تمام بهترين شعر ۽ ڊزائن آهي۔۔۔
پر يار ڳالهه ته ٻڌ
کسي منهنجي مُرڪ۔۔۔۔ گم ٿي ويا رومال ۾۔
هاڻي پهرين لُڙڪ نڪتا پوءِ مرڪ کسجي،، مطلب ته ڪم اُبتو آهي، نه ته عام طور تي پهرين مُرڪ ختم ٿيندي آهي، شڪل روئڻهارڪي ٿيندي آهي ۽ پوءِ لڙڪ وهندا آهن۔۔۔۔
ادا لڙڪن سان ڪير پهچيندو هنن جي مرضي آهي
توکان ٿيندي ڌار
کلندي کلندي يار
لڙڪ لهي پيا لار ڪري
وري سميع بلوچ پيو چوي
جڏهن مون هن کان پڇيو او سائين
مون کان وڇڙي ڪيئن پئي ڀائين
هوء به کلي پئي مان به کلي پيس
کلندي کلندي روئي ڏنائين
ادا مست لڙڪن جو ڪو دين ايمان ڪون هوندو آهي۔۔
اهي ته خوشي جي موقعي تي به اچي پيش پوندا آهن۔۔۔
هي سٽون پڙه۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
مونکان پري ڏس ڪيئن ٿو ڀائين۔۔۔۔۔۔۔
کلندي کلندي روئي ڏنائين۔۔۔۔۔۔
انسان کلندي کلندي به بعزاوقات روئي پوندا آهن۔۔۔
شايد هي سٽون پڻ انهي ڳالهه جي عڪاسي ڪن ٿيون۔۔۔
حق لطيف