ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!
مهرباني توهان جي ۽ ادا جهاندا سمون جي جنهن توهان جهڙي مور ماڻهو کي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جو ڏس ڏنو، پيارا هاڻي بيتاب توهان جو نالو آهي يا لقب آهي يا تخلص آهي جيڪڏهن تفصيل سان لکو ها ته اسان اڻ ڄاڻن کي خبر پوي ها، ان کان علاه ڀائو بيتاب توهان لکيو ئي ڪونه ته توهان سنڌ جي ڪهڙي شهر سان تعلق رکو ٿا، توهان جي تعليم ڪيتري آهي، توهان جِي وندر وروند ڪهڙي آهي، خير مان پنهنجي دل جي گهرائين سان سنڌ سلامت جي پوري سٿ طرفان توهان کي ڀليڪار ٿو چوان ۽ اميد ٿو ڪريان ته سنڌ ڌرتي جي خدمت هن محبتي اڱڻ تان پنهنجي هڙان ۽ وڙان ڪندا۔ توهان جو دعاڳوجيئي لطيف۔۔
ادا هن تمام پياري فورم جي باري ۾ جهانداد سمون آگاه ڪيو
جس هجي سنگت کي جنهن سنڌي ڀائرن کي هن پليٽ فارم تي گڏ ڪيو آهي
توهان سڀني جا لک ٿورا۔
مهرباني
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
حق لطيف
مٺا ماڻهو ۔۔ قربائتي موٽ جي وڏي مهرباني۔
جواب عرض آهي۔۔
بيتاب تخلص آهي ۔۔
رهائش فردوس آهي۔۔
پيشو دلسوز آهي۔۔
تعليم هلي پئي۔۔
ڄاڻ جو ملي پئي۔۔۔
بيتاب جي معني ڪئي ويندي آهي، پريشان ۽ اڻ تڻ ۾ ورتل انسان، بيتابي مختلف قسمن جي هوندي آهي، هڪ پيار جي بيتابي جنهن ۾ ماڻهون ڪڏهن مرندو آهي ته ڪڏهن جي اٿندو آهي، ڪڏهن اسمان جو سير ته ڪڏهن پاتال ۾ هليو ويندو آهي ، ٻيون بيتابيون به ٿينديون آهن، جنهن ۾ کاڌي کائڻ کانپو پيٽ ۾ مروڙن جي بيتابي ۔۔۔۔ خئير اڃان به گهڻيون بي تابيون آهن، پر اسانجو هي مٺڙو دوست ڪهڙي قسم جو ” بيتاب “ جي اها خبر پوي ته من ڪو اسانکي به بيتابي کان ڇوٽڪارو ملي،
دل جي گهراين سان ڀليڪار هر انهي سنڌ سڄڻ کي جيڪو هن اڱڻ تي اچي سنڌ ۽ لطيف جو نعرو هڻي ٿو ۔۔۔ اميد ته بيتاب جي سنڌ سلامت جي دوستن سان خوب گذرندي ۔۔۔ بس اوهان جهانداد جيئان هن اڱڻ کي پنهنجو اڱڻ سمجهندا ۽ دوستن سان ڪجهه سکڻ ۽ ڪجهه سيکارڻ واري انداز سان دوستي پڪي ڪندا ۔۔۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
رب اوهانکي ڪوسي وا کان بچائي ۔۔۔ آمين
مست پريشان نه ٿئي ته ٻيو ڇا ٿئي۔۔؟
دوستو مونکي سنده سلامت جي ويب سائيٽ ۾ هلائڻ ۾ ٿوري تڪليف پئي ٿي ڪنهن دوست کي ٽائيم هجي ت مونکي ٿورو سمجهائي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
مهرباني