پندرنهن ورهين جي ڄمار تائين تعليم حاصل ڪئي.
    آغا قادر داد خان نومبر 1859ع تي شڪارپور جي ڪليڪٽر جي آفيس ۾ رڪارڊ ڪيپر مقرر ٿيو، جتي ٻه سال پورا ڪري، پهرين نومبر 1861ع تي ساڳي آفيس جي اڪائونٽس ڊپارٽمينٽ ۾ منشي ٿيو. 12 آڪٽوبر 1863ع تي انهيءَ ئي آفيس جي روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ منشي مقرر ڪيو ويو. اهڙي طرح لاڳيتا پنج سال ڪليڪٽر آفيس ۾ رهڻ کان پوءِ پهرين نومبر 1864ع تي ڊپٽي ڪليڪٽر آفيس شاهه بندر ڪراچي ۾ هيڊ ڪلارڪ جي حيثيت سان سندس مقرري ٿي. انهيءَ عهدي تي هڪ سال ڇهه مهينا ۽ ارڙهن ڏينهن فرض سرانجام ڏيڻ کانپوءِ 19 جولاءِ 1866ع تي کيس سيوهڻ جو مختيارڪار مقرر ڪيو ويو. 15 اپريل 1867ع تي کيس ساڳئي عهدي تي شاهبندر بدلي ڪيو ويو. 28 مئي 1867ع تي سندس مقرري هالا ۾ ڪئي وئي. هڪ سال اوڻيهه ڏينهن هالا ۾ مختيارڪار رهڻ کان پوءِ 17 جون 1868ع تي کيس شڪارپور جو ٽائون مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو، جتي 27 جون 1868ع تي کيس مختيارڪار جي اضافي چارج ڏني وئي. 27 اپريل 1869ع تي مختيارڪار جي عهدي تي کيس پڪو ڪيو ويو. 10 جون 1871ع تي ڪراچي ضلعي جي سيوهڻ تعلقي ۾ مختيارڪار جي حيثيت سان سندس مقرري ٿي. 13 مئي 1876ع تي ايڪسٽرا اسسٽنٽ ڪليڪٽر يا ڊپٽي ڪليڪٽر جي اضافي چارج سندس سپرد ٿي. 12 سيپٽمبر 1876ع تي سپرنري ڊپٽي ڪليڪٽر جي چارج پڻ کيس سونپي وئي، جيڪا پڻ خوش اسلوبيءَ سان قبول ڪيائين. 3 نومبر 1876ع تي کيس ايڪسٽرا اسسٽنٽ ڪليڪٽر جي ٻيهر چارج ڏني وئي. اهڙي طرح 20 جولاءِ 1877ع تي سيوهڻ جو فرسٽ ڪلاس مختيار ڪار مقرر ڪيو ويو. 3 آگسٽ 1877ع تي وري ايڪسٽرا اسسٽنٽ ڪليڪٽر جي ذميواري سندس سپرد ٿي. 3 نومبر 1877ع تي هو وري مختيارڪار جي منصب تي موٽايو ويو. 18 مارچ 1878ع تي وري کيس اضافي چارج ڏني وئي. 21 جون 1879ع تي کيس سيوهڻ جو ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو. 16 جون 1883ع تي نئين اسڪيل موجب ڇهين گريڊ ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو. انهيءَ عرصي دوران سندس طبيعت ناچاق ٿي پئي، جنهن ڪري 21 مارچ 1883ع کان 5 آگسٽ 1883ع تائين چار مهينا چوويهه ڏينهن ميڊيڪل گرائونڊ موجب موڪل تي رهيو. پهرين اپريل 1883ع تي پنجين گريڊ ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ٿيو. 6 آگسٽ 1883ع تي ساڳئي عهدي تي سندس مقرري حيدرآباد ۾ ٿي. پهرين جون 1892ع تي چوٿين گريڊ ۾ ترقي مليس. اهڙي طرح پهرين ڊسمبر 1892ع تي کيس ٿرڊ گريڊ ۾ ترقي ملي. پاڻ وري 9 مارچ 1893ع کان 8 جون 1893ع تائين ٻه مهينا ۽ نو ڏينهن حقي موڪل تي رهيو. 23 نومبر 1893ع تي وري کيس ترقي ملي ۽ سيڪنڊ گريڊ مليس. ان عرصي دوران پاڻ نوشهري ڊويزن ۾ هو.
