توهان پنهنجي لينڊ لائين يا وي وائرليس پي ٽي سي ايل ڪنيڪشن جو بل آنلائين ڏسي سگهو ٿا، ان لاءِ اوهان پي ٽي سي ايل جي ويب سائيٽ تي وڃي سپورٽ جي مينيو ۾ View/ Print Duplicate Bill جي آپشن تي ڪلڪ ڪري يا وري ڊائريڪٽ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري پيج کوليو۔۔ جنهن کان پوءِ اوهان کان پي ٽي سي ايل ڪنيڪشن جو نمبر ۽ ڪسٽمر جي اڪائونٽ آءِ ڊي گهري ويندي ۔۔ (اڪائونٽ آءِ ڊي اوهان جي بل ۾ ساڄي پاسي لکيل هوندي آهي) ان کان پوءِ اوهان جي بل جو پيج سامهون اچي ويندو۔ ٽپ نمبر هڪ: بل کي ڏسڻ سان گڏ اوهان ان جي پرنٽ به ڪڍي سگهو ٿا۔ ان جي لاءِ پيج جي مٿئين پاسي Print Page جو بٽڻ به ٺهيل هوندو ان تي ڪلڪ ڪريو۔۔ ٽپ نمبر ٻه: جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته اڳتي اوهان کي پنهنجو بل ڏسڻ لاءِ اڳتي اڪائونٽ آءِ ڊي ۽ نمبر جي اينٽري نه ڪرڻي پوي ۽ ڊائريڪٽ ئي اهو بل وارو پيج کلي وڃي ته ان لاءِ اوهان انهيءَ بل واري پيج کي پنهنجي انٽرنيٽ ايڪسپلورر ۾ Favourite ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو۔ هينئر اميج اپلوڊنگ ۾ مسئلو هجڻجي ڪري مان اوهان سان تصويري صورت ۾ هي ونڊ نه ٿو ڪري سگهان۔
جواب: پنهنجي فون جو بل آنلائين ڏسو۔۔ مست چئبو ته تو واري مستي وڃي پي ٽي سي ايل تائين پهتي، ٻيو سڀئي سمجهي ويس پر يار تو واريون ٽِپُون، مون پٺاڻ دماغ واري جي سمجهه ۾ الائي ڇو نٿيون اچن جڏهن به ڪو سنڌ سلامت جو دوست ٽِپِ جِي ڳالهه ڪندو آهي ته دُماغ ڦري حيدرآباد جي حيدر چوڪ تي قائم چائنيز هوٽل جي ٻاهران ٻيٺل مُڇن واري مُڇو تي بيهندو آهي جيڪو سدائين هوٽل مان ٻاهر نڪرندڙ هوٽلائين کي ٽِپِ واسطي ڪُرڙين اکين سان ڏسندو آهي۔
جواب: پنهنجي فون جو بل آنلائين ڏسو۔۔ سائين هاڻي ڳالهه سڌي آهي۔۔ جنهن جو جتي وڌيڪ وقت گذرندو آهي اتي جي يادگيري وڌيڪ ايندي آهي، >:d<
جواب: پنهنجي فون جو بل آنلائين ڏسو۔۔ متبل اهو ٿيو ته اڄڪلهه تنهنجو وقت پي ٽي سي ايل جي ڪنهن آفيس ۾ پيو گُذري تڏهن پيو آن لائين بل جون ڳالهيون ڪرين ڀائو مُبارڪون هُجن توکي جو پي ٽي سي ايل جي ڪا ڪُرسي شايد توکي نوڪري جِي صورت ۾ ملي وئي آهي۔ باقي جيڪڏهن تنهنجو اشارو مون ڏانهن آهي ته منهنجو زياده تر وقت حيدر چوڪ تي قائم چائينيز هوٽل ۾ ٿو گُذري ته ڀليو آهين ڀائو، منهنجو وقت واقعي انهي هند تي زياده تر صرف انهي صورت ۾ گُذرندو آهي جو چائينيز هوٽل جي بلڪل سامهون گُلشن پبليڪيشن وارن جا ٻه ڪتابن جا گاڏا چائينيز هوٽل جي سامهون بيٺا هوندا آهن، انهن گاڏن تي آئون ڪو سنڌي ادبي ڪتاب ڪو شاعري جو ڪتاب، ڪو ڪهاڻين جو ڪتاب وٺڻ لا ڪتاب جِي ورق گرداني ضرور ڪندو آهيان ڪڏهن انهن ڪتابن کي خريد ڪرڻ لا ڪتاب جي قيمتن ۾ ڇڏ ڇڏا به ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، ان ڪري لازمي آهي ته منهنجي نظر سامهون چائنيز هوٽل مان نڪرندڙ هوٽلائي ۽ هوٽل جي ٻاهران بيٺل مُڇن واري مُڇو تي ۽ ٽپ وٺڻ واري ان جي ڪُرڙي اکين تي ۽ ان جي اٽينشن واري زبردست قسم جي سيلوٽ تي ضرور پوندي آهي ۔ سو واقعي سچو آهين جڏهن به حيدرآباد ايندو آهيان ته منهنجوزياده تر وقت حيدر چوڪ تي چائينز هوٽل جي سامهون گُلشن پبليڪشن جي گاڏن تي ضرور گُذرندو آهي۔
جواب: پنهنجي فون جو بل آنلائين ڏسو۔۔ نه ادا ڪسٽمر آءِ ڊي الڳ آهي ۽ اڪائونٽ آءِ ڊي الڳ آهي، مون وٽ بل جي ڪاپي تي لکيل ڏسڻ ۾ اچي پيو۔۔ ان کان علاوه ايريا ڪوڊ لکڻجي ضرورت نه آهي۔ فقط فون نمبر لکو۔۔
جواب: پنهنجي فون جو بل آنلائين ڏسو۔۔ سمورو بل نمبرن سميت پڙهيم ورتم، پر ڇپڪور کي ڪٿي به اڪائونٽ آئي ڊي نظر نه آئي.
جواب: پنهنجي فون جو بل آنلائين ڏسو۔۔ معاف ڪجو ادا مست، هتي نوابشاهه ۾ شايد اڻويهه سو اوندهه وارو فارميٽ پيو هلي. جنهن ۾ ڪٿي به اڪائونٽ آئي ڊي نظر نه پيو اچي.
جواب: پنهنجي فون جو بل آنلائين ڏسو۔۔ توهان وٽ لينڊ لائين ڪنيڪشن آهي يا وي وائرليس۔۔؟ ٿي سگهي ٿو وي وائرليس ۾ هي سهولت نه هجي۔۔؟
جواب: پنهنجي فون جو بل آنلائين ڏسو۔۔ ادا پوءِاوهان پي ٽي سي ايل جي لوڪ ايڪسچينج آفيس سان رابطي ۾ اچو ۽ اڪائونٽ آءِ جي باري ۾ انهن کان پڇو يا وري ويب سائيٽ تي وڃي سندن هيلپ لائن جو نمبر نوٽ ڪري انهن کان معلوم ڪريو