• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مستقبل جي ٻوڏن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪهڙي تياري هجڻ گهرجي؟

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
منوج ڪمار

هيءَ ٻوڏ ڪو نه ختم ٿيندڙ ڀوائتو خواب ٿو لڳي، جنهن جو ڪو انت ٿيندي نظر نه ٿو اچي. جڏهن اڃان ڪنهن هڪ شهر ٻڏڻ جي حادثي جي صدمي مان ٻاهر ئي نه ٿو نڪرجي ته وري ڪنهن ٻئي شهر، ڳوٺ، وسندي جي پاڻي هيٺ اچڻ جي خبر ڪر کڻي سامهون اچيو بيهي ٿي رهي. اڃان اتر سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن جي تباھ ٿيڻ جون خبرون ئي پوريون نه ٿيون ته مٿان وري لاڙ جي تباهي جا داستان شروع ٿي ويا. اڃان انهن جي بربادي جا قصا هلي رهيا آهن ته منڇر جي ڪنارن تي وسندڙ علائقن جي ٻڏڻ جا اعلان شروع ٿي ويا آهن. تباهي ۽ بربادي جو اهو سلسلو وڃي ڪٿي ختم ٿيندو، اها اڃان ڪنهن کي به خبر ڪونهي. اڃان ته پاڻي کي ڪو سڌو سنئون گس ئي ڪونه مليو آهي. ڀلي پاڻي کي گس ملي وڃي ۽ پاڻي هيٺ آيل علائقا وري پنهنجي اڳ واري حالت ۾ اچن ته ڪو ڪاٿو لڳائي سگهجي ته هيءَ ٻوڏ سنڌ کي ڪيترو گهرو چهڪ ڏئي وئي آهي. مون کي خبر ڪونهي ته سنڌ کي ٿيل انهي نقصان جو ڪاٿو اسان روپين پئسن ۾ لڳائي سگهنداسين به يا نه، جو هيءَ ٻوڏ نه رڳو بيٺل فصلن، دڪانن ۾ پيل وڙن، گهرن ۾ پيل سامانن ۽ وٿاڻن ۾ بيٺل جانورن کي ختم ڪري وئي آهي پر انهيءَ سان گڏوگڏ ماڻهن جون سالن جون ڪيل ڪمايون، پگهر ۽ پورهيا به لوڙهي وئي آهي. هن مهانگائي جي دور ۾ ماڻهو وري پنهنجي اصلوڪي حيثيت تي واپس اچي سگهندا يا نه، اهو هڪ اهڙو سوال آهي، جنهن جو جواب ڪنهن وٽ به ڪونهي. اڃان ته ماڻهو دربدري جي عذاب ۾ آهن. اُهي جڏهن پنهنجن ماڳن ڏانهن واپس ورندا ته سندن لاءِ بچيل هوندو به ڇا؟ وٽن ته شهرن جا رستا به ڪونه هوندا، جو اهي رستا ٻيڙين جي گذر گاهن بڻجڻ کانپوءِ پنهنجي شڪل وڃائي ويٺا آهن. اهي گهٽيون به ڪونه هونديون، جو انهن مان ڪافي گهر پٽ پئجي چڪا هوندا ۽ انهن گهٽين جي شڪل ئي تبديل ٿيل هوندي. انهن کي ته اهي پاڙيسري به شايد نه ملن، جو انهن مان گهڻا هاڻ ڪن اڻڄاڻ ماڳن جا مڪين ٿي ويا هوندا. اهي ته پنهنجي گهرن ۾ بي خوف ٿي ننڊ نه ڪري سگهندا، جو انهن گهرن جون پاڙون پاڻي پائي ويو هوندو. اهي پنهنجا ڌنڌا ڌاڙيون به شروع ڪري ڪونه سگهندا، جو نه ته وٽن هاڻي پونجي رهي هوندي، نه وکر ۽ نه وري گرهاڪ. لکين ماڻهن کي دربدر ڪرڻ سان گڏوگڏ هيءَ ٻوڏ سنڌ جي معشيت، آبپاشي جي نظام، رابطن جي ذريعن، تاريخي ماڳن ۽ جنگلي جيوت کي اهڙو ته ڪاپاري ڌڪ هڻندي پئي وڃي، جنهن جو سور سنڌ کي سالن تائين سهڻو پوندو.

هيتري ساري تباهي ٿيڻ کانپوءِ ڇا اسان اها اميد رکي سگهون ٿا ته هيءُ جيڪو ڪجهھ ٿيو، سو بس هڪڙو خراب سال هو ۽ اسان ايندڙ سالن ۾ ايترو گهڻو پاڻي وري ڪونه ڏسنداسين؟ ڇا اسان اهو اطمينان ڪري سگهون ٿا ته ايتري وڏي پيماني جي ٻوڏ سنڌ ۾ وري ويجهي مستقبل ۾ ڪونه ايندي؟ پر شايد اسان اهو به اطمينان نه ٿا ڪري سگهون. سڄي دنيا ۾ موسمن تي نظر رکندڙ ماهر ۽ ادارا هاڻ انهيءَ تي متفق آهن ته هي جيڪي ڪجھه ٿيو، سو ڪو هڪڙي ڀيري جي ڳالھه ڪونهي، پر اهو هڪ سلسلو آهي جيڪو ڪجھه سالن تائين جاري رهندو. سيٽلائيٽ ذريعي سڄي دنيا جي موسمن تي اک رکندڙ آمريڪي خلائي اداري ناسا جو به اهو رايو آهي ته پاڪستان ۾ پوندڙ اوچتا مينهن ۽ انهيءَ جي نتيجي ۾ تيزي سان ايندڙ ٻوڏ ڪو اتفاقي عمل ڪونه هيو، پر موسمن جي تبديلي جو هڪ سلسلو آهي، جنهن کي هو لا نينا سڏين ٿا. اسان مان گهڻن ال نينو جو موسمي اثر شايد ٻڌو هجي. ال نينو ۽ لا نينا ٻئي اسپيني ٻولي جا لفظ آهن. ال نينو جي معنيٰ ڇوڪرو ۽ ۽ لا نينا جي معنيٰ ڇوڪري آهي. پر موسمن جا ڄاڻ رکندڙن ماهرن لاءِ اهي ٻئي لفظ موسمن جي تبديلين جي ٻن مختلف اثرن کي ظاهر ڪن ٿا. ال نينو ۽ لا نينا پئسفڪ سمنڊ ۾ پيدا ٿيندڙ ٻن ابتن موسمي لاڙن جا نالا آهن. اهي واري وٽي سان پنجن پنجن سالن لاءِ ٿيندا آهن. ال نينو واري عرصي دوران پئسفڪ ۾ گرمي پد وڌي ويندو آهي ۽ هوا جو دٻاءُ وڌي ويندو آهي. انهيءَ جي ڪري وري اسان جي علائقن ۾ مينهن گهٽجي ويندا آهن ۽ سوڪهڙو ايندو آهي. لا نينا انهيءَ جي ابتڙ آهي. انهي عرصي دوران پئسفڪ ۾ گرمي پد گهٽجي ويندو آهي ۽ هوا جو دٻاءُ به انهي سان گهٽجي ويندو آهي. انهي سان وري اسان جي علائقن ۾ مينهن جو مقدار وڌي ويندو آهي ۽ ٻوڏون اينديون آهن. اسان وٽ به اترين علائقن ۾ جيڪو مينهن مون سون جي مند ۾ ٻن مهينن ۾ پوندو، اهو هفتي ۾ پئجي ويو ۽ افغانستان ۽ ڪوھ سليمان وارن علائقن ۾ پوندڙ مينهن جي ڪري اتي نيون تيزي سان وهي ڪابل درياءَ ۽ انهي مان سنڌو ۾ اچي پيون، جنهن سان پختونخواهه ۾ اوچتي تيز ٻوڏ اچي وئي، جنهن سان وڏو جاني نقصان ٿيو. اهو پاڻي جڏهن سنڌو ۾ آيو ته ڪوھ سليمان مان ايندڙ پاڻي به انهيءَ ۾ شامل ٿي ويو، جنهن سان سنڌ ۾ هيءَ تاريخي ٻوڏ آئي آهي. لا نينا وارو اهو اثر گهٽ ۾ گهٽ 2013ع تائين رهندو. انهيءَ جو مقصد ته انهيءَ جا تمام گهڻا امڪان آهن ته اسان وٽ ايندڙ اڃان ٽن سالن تائين انهن ٻوڏن جو خطرو آهي. نه فقط اهو پر عالمي گرمي پد ۾ مسلسل واڌ سبب هماليه ۾ موجود گليشئر جي ڳرڻ جو سلسلو به تيز ٿي ويندو. اهي گليشئر ئي سنڌو ۾ پاڻي جو ذريعو آهن. انهن جو تيزي سان ڳرڻ جو مقصد آهي ته سنڌو ۾ پاڻي جي مقدار ۾ اضافو. اهو پڻ سنڌو ۾ ايندڙ ڪيترن ئي سالن تائين ننڍي سطح جي ٻوڏ واري حالت برقرار رکندو. ذهني طور تي اسان کي انهي لاءِ تيار ٿيڻ کپي ته اسان لاءِ اها ٻوڏ واري صورتحال ايندڙ ڪجهه سالن تائين رهندي. اسان کي انتظامي طور تي تياري به ڪرڻي پوندي. انهن ۾ پاڻي کي محفوط طريقي اڪلاءَ، وڌيل پاڻي کي ننڍن ڊيمن ۾ گڏ ڪري انهي کي غير آباد علائقن کي آباد ڪرڻ جا منصوبا، ڪنهن امڪاني تباهي جي لاءِ تياري، ماڻهن کي خطرن کي منهن ڏيڻ جي سکيا، سنڌو ۾ ٻوڏن کي وڌائيندڙن سلسلن يعني زمينداري بندن جو خاتمو، ڪچي ۾ ٻيلن جي وري واڌ، بندن جي اوچائي ۾ اضافو ۽ انهن کي مضبوط ڪرڻ وارن عملن کان وٺي آبپاشي واري کاتي جي نئين جوڙجڪ ۽ انهي ۾ قابل ۽ ايماندار ماڻهن جي مقرري شامل آهي.

جيتوڻيڪ هن ٻوڏ سنڌ جي اتر، لاڙ ۽ ڪاڇي سميت سڀئي جاگرافيائي خِطا متاثر ڪيا، پر حيرت انگيز طور تي وچولي سنڌ ٻوڏ جي تباهين کان بچي وئي. انهي ۾ يقينن مٽياري ۽ هالا مان چونڊيل نمائيندن ۽ سنڌ جي هڪ وڏي روحاني سلسلي جي سربراھ مخدوم امين فهيم ۽ مخدوم جميل زمان جو وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. اسان وٽ گهٽ ۾ گهٽ ڏھ کن اهڙيون روڻيون پيون، جن مان ڪا هڪ به انهيءَ سپر فلڊ واري عرصي ۾ وچولي سنڌ ۾ ايترو نقصان ڪري ها، جيڪا موجود تباهي کان ڏهوڻ تي وڌيڪ هجي ها. پر محنت، سچائي سان مخدوم خاندان هن خطرناڪ ٻوڏ جي پاڻي کي پنهنجي علائقي مان گذاريو. جنهن سان لکين خاندان دربدر ٿيڻ کان بچي ويا ۽ مٽياري، سانگهڙ، ٽنڊوالهيار کان وٺي ميرپور خاص تائين ماڻهو اربين رپين جي نقصان کان بچي ويا. اهو هڪ ڪامياب تجربو آهي، جيڪو ميڊيا جي توجهه کان رهجي ويو. انهيءَ کي به اسٽڊي ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن انهيءَ تجربي مان فائدو وٺي سنڌ جي ٻين علائقن جي ڪروڙين ماڻهن کي مستقبل ۾ بچائي سگهجي.

mnojhalai@yahoo.com


ڪاوش جي ٿورن سان
 
Back
Top