السلام عليڪم دوستو هيٺ ڏنل لنڪن تان اوهان اهل سنت جي مشهور عالم اسلام جي مشهور شخصيت امام غزالي جو تصنيف ڪيل تاريخي ڪتاب احياءُ العلوم اردو ترجمي سان ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا جيڪو تفسير، فقهه ۽ حديثن جو بهترين مجموعو آهي۔ ڪتاب ٽن لنڪن تي مشتمل آهي جن مان توهان الڳ الڳ جلد ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا۔ لنڪ پهريون جلد پهريون (سائيز 43 ميگابائيٽ) لنڪ ٻيون جلد ٻيون (سائيز 40 ميگابائيٽ) لنڪ ٽيون جلد ٽيون (سائيز 44 ميگابائيٽ) ڪتاب جو ٽائٽل پيج
جواب: احياءُ العلوم اردو ترجمي ۾ ادا مست هي ته اوهان لا جواب ڪم ڪري ڇڏيو۔ ڀلا ڏيو خبر اوهان ڪجهه ان عظيم ڪتاب مان ضرور پرايو هوندو۔
جواب: احياءُ العلوم اردو ترجمي ۾ بس ادا ڪتاب تي نظر پئي ته اوهان دوستن جي ياد آئي، ان ڪري توهان جي لاءِونڊ ڪيم۔۔ ڪتاب ته کوڙ آهن پر پرائڻوارا گهٽ آهن ادا۔۔۔ بس الله ساڃهه ڏيئي ماڻهن کي
جواب: احياءُ العلوم اردو ترجمي ۾ ادا مست اوهان جي وڏي مهرباني۔۔۔۔ امام غزالي رحمته الله عليه جن جو ڪتاب احيا العلوم اسان سان ونڊ ڪيو۔۔۔ لک قرب ادا
جواب: احياءُ العلوم اردو ترجمي ۾ تمام سٺي شيئرنگ آهي اسڪول جي زماني وڏي شوق سان خريد ڪري پڙهيو هئم جيڪو اڄ به ڳوٺ جي لائبريري ۾ موجود آهي هن ڪتاب مان تمام گهڻو فائدو ٿيو
جواب: احياءُ العلوم اردو ترجمي ۾ ادا اهڙي پياري شيرنگ تي اوهان جس لهڻو اوهان کي الله ان جو اجورو عطا ڪندو جيڪڏهن ڪنهن دوست ٿورو به فائدو حاصل ڪيو هن شيرنگ ڪيل ڪتاب مان ته يقينا اوهان کي به ثواب ملندو.