هڪ ڪنجوس جو پٽ امتحان ۾ پاس ٿي ويو، جڏهن واپس گهر اچي پيءَکي پاس ٿيڻجي خبر ٻڌايائين ته اهو خوش ٿيڻ جي بجاءِکيس مارڻ شروع ٿي ويو۔۔۔ پاڙي وارو گذريو ته ان پڇيس۔۔ ڇو ٿو مارين پنهنجي پٽ کي۔۔ ڪنجوس ٻڌايس ته نڀاڳو پاس ٿي آيوآهي۔۔ پاڙي وارو : پوءِته اوهان کي خوش ٿيڻ گهرجي، ماريوس ڇو ٿا۔۔؟ ڪنجوس: ڇوري کي مان چيو هو ته نڀاڳا هي ڪتابَ توکي 3 سال هلائڻا آهن، هاڻي هي نڀاڳو ته پاس ٿي ويو، هنن ڪتابن جو ڇا ڪندس۔۔۔
جواب: ڪتاب بلڪل ادا ڪنجوسن جا پنهنجا رنگ آهن۔ پر يار مست اردو ڀوڳ جو ترجمون ڪرين ته ٺيڪ ٺاڪ ڪندو ڪر، اسان وٽ ڪتاب جِي جمع ڪتابَ ٿيندا، ڪتابون بقول تنهنجي هلائبيون آهن پر پيارا ماڻهوڪتابَ هلائبا آهن۔ جانم سمجها ڪرو بات هي زماني ڪي۔
جواب: ڪتابون۔۔۔ هائو يار! هن مهانگائي جي زماني ۾ ڪتاب وٺڻ به ته مسئلو آهي، ڪنجوس ته ڪنجوس ڪڏهن ڪڏهن پاڻ به سوچيندا آهيون ته 12 جماعت تائين هڪ ئي يڪو ڪتاب هجي ها ته ڪيترو نه ڀلو ۔۔۔۔ پر هر ڳالهه ائين به ته ناهي ٿيندي جيئن پاڻ سوچيندا آهيون ۔۔۔ ٽوٽڪو سمجهداري وارو آهي ۔۔۔ ڪي سمجهو سمجهن ۔۔۔