    خيرپور ۾ وزيراعظم جي حيثيت سان مقرري:
    رياست خيرپور جو والي مير فيض محمد خان پنهنجي والد مير علي مراد خان جي وفات کان پوءِ 7 اپريل 1894ع/ پهرين شوال 2311هه تي عيد جي ڏينهن حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو. انهيءَ ڏينهن خيرپور ۾ هڪ وڏي جشن جو اهتمام ڪيو ويو هو، جنهن ۾ سکر جو ڪليڪٽر ۽ خيرپور جو پوليٽيڪل ايجنٽ جئلس صاحب پڻ شريڪ ٿيو هو، جنهن پڻ انهيءَ موقعي تي تقرير ڪندي مير فيض محمد خان سان هر قسم جي تعاون جو واعدو ڪيو، جنهن تان مير فيض محمد خان مسٽر جئلس جو شڪريو ادا ڪيو. مير صاحب جي منظوريءَ سان انگريز سرڪار آغا قادر داد خان کي رياست خيرپور جو وزيراعظم مقرر ڪيو. پاڻ انگريز سرڪار وٽ تمام هوشيار ۽ تجربيڪار عملدار طور گهڻو مان لهندو هو. وزيراعظم جي مقرريءَ کانپوءِ آغا قادر داد خان ڪمشنر صاحب ۽ پوليٽيڪل ايجنٽ جي راءِ کي به اهميت ڏيندو هو. سندس همعصر دور جو منشي ۽ تاريخ نويس خداداد خان لکي ٿو ته: ”هن اچڻ سان اڳوڻو انتظام بدلائي نئون نظام شروع ڪيو. ديوان اتمچند ۽ ٻيا منشي جي رياست جي سياح ۽ سفيد جا مالڪ بڻجي ويٺا هئا، تن سڀني کي ڪڍي، هر هڪ ڪم لاءِ الڳ کاتا کوليائين. مير صاحب جي شخصي ڪاروبار لاءِ جدا ڪئمپ شاهي جو عملو مقرر ڪيائين. ان کان علاوه ٻين مڙني کاتن ۾ به سڌارا آندائين. هڪ سئو کان وڌيڪ اسڪول قائم ڪيائين. خيرپور ۾ هنري سکيا گهر ۽ ديني مڪتب پڻ قائم ڪيائين، جن مان سوين شاگرد فيض حاصل ڪرڻ لڳا. ڍل ۽ پيدائش توڙي بٽئي جو سرشتو سڌاريائين. ڪيترائي کوهه کوٽايائين. پڪا رستا جوڙائي، واهن مٿان پليون تعمير ڪرايائين، جنهن ڪري رياست جي پيداوار پنجن لکن مان وڌي پندرهن لک ٿي وئي. وڏيون وڏيون عمارتون تعمير ڪرائي، خيرپور جي خوبصورتي ۾ اضافو آندائين. چيو وڃي ٿو ته فيض محل به آغا قادر داد خان ئي جوڙايو هو. رياست ۾ هڪ شاندار لائبريري قام ڪري، ان لاءِ عمارت ٺهرايائين. صحت لاءِ هڪ اسپتال ۽ چار ڊسپينسريون قائم ڪيائين. شاگردن جي رهائش لاءِ هاسٽلون تعمير ڪرايائين. 1900ع ۾ خيرپور ۾ غاليچن اڻڻ جو ڪارخانو قائم ڪيائين، جنهن ۾ بهترين سکيا لاءِ امرتسر کان استاد ڪاريگر گهرائي رکيا ويا. انهيءَ ڪارخاني مان ڪيترائي ٻالڪ سکيا حاصل ڪري وڏا ڪاريگر ٿيا. ان کان علاوه موجوده ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان اَن جي ذخيري کي محفوظ ڪرڻ لاءِ گدام جوڙايائين. سندس ايامڪاريءَ دوران رياست خيرپور جي روينيو پيدائش سالئون سال وڌندي رهي. سن 1903ع ۾ اها تيرنهن لک ڇهه هزار رپيا ٿي. ان عرصي دوران انجنيئري کاتو قائم ڪيائين. سٺيي واهه مان فيض واهه، فيض بخش، فيض گنج، فيض نهر ۽ فيض موج شاخون ڪڍايائين.
    ”سنڌ مدرست الاسلام“ (ڪراچي) کي سالياني گرانٽ ڇهه هزار رپين سان گڏ ڏهه هزار رپيا الڳ هاسٽل جي لاءِ ڏنائين. سماجي، زرعي، تعليمي، طبي ۽ هنري خدمتن سبب خاص ۽ عام ماڻهن جي دلين ۾ سندس مانُ مرتبو وڌندو رهيو. هر ڪو کيس عزت ۽ احترام سان ڏسندو هو. سندس نيڪ نامي، ڏاهپ، قابليت توڙي همت کي ڏسي ڪي مير ۽ خود مير فيض محمد خان به ساڻس حسد ڪرڻو لڳو ۽ وقت بوقت انگريز سرڪار وٽ سندس خلاف لَب ڪُشائي ڪئي پئي وئي پر سرڪار وٽ سندس تدبر ڀرين فيصلن ۽ اعليٰ قدمن سبب سندس رُتبو ۽ منزلت قائم رهيا.
    پهرين جنوري 1903ع تي جڏهن وائسراءِ لارڊ ڪرزن دهلي درٻار جي تخت تي ويٺو، تڏهن هڪ خاص جلوس جو اهتمام ڪيو ويو هو. انهيءَ موقعي تي هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان نواب، راجا ۽ مهاراجا اچي شريڪ ٿيا هئا. درٻار ۾ سڀئي نواب ۽ راجا سلامي پيش ڪرڻ کان پوءِ هاٿين تي سوار ٿي جڏهن جلوس جي صورت ۾ نڪتا، تڏهن سڀ کان پهرين وڏي هاٿي تي لارڊ ۽ ليڊي ڪرزن سوار ٿيا. هڪ پاسي کان ڊيوڪ آف ڪئناٽ هو ته ٻئي پاسي کان لارڊ ڪچنر جا هاٿي هئا. انهن جي پويان حيدرآباد دکن جي نظام جو هاٿي هو، جنهن کان پوءِ ٻيا نواب ۽ راجا هاٿين تي سوار هئا. انهيءَ جلوس ۾ خيرپور رياست جي والي مير فيض محمد خان جي شرڪت لاءِ آغا صاحب هندستان جي ”بلند“ شهر مان هڪ عمدو هاٿي خريد ڪيو هو. ان جو سمورو ساز ۽ سامان پڻ تيار ڪرايو هئائين پر افسوس جو مير فيض محمد خان علالت سبب انهيءَ هاٿي تي سواري ڪري نه سگهيو هو. درٻار ۽ جلوس جي موقعي تي آغا صاحب پنهنجي قائم ڪيل ڪئمپ جو پڻ بهترين انتظام ڪيو هو. انهيءَ ڪئمپ ۾ ٻين همعصر رياستن جا نواب ۽ راجا مير فيض محمد خان سان اچي ملندا ٿي رهيا.
    انگريز سرڪار آغا قادر داد خان کي سندس انتظامي هوشياري، مثالي ايمانداري، غير معمولي وفاداري ۽ ڪامياب عملداري جي مڃتا طور 1892ع ۾ ’خانبهادر‘ جو اعزاز عطا ڪيو. اهڙي طرح 1897ع ۾ انگريز سرڪار پاران کيس سي آءِ اي (Companion of the order of the Indian Empire) جو خطاب عطا ڪيو ويو. انهن لقبن عطا ٿيڻ کان پوءِ هو ’خانبهادر قادر داد خان‘ سڏجڻ لڳو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو