ٻوڏ متاثرن کي پينڙات نه بڻايو!

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏19 سيپٽمبر 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سنڌ ۾ آيل تاريخ جي بدترين ٻوڏ جتي گهر گهاٽ، فصل ۽ انفرا اسٽرڪچر کي لوڙهي ويئي آهي، اتي گڊ گورننس جون سرڪاري دعوائون به ٻوڏ ۾ لڙهي ويون آهن. ماڻهو حڪومتي اعلانن تي ڪئمپن ۾ ته پهتا آهن، پر اهي اتي پهچي پڇتائي رهيا آهن. ڪئپمن ۾ ڪي به سهولتون ناهن. ماڻهن کي خيرات تي هيرائي پينڙات بڻائڻ ۾ ڪابه ڪسر نه پئي ڇڏي وڃي. جيڪي هاري ۽ هنرمند گهڻي عرصي تائين بيروزگار رهي خيرات جي ڀت تي هري ويندا، انهن کان اهو فن به ڇڏائجي ويندو. لاتعداد ٻوڏ متاثر ماڻهو ڪئمپن کان ٻاهر روڊن رستن تي کليل آسمان هيٺ زندگي پيا گذارين پيا، جن کي سرڪاري امداد به نٿي ملي، اهي بک ۾ بيحال ٿي پنڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن. سنڌ جي ماڻهن جي هڪ وڏي تعداد کي پنڻ تي هيرايو پيو وڃي. سنڌ حڪومت جي اختيار ڌڻين کي گذارش آهي ته، ٻوڏ متاثر ماڻهن جي عزت نفس جو خيال ڪيو وڃي، ماڻهن کي روزگار جا ذريعا فراهم ڪيا وڃن. ڪئمپن ۾ موجود عورتن کي مختلف هنرن جي سکيا ڏيئي روزگار لائق بڻايو وڃي، مردن کي مختلف صنعتي ادارن ۾ روزگار فراهم ڪيو وڃي.

    جاني پياسي/ميرپور ساڪرو


    ڪاوش
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو